خواب جيڪي لڙھي ويا….!

0
429
خواب-جيڪي-لڙھي-ويا

 زندگي جي سنگين راھن تي خواب ائين ناھن ڏسبا پر انھن خوابن جي تعبير لاءِ جاڳڻ ضروري ھوندو آھي. خوابن کي ڏسڻ ٿي سگهي ٿو آسان ھجي پر خوابن جي ڪک مان حقيقتن جي رونما ٿيڻ تائين انھن کي سنڀالي رکڻ انتھائي ڏکيو مرحلو ھوندو آهي. اھي خواب جيڪي ھر ڏکايل اک جو سرمو ھوندا آھن، اھڙا سندر سپنا جيڪي ھر ديس جي آئيندي جا آئينا ھوندا آھن. البت خواب ۽ خيال زندگي جا ٻه مختلف پھلو آھن ھڪ جو تعلق جاڳڻ سان آھي ته ٻئي جو ڳانڍاپو سمھڻ سان ھجي ٿو. خيال ذھن ۾ جاڳندي اچن ٿا ته خواب آرام کانپوءِ نروار ٿين ٿا. پر حقيقت ۾ خواب اھي ھوندا آھن جيڪي ماڻهو جاڳندي ڏسي. جنھن جي تعبير ۽ تڪميل تائين نيڻن جي وطن تان ننڊ جلاوطن ٿي وڃي ۽ سڪون واري ڪيفيت ۾ سانت اچي وڃي، باقي خيالي دنيا جو ته ھڪ الڳ جھان آھي.

                 سنڌ جيڪا ھينئر اجڙيل بستي جو ڏيک ڏئي رهي آهي، سنڌ جيڪا خود ھاڻي ھڪ اڻپورو خواب بڻجي وئي آهي، جنھن سنڌ پنھنجي وجود جي جديد اوسر جا ڪيترائي سپنا ڏٺا ھئا. سنڌ جتي ھاڻي برساتن ۾ به ڪارونجهر جي پھاڙ تي مورن جا ٽھوڪا مرجھائجي ويا آهن، کيرٿر جي پھاڙن تان وھندڙ برساتي پاڻي تي رقص ڪندڙ وجود به اڄ اداس آھن، ھميشه خشڪ سالي جي مند ۾ برسات جون دعائون گھرندڙ ڪاڇو به اڄ پريشان آهي، اھو المنظر به ھاڻي ھڪ اجڙيل منظر پيش ڪري رھيو آھي جتي سانوڻي جي وسڪاري تي سڄي سنڌ اچي فطرت جي مڌ جا ڊگھا ڍڪ ڀريندي هئي. اڄ لب مھراڻ جا سنڌو جي مٽي سان رڱيل چپ به اداسي جا اڌورا گيت جھونگاري رھيا آھن.

جڏھن ملڪن ۾ برساتون وسنديون آھن تڏھن اھي ڪيڏا نه سندر لڳندا آهن. اتي فطرت جا حسن انيڪ اتساهه بخشيندا آھن، بلڪل ائين سنڌ ۾ به جڏھن برساتون وسنديون آهن ته سنڌ فطرت جو سندر ٽڪرو بڻجي ويندي آهي پر ھيل جيڪي برساتون پيون آهن انھن تي فطرت جي رنگارنگي تخليقون ڪنھن کي به ڏسڻ ۾ نه آيون ھونديون. ڇو..؟ ان ڪري جو ھيل سانوڻي جي ڊگھي وسڪاري سبب فطرت جا رنگ ته ڳورا ٿيا پر ھر پاسي کان انسانذات جي تقدير جو رنگ ڪارو ٿي ويو آھي. ھيل سنڌ جا معصوم مارو ڦاٽل ليئو پائي ھاڻي فقط ورثي ۾ مليل نعري جي اڻپورن لفظن  “روٽي اور مڪان” کي سراپا احتجاج بڻائي دڳ دڳ تي پنھنجي زندھ ھجڻ تي ماتم ڪري رھيا آھن.

سنڌ سان اھو ڪو پھريون سانحو ناھي بلڪه ھن کان اڳ به خطرناڪ طوفان، ٻوڏون ۽ برساتون اچي چڪيون آهن تنھن ھوندي به ھن ايڪھين صدي ۾ سنڌ وري ٻڏي وئي. سڀ کان پھرين اھو سوال ضرور اٿارڻ گھرجي ته ايڏيون وڏيون برساتون آيون ڪيئن ۽ ڇو؟ يقينن انھيءَ موسمي ردوبدل کي ھر ھڪ پنھنجي اک سان ڏسي پنھنجي دماغ مطابق ۽ سوچ آھر سوچيندو ھوندو. ٿي سگهي ٿو ڪي چون ته ھي عذاب آھي يا ڪي ائين چئي سگھن ٿا ته ھي ھارپ ۽ ڪلائوڊ سيڊنگ ٽيڪنالاجي ذريعي عالمي سازش آھي يعني ھر ھڪ ھن کي مختلف اينگل سان ڏسندو بهرحال اگر جيڪڏهن موسمياتي نظام ۾ ٽيڪنالاجيڪل ردوبدل واري موضوع تي اينداسين ته انتھائي ڊگھو بحث ٿي ويندو، تنھن ڪري آئون پوري دنيا ۾ ھاڻوڪي موسمياتي پسمنظر کي پيش ڪندس ته ڪٿي ڇا پيو ٿئي.

