سلام آھي سنڌ جي سپوتن کي!‎‎

 

سنڌ ۾ برساتن جتي ڳوٺن جا ڳوٺ، شھرن جا شھر ٻوڙي ڇڏيا آهن ۽ ھزارين گھر ڪري تباھ ٿيا آهن، لکين ماڻھو بي گھر ٿيا آهن، اڄ جڏهن ھر طرف قيامت وارو منظر ڏسڻ ۾ پيو اچي، اتي اھڙي ڏکئي وقت ۾ به سڀ کان پھرين سنڌ جي سپوت پير سائين پاڳاري درگاھ پير جو ڳوٺ جا دروازا سيلاب متاثرن لاءِ کولي ڇڏيا، اتي کين بنا ڪنهن رنگ، نسل، ذات، مذھب جي متڀيد جي ھر ڪنھن کي رھڻ جي اجازت مليل آهي. کين ٽئي وقت کاڌو مھيا ڪيو پيو وڃي. کاڌ خوراڪ کان سواءِ کين طبعي سھولت به مھيا ڪئي پئي وڃي. اھڙيءَ ريت سدائين ڌاڙيلن ۽ ڪوڙن عالمن جي نشاني تي رھندڙ ھندو برادري به پنھنجو رھڙڪي واري مندر سميت سنڌ جا ڪيترائي مندر سڀني انسانن لاءِ کولي ڇڏيا آهن. جتي کين وس آهر سڀ سھولتون مھيا ڪيون پيون وڃن. اھڙي ريت جي ڊي سي جي ظفر عباس کي به جس آھي، جيڪو ڌمڪين ملڻ جي باوجود به انسانن جي خدمت ۾ پيش پيش آهي. ان کان سواءِ به ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون، فلاحي ادارا به ھن وقت عام ماڻھن جي مدد ڪري رھيا آھن. ڪجھ سرندي وارا به پنھنجي مدد پاڻ تحت عام ماڻھن جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙي رھيا آھن. ايتري تائين جو ڏھاڙيدار مزدور به پنھنجي وس آهر ڪجھ نه ڪجھ ھن ڏکي وقت ۾ مدد ڪري رھيا آھن. منھنجو اھڙن سڀني سنڌ جي سپوتن کي سرخ سلام آ جيڪي ھن وقت مسڪين ماروئڙن جي مدد لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

 

محمد رضا خاصخيلي/ ڳوٺ حسين آباد، ڪوٽڏجي، خيرپور

 

معاف ڪجان اي منھنجي جيجل سنڌ!

 

منهنجو جگر، منهنجي سنڌ امان، تنهنجو هر ڳوٺ، ھر علائقو، وستيون ۽ واهڻ سڀ جا سڀ ٻوڏ جو وهڪرا کائي ويا، خاندانن جا خاندان اجڙي ويا آهن، منهنجا مسڪين مارو صبح ۽ سانجھيءَ جو پنهنجا معصوم ٻچا هنج ۾ کڻي، ويڙها ڇڏڻ تي مجبور آھن. اها قيامت نما گھڙي منهنجي جيجل سنڌ تو مٿان ڏاڍي ايزائيندڙ ۽ ڀيانڪ آهي، جنهن جي تڪليف تنهنجي جھول ۾ رهندڙ سمورن سنڌين کي ڏکوئي پئي. منھنجي پياري سنڌ امان اسان توکي بچائي نه سگهياسين، ظالمن جي چالن توکي ٻوڙي اسان جي مسڪين ماروئڙن کي رولي ڇڏيو آهي، اهڙن هاڃن ۽ تڪليفن مٿان هڪ تڪليف اها به هنيانءُ ڏاري ٿي پئي. اهي اسان جا ابا ڏاڏا جن اسان کي ڪڏهن به ڪنھن تڪليف ۾ اڪيلو نه ڇڏيو، اڄ انھن جي آخري آرامگاھن قبرن جي مٿان پاڻي چڙھندو رهيو، جن کي ڊاهيندو رهيو ۽ اهي قبرون به ڪنهن بيوس، يتيم ۽ لاچار ٻار جيان ظلم سھنديون رهيون ۽ اسان انهن لاءِ ڪجھ به نه ڪري سگھياسين. مسڪين ماروئڙن جا گھر ڪريا، برداشت ڪيوسين، سامان ويو تڏهن به جيڪا رب جي رضا پر جڏهن، اسان کان انهن ابن ڏاڏن جون آخري نشانيون به هٿن مان کسجڻ لڳيون ته اسان بيوسي مجھان زارون قطار لُڙڪ هاري ويٺاسين. اڄ اسان جي اندر مان اُٿيل آهون ورهين جي وادين ۾ پڙاڏا ڪنديون رهنديون. گونجنديون رهنديون، اهڙيون آهون آباد وستين کي ايئن اجاڙي ڇڏينديون آهن جو اُهي وستيون وري آباد ٿي نه سگهنديون آهن. اي وقت جا حڪمرانو! مقافاتِ عمل جو انتظار ڪجو، اسان جي معصوم ٻچڙن جون ريھون ۽ نياڻين جي اکڙين مان وهندڙ لُڙڪ قيامت ڏينهن، هڪ هڪ آھ ۽ فرياد کي ٻُڌو ويندو.

