“وصيت نامو” جو خالق انور ڪاڪا

0
119
“وصيت نامو” جو خالق انور ڪاڪا

  انورالدين انور ڪاڪا، نيوسعيدآباد جي ويجهو  هڪ ڳوٺ ۾ 12 جون 1978ع  ۾ جنم ورتو. سندس بنيادي تعليم پنهنجي تر مان رهي، اڳيان هلي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري 2005ع ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. موجوده وقت ملير ڊگري ڪاليج ۾ پڙهائي رهيو آهي. انور ڪاڪا بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي. ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪاليج جي زماني کان ڪيائين، سندس ڪهاڻين جي مجموعي”نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج” کيس جديد ڪهاڻيڪارن جي صف ۾ اڳيان آندو آهي. اهو ڪتاب ڪنول پبليڪيشن 2015ع آڪٽوبر ۾ شايع ڪيو. هن مجموعي ۾ 24 ڪهاڻيون آهن جن جا عنوان “ٽيڙو”، “مسجد جون اکيون”، “نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج”، “روزي”، “دوزخ جي ڇانو”، “مندر”، “روڳ” ۽ ٻيا آهن. اڪبر لغاريءَ لکيو آهي ته، ”انور ڪاڪا شاعريءَ  ۾ ڪهاڻيون لکي ٿو ۽ ڪهاڻين ۾ شاعري ڪري ٿو. سندس اهڙو هنر کيس ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾ ممتاز بڻائي ٿو.

                 شاعر جي حيثيت سان نثري نظم جي مجموعي “وصيت نامو” تحت انور پاڻ کي مڃايو. ُوصيت نامو” کي پڻ ڪنول پبليڪيشن قمبر شايع ڪيو آهي. 2013ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ 147 نثري نظم ڏنل آهن. 316 صفحن جي هن ڪتاب جو مهاڳ ايوب کوسو لکيو آهي ته مولابخش ڪاڪا، غوث پيرزادو، ڊاڪٽر  مخمور بخاري، سهيل ابڙو، محمد صديق ۽ منور جوڻيجو جا هن ڪتاب تي تاثرات لکيل آهن.  نثراڻي نظم جي هن ڪتاب جي ارپنا ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ مولابخش ڪاڪا جي نانءُ آهي. جن زندگيءَ جي ڏکي پل تي سندس مدد ڪئي ۽ جيئڻ جو اتساهه ڏنو.

نثر ۽ نظم ادب جون اهم شاخون آهن. نظم ادب جو اهو قسم آهي جيڪو دنيا جي هر ادب ۾ اوائلي حيثيت رکي ٿو. سنڌي ادب جي نظمي حصي ۾، بيت، وائي، ڪافي، غزل، دوهو، قطعو، سانيٽ، ترائيل، نظم، آزاد نظم، نثراڻو نظم ۽ ٻيون صنفون شامل آهن. نثراڻو نظم شاعريءَ سان لاڳاپيل  هوندي به نثر جو پڻ اهم حصو شمار ٿئي ٿو. هن صنف جي شروعات  1897ع ۾ ٿي.

شاعري ۽ نثر جي هن امتزاج کي نثري نظم يا نثراڻو نظم چيو وڃي ٿو. جو ادب ۾ اهميت رکندي دنيا جي تقريبن هر ادب ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ هن صنف جا بنيادي اهڃاڻ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي علمي مايي مان ملن ٿا. اڳيان هلي جديد نثري نظم متعارف ٿيو جو ورهاڱي کان اڳ لالچند امر ڏنو مل جي “سدا گلاب” کان شمار ٿيو. موجوده دور تائين ڪيترن ئي نثر نگارن ۽ شاعرن هن صنف ۾ لکيو آهي. نارائڻ شيام۽ شيخ اياز کان وٺي هلندڙ دور تائين اياز گل،  انور ڪاڪا ۽ ٻين شاعرن ۽ شاعرائن جا لکيل انيڪ سهڻا نثري نظم ملن ٿا. پر هن هڪ صنف تي مڪمل ڪتاب ٿورا آهن جن ۾ انور ڪاڪا جو، “وصيت نامو” خاص حيثيت رکي ٿو.

