تيل وري مهانگو: حڪومت ائين ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟

0
229
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

مهانگائي، بيروزگاري جو طوفان هجي مٿان وري برساتن جي تباهي هجي ته ان وقت هر شخص کي گهٽ ۾ گهٽ حڪومت مان اها ئي اميد هوندي آهي ته اها پنهنجي سورن جي ساڙيل ۽ ڏکويل ماڻهن جي زخمن تي پها رکندي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو. ان وقت هر شخص کي رڳو حڪومت جو ئي سهارو هوندو آهي ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ اهو ئي سمجهيو ويندو آهي ته رياست ماءُ آهي جيڪا پنهنجي اولاد جي رکوالي ڪندي آهي ۽ کين ڪوسو واءُ لڳڻ ناهي ڏيندي. پر اسان وٽ سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيندو آهي. هن وقت جڏهن ملڪ جو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقو ۽ سنڌ صوبي جو تقريبن 90 سيڪڙو علائقو پاڻي جي هيٺ آهي ۽ سنڌ هڪ وڏي درياهه يا ڍنڍ جو ڏيک ڏئي رهي آهي ته ان وقت به حڪومت کي ٻوڏ سٽيل عوام تي به رحم نه آيو ۽ عام ٻوڏ سٽيل ماڻهن تي پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، ناڻي وزارت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جنهن ۾ پيٽروليم شين جا اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪا آهن، 15 ڏينهن لاءِ اهي اگهه مقرر ڪيا ويا آهن. ناڻي وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 7 پئسا في لٽر اضافو ڪيو ويو جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 235 رپيا 98 پئسا ٿي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به 2 رپيا 99 پئسا اضافو ڪيو ويو، جنهن بعد ان جي نئين قيمت 247 رپيا 43 پئسا ٿي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 79 پئسا في لٽر اضافو ڪيو ويو ۽ ان جي نئين قيمت 201 رپيا 54 پئسا مقرر ڪئي وئي جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ به 10 رپيا 92 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت 210 رپيا 32 پئسا مقرر ٿي وئي آهي. اهو سڀ ڪجهه ان ڏينهن ڪيو ويو جڏهن حڪومت کي عالمي مالياتي اداري کان قرض جي آخري قسط به ملي وئي جنهن لاءِ حڪوم دعوائون ڪندي هئي ته هاڻ پاڪستان کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچايو ويو آهي. پهرين خبرون هليون ته اسٽيٽ بينڪ  کي آءِ ايم ايف  کان قرض جي پروگرام جي 7 ۽ 8 قسط جا هڪ ارب 16 ڪروڙ ڊالر ملي ويا، آءِ ايم ايف جي بورڊ ستين ۽ اٺين جائزي بعد رقم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي اسٽيٽ بينڪ موجب  آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 16 ڪروڙ ڊالر ملڻ بعد پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي ويا آهن. هاڻ جڏهن صورتحال اها هجي ۽ حڪومت جا ڪم وري ان جي ابتڙ هجن ته پوءِ ڪيئن سمجهجي ته هي حڪومت عوام جي ڏکن دردن جو احساس رکي ٿي جيڪڏهن احساس ئي نه هجي ته پوءِ ڪيئن چئبو ته حڪمران عوام جي دردن جو درمان ڪندا يا کين اهڙي توفيق به نصيب ٿيندي؟

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت جو اهو فيصلو نه رڳو غيرضروري پر ظالماڻو به آهي. هڪ طرف عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو اگهه گهٽجي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري اسان جي ملڪ جي حالت آهي جتي هر روز مختلف بهانا بڻائي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ برقرار رکڻ ته ڇڏيو پر اڃا اضافو ڪيو پيو وڃي. شايد حڪومت کي خبر ناهي ته ان اضافي سان انهن غريبن جو ڇا ٿيندو جيڪي پنهنجي گهر جي روزي روٽي جو بندوبست نه ٿا ڪري سگهن. اسان جو حڪمرانن کي عرض ۽ وينتي آهي ته هو اهڙا ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪن جو ماڻهن کي خودڪشي ۽ پاڻ کي مارڻ ئي نجات جو اڪيلو رستو نظر اچي. اسان جي حڪمران طبقي کي اهو سوچڻ گهرجي ته جڏهن غريب وٽ ڪجهه ناهي بچندو ۽ هو ٻارن کي بکئي پيٽ ڏسندو آهي ته پوءِ وٽس رڳو مارڻ ۽ مرڻ جي راهه ئي بچندي آهي ۽ اها راهه جڏهن و اختيار ڪندو آهي ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت کيس ڪنهن جو به تختو اونڌو ڪرڻ کان نٿي روڪي سگهي.