ثقافتي تهوار هولي

0
213
ثقافتي تهوار هولي

 هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونيورسٽين ۾ هولي ملهائڻ تي بندش هنئي وئي، جيڪا سخت تنقيد بعد واپس ورتي وئي آهي. هولي ملهائڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ هولي جو تهوار زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکي ٿو ۽ اهو سيڪيولر ثقافتي پسمنظر هن تهوار جو خوبصورت تعارف آهي. هي ڏڻ بهار جي موسم ۾ اچي ٿو، ۽ هڪ لحاظ کان هي موسمي تهوار به آهي. چيٽ جي ڦوٽهڙو ٿئي ٿو ۽ وڻن ٻوٽن ۾ گئونچ نسرن ٿا. واهوندن جي واهيرن ۾ هي بسنت رت هولي جهڙا رنگ روپ کڻي پورن ماسي جي ڏينهن ۾ ڦگڻ جي آجيان ڪندي آهي. هي اهي ڏينهن آهن، جڏهن ڪڻڪ، سرنهن ۽ سونف جي سرهاڻ سرهائي آڻيندي آهي. پوري سال ۾ هي مند سڳنڌ وتي ۽ دلربا هوندي آهي. هولي ڦڳڻ جي سهائي چوڏس تي ملهائجي ٿي. ميران ٻائي به اهڙي ئي رت جي رومانس محسوس ڪري ٿي، سندس شاعري ۾ موسم جي اثر جو فطري رنگ ملي ٿو. هن جي من ۾ سُرندي جون تارون سُر ڇيڙين ٿيون :

ڦاگڻ ڪي دن چار دي

هولي کيل منا ري

بڻ ڪرتال پکا وج باجي

انهي ري جهنڪاري

بڻ سُر راگ ڇتيون گائون

روم روم انگ سارزي

هولي کيل پيو گهر آوي سوئي

پياري پي پيار ري.

هولي ھڪ قديم تھذيب جو تسلسل ۽ روايت آهي. علي عباس جلالپوري پنهنجي ڪتاب رسوم اقوام ۾ چوي ٿو: “هولي دراوڙن جو تهوار آهي.” دراوڙ سنڌو ماٿر جي سيڪيولر تهذيب جا اڏيندڙ آهن. موئن جي دڙي مان ناچڻي جي مورتي ملي آهي، هن سمبارا ايئن رقص ڪيو ٿي، جيئن اڄ دراوڙ هولي تي ڪن ٿا:

جب ڦاگن رنگ جهمڪتي هون، تب ديکھ بهارين هولي ڪي،

پريون ڪي رنگ ڌمڪتي هون، شيشي جام ڇلڪتي هون،

محبوب نشي ۾ جهڪتي هون، تب ديکھ بهارين هولي ڪي،

آ ڌمڪي عيش و طرب ڪيا ڪيا، جب حسن دکهايا هولي ني.

(نظير اڪبر آبادي)

روايتي زندگي ۾ تهوارن جو اچڻ هڪ لحاظ کان نواڻ ۽ تازگي جو احساس به آهي، پوءِ کڻي انهن تهوارن پويان تاريخ ۽ ڪٿا ڪهڙي به هجي. سناتن ڌرم جي نالي ڪافي تهوار ملهايا وڃن ٿا، حقيقت ۾ اهي ثقافتي تهوار به آهن، جيڪي مختلف موسمن سان به منسوب ٿيل آهن. ويساکي، رکڙيءَ، سانوڻ ٽيج ۽ هولي جهڙا تهوار ڌرم کان وڌ ثقافت جي وصف تي ٺهڪن ٿا. انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي سيڪيولر زندگي جا عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا، ڇو ته انهن ئي تهوارن جي جوهر ۾ رقص و موسيقي، گيت ۽ رنگ جي رومانس جهلڪي ٿي.

جيئن هولي بهار رت جو تهوار آهي، ايئن ئي سانوڻ ٽيج يا سرامڻ ٽيج سانوڻي جو تهوار آهي. ان ڏينهن نوجوان ناريون سانوڻ جي آجيان ڪندي وڻن جي لامن ۾ لوڏ ٻڌي لڏنديون آهن، ۽ پيئرن جي گهر تهوار ملهائيندي لوڪ گيت ڳائينديون آهن. سنڌ ماتا جي تمدن ۽ اتهاس ۾ هي ڏڻ روشن خيالي جي علامت آهي. هي رسمي ڏينهن عورت کي مهانتا ڏئي، ان جي آزادي جي پرمپرا ڪري پريمي يا پتي سان پريم جو سٻنڌ جوڙي ٿو. سانوڻ ٽيج گيت جي ترنم ۽ ڪيفيت ۾ پريم ۽ وڇوڙي جو آلاپ هوندو آهي. اياز به جدائي جي درد تي لکي ٿو:

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

گج سوين تارڙا، واجھ وجهي وڄ ڙي!