  1. ھينئر يورپ شديد سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويو آهي. اتي درياهه سڪي ويا آھن. ماھرن موجب يورپ جي پنج سو سالن جي تاريخ ۾ خشڪ سالي جو ھي بحران تمام وڏو بحران آهي.
  2. آمريڪا جون ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس رياستون شديد ڏڪار واري لپيٽ ۾ آھن، جڏھن ته آمريڪا جو ھڪ حصو شديد برساتن جي وچ ۾ پڻ گھيريل آھي.
  3. برطانيه پڻ شديد ڏڪار کي منهن ڏئي رهيو آهي.
  4. سوڊان، انڊونيشيا، ھندستان، نائجيريا، پاڪستان، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ برساتن جي ڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

 ھن حقيقتن مان ظاھر آھي ته فطرت ھاڻي پنھنجا رخ تبديل ڪيا آھن ۽ انسان جا فطري لنگهن سان اھڙا رويا ايندڙ وقت ۾ انسانذات لاءِ ھن گرھ تي سنگين راھون پيدا ڪري سگھن ٿا.

باقي ھارپ ٽيڪنالاجي ۽ ڪلائوڊ سيڊنگ ذريعي مصنوعي برساتون وسائڻ ممڪن آھي، ليڪن ان ٽيڪنالاجي جون پڻ حدون (Limitations) آھن، جڏھن پاڪستان ۾ تازين برساتن مان ظاھر آھي ته ان ۾ ھارپ ٽيڪنالاجي ۽ ڪلائوڊ سيڊنگ وارو ڪوبه حربو استعمال ناھي ٿيل، جڏھن ته مٿان ٻڌايل دنيا جون وڏيون رياستون پڻ ھاڻي موسمياتي نظام جي ردوبدل ڪري سخت بحران ۾ ڦاٿل آھن، اگر چاھن ته اھي به ٽيڪنالاجي وسيلي نجات حاصل ڪري سگھن ھا پر ھر ٽيڪنالاجي جون مخصوص حدون آھن تنھن ڪري اھي چاھي به نٿا ڪري سگهن.

باقي آخر ۾ ھن سوال تي بحث ضرور ڪرڻ گھرجي ته آخر برساتن ۽ درياھي وھڪرن جي ڪري اسان ٻڏون ڇو ٿا؟

دنيا جي ھاڻوڪي جديد پرواز ان ڳالهه جي ضامن آهي ته ھن ٽيڪنالاجيڪل ايج ۾ اسان جو عالمگيريت جي آڳنڌ تي بيوس بڻجي وڃڻ فطرت جو ڏوھ نه بلڪه اسان جي موجوده نظام ۽ اسان جي لاغرضي جو نتيجو آھي.

برساتن جي ڪڏھن تيز پوڻ ته ڪڏھن مڪمل نه پوڻ اھو آبھوا ۽ ماحولياتي ردوبدل آھي ليڪن برساتن کانپوءِ خطن ۾ ٻوڏ جي صورتحال طرف وڃڻ جا ھي مکيه سبب به ٿي سگهن ٿا:

  1. ڊرينيج جو ناقص نظام

سنڌ ۾ ڪوبه اھڙو شھر ناھي جنھن ۾ ڊرينيج کي گريوٽي فلو جي حساب سان ڊزائين ڪيو ويو ھجي يا جيڪڏهن اگر ڪٿي ثقل جي حساب سان ڊزائين ٿيل به آھي ته ان ڊرينيج جي لنگھه کي ھٿرادو اڏاوتن ذريعي بند ڪيو وڃي ٿو.

  1. شھرن جي ٽائون پلاننگ جي اصولن کان بغير اڏاوت

ھتي گھڻي ڀاڱي شھر ٽائون پلاننگ جي اصولن کان بغير اڏيل آھن، شھرن جون حدون ڊڪليئر ناھن ٿيل. ھر ڏينھن وڌندڙ آبادي جي ڪري اسٽرڪچر جي لحاظ کان افقي واڌويجھه (Horizontal growth) ۾ واڌارو اچي پيو، جڏھن ته ھن ملڪ ۾ سواءِ چند شھر جي ٻين ۾ عمودي واڌويجھه (Vertical growth) جي شرح تمام گھٽ آهي.

  1. فطرت جا لنگهه بند ڪرڻ

اسان وٽ ھڪ اھم سبب اھو به آھي ته غيرقانوني اڏاوتن جي ڪري پاڻي جا فطري لنگهه بند ٿي ويا آھن. جڏھن فطرت جي رستا روڪ ٿيندي ته فطرت به پنھنجي تحرڪ ۾ ضرور ايندي.

  1. آخر ۾ جيڪو واٽر مئنيجمينٽ جي پاسي اھم مسئلو آھي، جنھن تي پاڻي جي ماھر ڊاڪٽر حسن عباس جي ڊاڪيومينٽري پڻ ٺھيل آھي ته ھتي ھر علائقي ۾ ننڍا ڊيم ٺاھڻ بجاءِ ھڪ ئي ھنڌ وڏن ڊيمن جا منصوبا تيار ڪيا وڃن ٿا، جنھن جي ڪري پروجيڪٽ جي زندگي جو متاثر ٿي وڃڻ يعني فنڊس جي فقدان ڪري گھڻا پروجيڪٽ رڪيل آھن، ٻين علائقن تائين پاڻي جي رسد جو ناممڪن بڻجي وڃڻ، درياهه جي فطري وھڪرن جو ڪمزور ٿيڻ، سمنڊ تائين پاڻي جو نه پھچڻ، ٻوڏ واري صورتحال ۾ پاڻي جو ضايع ٿيڻ ۽ پاڻي جي وڌڻ سان شھرن جو ٻڏڻ اھي سڀ مسئلا تڏھن ئي جنم وٺن ٿا.

ملڪ جي اعليٰ ادارن کي گھرجي ته ھاڻي ھن شديد بحران کانپوءِ اھم نقطن تي نظرثاني ڪن.