نئون ديرو(ن پ ا) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اسٽيٽ جي مينيجر عنايت عمراڻي ۽ هارين سان گڏجي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي پنهنجي ڏاڏي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجي شهيد والد مير مرتضيٰ ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، پنهنجي پڦي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، پنهنجي چاچي شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضريون ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري دعا گهري. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مزار تي اچڻ وقت ٻاهران وهيل چيئر تي ويٺل معذور سان ملي خيرت معلوم ڪئي ۽ کيس خرچي پڻ ڏني.