ڇوريءَ نه ڇڄ ڙي!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

ڀُڄ مٿان بادلو، ڀيڄ ڀنيءَ وسجو!

پائر به پسجو!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي

ڪافي اهڙا تهوار آهن جن کي ڌرم جي غلاف ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن تهوارن ۾ صرف اهي رويا، قدر ۽ رجحان زندھ رهي پروان چڙهي سگهيا آهن، جن ۾ زندگي لاءِ ساھ ٻوساٽ بجاءِ نواڻ، آزادي، محبت ۽ خوبصورتي جي مڌرتا ڪر کڻي جُهومي سگهي. هولي به زندگيءَ سان ڀرپور تهوار آهي:

هوا جو آ ڪي نشان آشڪار هولي ڪا

بجا رباب سي مل ڪرستار هولي ڪا

سرود رقص هوا، بيشمار هولي ڪا،

هنسي خوشي ۾ بڙا ڪاروبار هولي ڪا،

زبان پي نام هوا بار بار هولي ڪا.

(نظير اڪبر آبادي)

سانوڻ ٽيج جيان هولي کي بنيادي طرح ڌرمي تهوار طور ملهايو وڃي، پر هولي جي رنگن ۾ سيڪيولر سوچ جا اولڙا نمايان نظر اچن ٿا. هن ڏڻ جي عقيدي واري ڌرمي تشريح کي عقل جي تناظر ۾ به سمجهڻ گهرجي. اڄ جو عقل دوست انسان انهي ڳالھ کي نظر انداز ڪرڻ کان نابري واريندو ته رڳو پوڄا هجي، رنگ گلال، ناچ ۽ نغمو نه هجي:

نيڻن ۾ اُڏري پيو منظر هولي جو

منهجي چولي جو رنگ اُڏاڻو ٿو وڃي.

هولي ۾ رنگ ورشا ۾ نرتيه گير تجريدي مصوري جو اسڪيچ لڳي ٿي، ۽ دلڪشي جيون ۾ ڪر کڻي رنگن سان راند رمي ٿي، جيئن بلهي شاھ اظهاري ٿو:

ڦگن ڦولي کيت، جيون بن تن ڦول سنگار

هر ڊالي هل پتيان، گل ڦولن ڪي هار

هوري کيلن سيان گگن

ميري نين جهلارين وگن

اوکي جيون دي دِن تگن

سيني بان پريم دي لگن

هوري هوري.

هولي ۾ رنگن جي نغمگي ۽ مڌرتا جو احساس ٿئي ٿو. رقص ڪري ۽ رنگ هاري ماڻهو هڪ ٻي کي پنهنجو ڪن ٿا. ان حوالي سان هولي متڀيد، اوچ نيچ ۽ تعصب پرستي جي خلاف استعارو به آهي. لبن تي لڳل لِپ اِسٽڪ کان سُرمئي ڪجلين اکين تائين، ساڙهي ۽ چولي کان ويندي ٿر تي ٿوهر تائين هي سڀ رنگ هن سنسار جي سونهن آهن، جيڪي هن دنيا کي حقيقي طور تي سرڳ بنائن ٿا.

رنگن جي انڊلٺ مان رقص جي عڪس اُڀري پوي ٿو، اهو ئي هولي ملهائڻ جو بهترين نمونو آهي. ائين، هولي جهڙا تهوار نه صرف زندگي جي يڪسانيت ۾ نواڻ آڻين ٿا، پر خوشيون ورهائڻ جو سبق به ڏين ٿا. خوشين کي خريد ڪري ۽ وڪڻي نٿو سگهجي. هڪ ٻي کي رنگ هارڻ جو مطلب زندگي جي خوشين ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ آهي. ريت جي ان پريت ۾ هي قبوليت ۽ مڃتا آهي، جيڪا نسل پرستي ۽ فرقيواريت کي نندي ٿي. اهڙي طرح سماج جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهو کي نه صرف خوشين ۾ شريڪ ڪجي ٿو، پر پنهنجو به ڪجي ٿو. هولي جا رنگ سٺي سوچ، امن ۽ آدرش جو سنگم آهن، رنگت جي رڌم ۾ آرٽ جهڙي جمالياتي خوشي محسوس ٿيندي آهي، اهو ئي ثقافتي اهڃاڻ آهي

خوشي ۾ انسانيت جو احساس هجڻ ضروري آهي. جيئن ته هي ڏڻ خوشين جي سيليبريشن به آهي. ڇا اها مسرت پورهيت کي ميسر آهي؟ ڪجھ نئين انداز ۾ به سوچجي. جيئن ته اهي ڏينهن روايتي زندگي ۾ خوشيون آڻين ٿا. هن رجعتي دور ۾ جيئڻ لاءِ نواڻ به ضروري آهي. تهوارن جي ملهائجڻ ۾ به ماڻهو زندگي جي روزمره جي ڪم ڪار ۽ ڪارونهوار جي بوريت مان تازگي، فرصت ۽ نواڻ محسوس ڪري ٿو.

oad.ram@gmail