“وصيت نامو” پڙهڻ بعد ائين به لڳي ٿو ته ڄڻ انور نثري نظم ۾ مختصر ڪهاڻيون لکيون آهن. جي مڪمل تاثر ۽ آهنگ سان ذهن تي حاوي ٿي اثر ڇڏين پيون.”وصيت نامو” ڪتاب جي نثري نظمن جا عنوان”تون” “نجومي”، “الائي ڪنهن جي ڪهاڻي…” “صحرا، سمنڊ تون ۽ مان”، “اوجاڳي کان پوءِ”، “اَنَ جو داڻو”، “ڳوڙهن جون قبرون”، “فرق”، “مقابلو”، “ڦاهي”، “انا پرستي”، “ماچيس”، “محبت کان اڳتي”، “صوف”، “هڪ چميءَ جي صدا”، “نابين شخص”، “هڪ الوداعي نظم”، “هڪ معصوم نظم”، “مشڪرو”، “سبق”،  “سچ”، “مون کي پهرين ويساهه ڏيار” ۽ ٻيا آهن. جن جي اڳيان ڪتاب جي فهرست ۾ صفحو نمبر ڄاڻايل نه آهي. هنن نثري نظمن ۾ انور ڪاڪا، زندگيءَ جون حسناڪيون، حقيقتون، هيبتون، دهشتون، نفرتون، محبتون، عقيدا، وهم وسوسا، خوف، ڏک ۽ ڪيترائي احساس اوتيا آهن. هي حساس شاعر ُدکي آهي، سنڌو درياهه ۾ اڏامندڙ واريءَ تي، سڙي ويل پنن تي، انساني اندر جي اونداهين تي، هزارن گهرن جي بک جو کاڄ ٿيڻ تي، ڀاءُ جي ڀاءُ سان دشمنين تي، شهرن جي ويران گلين تي، دوستين ۾ لڪل دشمنين تي، نفرتن جي انتهائن تي، فٽ پاٿ تي اڃايل ۽ بکايل ٻارن تي، يتيم ٻارن جي  يتيميءَ جي بي وسيءَ تي، پنهنجي ڪيل نافرمانين ۽ لاپرواهين تي، ڏکن ۽ بکن تي، مطلب ته وٽس هر ننڍي ننڍي حياتيءَ جي ڏک جي حقيقت آشڪار آهي.

انور ڪاڪا فطرت جو شاعر آهي ُهو وڻن ٽڻن، کنوڻين، انڊلٺن، بارشن، ساوڪن، خوشين، روشنين، چانڊوڪين، پکين جي مڌر  ٻولين، ماڪ ڦڙن جي ڪوملتائن، نيڻن ۾ سمايل محبتن ۽ چانڊوڪين جي چانڊاڻن ۾ انيڪ رنگ فطرت جي حسن جا پسي ٿو.

هو محبت جو شاعر آهي جنهن جا مثال پڻ سندس ڪئين نظم آهن خاص طور “ساهن جي خوشبو، “ڪافر ڇوڪريون”، “گل خوشبو ۽ لڪيرون”، “هوا جي چپن تي ڪا دعا آهي”. “مان سوچيان ٿو” ۽ ٻيا ڪافي نظم آهن. سندس نظم، “عيد واڌايون”، هڪ اهڙو مڪمل طويل نثري نظم آهي جنهن ۾ هن سنڌ جي چپي چپي سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. ائٽمي جنگ کان کيس نفرت آهي هو ناانصافين ۽ بي رحمين خلاف واڪا ڪندي چوي ٿو ته:

هڪ ڳيري جي دعا سان

جنهن ڏينهن دنيا مان طوفان ٽري ويو

ان ڏينهن هڪ ائٽمي ملڪ

ناانصافي ۽ غلط بياني ڪندي

هڪ غريب ملڪ تي حملو ڪري ڏنو ته،

ڏک ۾ ان ڳيري خودڪشي ڪري ڇڏي

۽ سندس آکيرو الائي ڪاڏي اڏامي ويو

پر سڄي دنيا مان ڪنهن به مذمت نه ڪئي

انصاف واريون عدالتون، ٻوڙيون ۽ گونگيون بڻيل رهيون

بس اَنَ جي داڻي مان منهن ڪڍندڙ

هڪ سائي سِلي احتجاج طور

پنهنجي طويل سجدي مان اٿي

وڌيڪ ڦٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

۽ اهو ڏينهن وقت کان اڳي رات ٿي ويو.

روزمره جي ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين ۽ مختلف ڪيفيتن ۽ سوچن ۽ احساسن کي جڏهن تخليقڪار پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي اوجاڳا ڪٽي تخليقي ڪرت سان وڏي سوچ ۽ ويچار سان، وڏيءَ دلچسپيءَ، ذوق ۽ شوق سان ڪاغذ جي ڪينواس تي آڻي ٿو تڏهن سندس اندر جي پيڙا جا عڪس ڏات جي صورت ۾ پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن تي جادوئي اثر رکن ٿا. ائين ئي انور ڪاڪا هڪ هڪ ڪيفيت ۽ احساس کي  چٽڻ مهل پنهنجو اندر اوتيو آهي.

 انور ڀرپور لکيو آهي. هو جديد ڪهاڻيڪارن ۾ شاعرن ۾ اهم شمار ٿئي ٿو. سندس بياني اسلوب سچيتائيءَ وارو ته موضوعن ۾ نواڻ آهي. خاص طور سندس موضوع فطرت آهي جنهن ۾ انساني زندگيءَ جا ڪئين رنگ سمايل آهن. هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جو خدمت گذار آهي. سندس ڪتابن “وصيت نامو” ۽ “نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج” کان پوءِ  ٻيا ڪتاب پڻ شايع ٿيا آهن. اميد ته هُو پنهنجو تخليقي سفر جاري رکندو ۽ سندس حوصلا بلند رهندا. سنڌ ۽ سنڌ واسين کي پنهنجي قلم جي جنبش سان نيون نيون تخليقون ڏيندو رهندو.