سنڌ جي گورننس: ڪوتاهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت

0
154
سنڌ جي گورننس: ڪوتاهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت

  پاڪستان پيپلزپارٽي جو وجود 1968 ۾ لاھور ۾ ٿيو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو مشھور ليڊر ھو، ۽ ان ۾ بہ ڪو شڪ ناھي پنجاب ڀٽي شھيد کي وڏي سياسي طاقت ڏني. سينٽرل پنجاب خاص ڪري لاھور، اوڪاڙہ، ساھيوال ۽ سائوٿ پنجاب جا ماڻھو ڀٽي جي پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا رھيا آھن. اھو سلسلو بي نظير جي دور تائين جاري رھيو مگر پوءِ پيپلزپارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ باقاعدہ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي. سينٽرل پنجاب مان نواز شريف کي ميدان تي لاٿو ويو، جئين 2014 ۾ عمران خان کي لانچ ڪيو ويو ويو ھو. اسلامي جمھوري اتحاد جي نالي سان پارٽي جوڙي وئي، ان تي ملڪ جي بينڪن جا ذخيرہ کوليا ويا. اھڙي طرح پنجاب ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪمزور ڪيو ويو. مگر سنڌ جا سياسي حالات مختلف رھيا، سنڌ ۾ ھڪ ٻي پيپلزپارٽي ٺاھڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي وئي، نيشنل پيپلزپارٽي جي نالي سان مگر ھن پارٽي سنڌ ۾ ڪو ٻوٽو نہ ٻاريو. جيڪا ھاڻي تقريبا ختم ٿي چڪي آھي.  سنڌ ۾ ٻہ ووٽ بينڪس ھميشہ رھيا آھن، ھڪڙو پي پي ۽ ٻيو اينٽي پي پي. اينٽي پي پي بہ بھرحال ڪجھ سيٽون کڻندي رھي آھي. سنڌ جو ضلعو ٿرپارڪار، سانگهڙ ۽ خيرپور ۾ پي پي کي تمام ٽف ٽائيم ڏنو ويو آھي. شھيد ڀٽو ۽ بي نظير جي دورن ۾ بہ پي پي سنڌ ۾ اينٽي پي پي ووٽ جو مقابلو ڪندي رھي آھي. مگر 2018 جي اليڪشن کان پوءِ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ واحد سياسي پارٽي ٿي اڀري آھي، جنھن ۾ ڪجھ وڏن شھرن کي ڇڏي ڪري پيپلزپارٽي جو قلعو مضبوط ٿي چڪو آھي. سنڌ ۾ اينٽي پي پي جو ووٽ ذري گھٽ ختم ٿي چڪو آھي، سانگهڙ ھجي يا ٿر جتي ڪٿي ھاڻي پي پي جي اڪثريت آھي، پي پي جا روائتي مخالف پڻ پي پي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ڪافي روائتي پي پي مخالف جيڪي بي بي جي حياتي تائين پي پي جا سخت مخالف ھوندا آھن، اڄ اُھي پي پي حڪومت ۾ اھم وزارتن ۾ آھن. اسيمبلي ۾ اھڙيون جذباتي تقريرون ٿا. ڪن ڄڻ ھو پي پي جا فائونڊر اڳواڻ ھجن. پيپلزپارٽي جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اڃا بہ ڪا خاص حيثيت نہ آھي مگر ملڪ جا حالات پيپلزپارٽي کي مڪمل سپورٽ ڪري رھيا آھن. پي ٽي آئي کي تہ ملڪ دشمن پارٽي ڊڪليئر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ نواز ليگ حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ ڀڃ ڍاھ جو شڪار آھي، نواز شريف جو ملڪ ڇڏڻ کان پوءِ پارٽي ڪمزور ٿي چڪي آھي. مريم نواز کي لاٿو ويو مگر انکي پارٽي ۾ ئي قبوليت نہ ملي. نواز ليگ جيڪا اسٽيبلشمنٽ جي پارٽي رھي آھي ۽ اڃان بہ انکي ڪافي حمايت آھي مگر نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ اڃان قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. انڪري پنجاب ۾ بہ پيپلزپارٽي کي کليو ميدان مليل آھي ۽ انڪري آصف ذرداري پنجاب ۾ ھڪ دفعو وري ويھي رھيو، جئين پنجاب ۾ جوڙ ٽوڙ ڪري پنجاب مان ڪجھ سيٽون کڻي آئيندہ حڪومت ٺاھي. پاڪستان پيپلزپارٽي ھن وقت سنڌ جون بلدياتي سيٽون پڻ ٻُھاري وئي آھي، سڀني شھرن جا ميئر ۽ ضلعن جا چيئرمين پاڪستان پيپلزپارٽي وٽ آھن، جيڪا ھڪ تاريخي ڪاميابي آھي، جيڪا شھيد ڀٽو ۽ شھيد بينظير جي دور ۾ بہ اھڙي ڪاميابي نہ ملي سگھي ھئي. ھاڻي اچو تہ انھن سببن تي روشني وجھون تہ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري مضبوط پارٽي ڪئين بڻجي وئي آھي ۽ انجو ظاھري طرح ڪو مخالف نظر نٿو اچي. سنڌ جي سڀئي اسٽيڪ ھولڊر ڄڻ ھڪ ئي پيج تي نظر اچن ٿا. ڪجھ روائتي پي پي مخالفت آھي مگر انھن جي پارلياماني سياست ۾ اھڙي ڪا خاص حيثيت ناھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي پاڪستان پيپلزپارٽي ھڪ سياسي نظريي تي ٻڌل پارٽي آھي ۽ گھڻائي ۾ ليفٽ جا ماڻھو پي پي کي ئي واحد نظرياتي سياسي پارٽي سمجھن ٿا، ڀلي اُھي ڪھڙي ئي صوبي ۾ رھندا ھجن. پيپلزپارٽي جي ڪاميابي جو ٻيو اھم سبب اھو آھي، پارٽي جي ليڊرشپ نفرت واري سياست نہ ڪندي آھي، ھر سياسي پارٽي جي عزت ڪندي آھي ۽ انکي اڪموڊيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آھي، جڏھن تہ ٻين پارٽين ۾ اھڙي ڪا پاليسي ناھي، اڪثر سياسي پارٽيون نفرت ۽ علائقائي سياست ڪنديون آھن. اگر اوھان مسلم ليگ نواز کي ڏسندو تہ ان جا سڀ مرڪزي اڳواڻ ۽ عھدا تقريبا لاھور يا سينٽرل پنجاب وٽ آھن، نہ ڪنھن صوبي وٽ ڪو خاص مرڪزي عھدو آھي ۽ نہ وري پنجاب صوبي سائوٿ مان ڪا نمائندگي اٿن. گھڻو ڪري سڀ ڪشميري ۽ بٽن  وٽ عھدا آھن. جڏھن تہ پيپلزپارٽي ۾ مرڪزي عھديدار گھڻو ڪري اوھان کي ھر صوبي ۾ ملندا. پيپلزپارٽي جي موجودہ سياست ماضي جي سياست کان ڪافي مختلت آھي، ھن وقت پارٽي جي ڪوشش آھي ھر مخالف کي پارٽي ۾ اڻجي ۽ انھي پاليسي جي ڪري سنڌ جا سڀ روائتي مخالف پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ اچي ويا آھن جنھن جو مان مٿي بہ ذڪر ڪيو آھي. ھاڻي تہ ضلعي ليول تي اگر ڪنھن برادري جا ووٽ آھن ان برادري جي ماڻھن کي لوڪل باڊي جون سيٽون ڏيئي پارٽي ۾ آندو ويو آھي. انڪري سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي مخالفت وارا ماڻھو تمام گھٽ رھيا آھن. پيپلزپارٽي تي سنڌ جا دانشور ۽ رائيٽرس ھميشہ تنقيد ڪندا رھيا آھن، مگر ھن وقت سنڌ جي سڀني رائيٽرس ۽ اديبن کي سنڌ ۾ ميلن ۾ حصو ڏنو ويو آھي، انڪري اُھي پڻ خاموش آھن ۽  حڪومت مان حصو نٿا وڃائڻ چاھين، ۽ پيپلزپارٽي ڪا تنقيد نٿا ڪن. اھڙا حالات پاڪستان پيپلزپارٽي جي حق ۾ تاريخ ۾ نہ رھيا آھن، جيڪي اڄ نظر ٿا اچن. پيپلزپارٽي جي سنڌ جي حوالي سان ڪاميابين جي باوجود بہ ٿوري مخالفت پڻ نظر اچي. ان ۾ ڪجھ مخالفت جائز پڻ آھي اچو تہ ٿوري انتي بہ روشني وجھون. سنڌ پاڪستان پيپلزپارٽي جو سياسي قلعو آھي، سنڌ ۾ افغانين ۽ پٺاڻن جو وڏي تعداد ۾ اچڻ سنڌ جي مستقبل لاءِ وڏو خطرو آھي ۽ انتي پيپلزپارٽي جي خاموشي ۽ سھولتڪاري کي ڪنھن بہ صورت ۾ معاف نٿو ڪري سگھجي. سنڌ ۾ ھندو نياڻين جي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ ۾ واڌ ٿي آهي، ان تي پڻ پيپلزپارٽي جي ڪا خاص توجہ ناھي، جڏھن تہ سنڌ جا ھندو سنڌ جا اصلي وارث آھن انھن جي حفاظت سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي جو فرض آھي. پيپلزپارٽي تي تنقيد جو ھڪ وڏو سبب سنڌ ۾ بيڊ گورننس جو پڻ آھي، ڪراچي کان سواءِ بقايا سنڌ تي حڪومت جي ڪا خاص توجہ ئي ناھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ڪراچي کان ھيٺ روڊ رستا ضرور ٺھيا آھن، بھترين اسپتالون پڻ ٺھيون آھن جن جو ذڪر نہ ڪرڻ پڻ زيادتي آھي. مگر سنڌ جي ضلعي ڊويزن ھيڊ ڪوارٽرن ۾ روڊ رستا نٿا ٺھن، اگر ٺھن ٿا چھن مھينن ۾ ٽٽي ٿا وڃن ۽ سيوريج جو سڄو نظام ڌرھم برھم آھي ۽ سنڌ جا شھر گٽر ۾ بدلجي ويا آھن مگر ان تي سنڌ حڪومت جي ڪا توجہ نظر نٿي اچي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي تي تنقيد جو ھڪڙو سبب سنڌ ۾ تعليم جي تباھي جو پڻ آھي، ان ۾ ڪو شڪ ناھي پارٽي پالسي جي ڪري ملڪ ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ضرور ٿيون آھن، مگر اڄ بہ 80 سيڪڙو اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون موجود ناھن ۽ مختلف سروي مطابق سنڌ جا 80 لکن کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن. سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم سنڌ حڪومت لاءِ ھڪ وڏو چئلينج آھي. سنڌ حڪومت وٽ تعليم ترجيح نظر نٿي اچي ۽ تعليم جي تباھي تي سنڌ جا ماڻھو جائز تنقيد ڪندا آھن.