 

ذوالقرنين علياڻي/ميرپورخاص

ڪرپشن جي ور چڙھيل ضلعو سانگهڙ!‎‎

 

اسان هڪ اهڙي ضلعي ۾ رهون ٿا جتي نه رڳو ڪرپٽ نظام قائم آهي پر اتي جي هر علائقي ۾ ڪرپٽ نظام جون شاخون پکڙيل آھن، ٻوڏ واري صورتحال ۾ جي ڏٺو وڃي ته هر ننڍي چمچي کان وٺي وڏي واڳونءَ تائين رڳو اسان کي ڪرپشن ئي نظر آئي آھي، تعلقي کپري لڳ ڀٽ ڀائٽي، کاهي، روڻجهو، ڏنگ موري ۽ آسپاس جي ٻوڏ متاثرن جون نياڻيون روڊن تي دربدر آهن، چوپايو مال 80 سيڪڙو مري ويو آهي پر انهن کي سواءِ آسرن جي اڃا ڪجھ به ناهي مليو ۽ اتي به ڪرپشن پئي ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل فنڊ جنهن ۾ سڀ کان پهريان جي بينظير انڪم سپورٽ ڏسون ته ان ۾ 25 هزار مسڪينن کي وڏي ڏکيائي ڪشادي تڪليف ڪاٽڻ پوءِ ملن ته ٿا پر ڊوائيز مالڪ پنهنجي پيٽ ۽ وڪائو صحافين جي چانھ جا 2 کان وٺي 3 هزار ڪٽيو ڇڏين، جيڪو سراسر غريبن سان ناانصافي آھي ۽ اتي به ڪرپشن. سنڌ حڪومت طرفان هر يوسي ۾ ايمرجنسي جي حساب سان 100 ٽينٽ ۽ 1000 کان مٿي راشن جا ڪٽا فراهم ڪيا پيا وڃن پر اسان جي علائقي ۾ سواءِ وڏيرن جي من پسند ماڻهن کان سواءِ ڪنهن هاري يا مسڪين ماڻهون کي هڪ راشن جو به ڪٽو ناهي مليو ۽ اتي به ڪرپشن، جيڪو غريبن تي ڪنهن آفت کان گهٽ ناهي. جي هن موجوده وقت ۾ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي کپري کي ڏٺو وڃي ته مڪمل طور سيلاب جي ور چڙهيل آھي، هزارين گهر پاڻي هيٺ آھن پر پاڻي ڪڍڻ واريون مشينون وڏيرن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن ۾ هلندڙ آھن ۽ اتي به ڪرپشن ۽ آخر ايتري ڪرپشن ڇو؟ جيئن اوهان تڪ جي ماڻهن سان ڪريو پيا ايئن ئي سڀاڻي ٿيندڙ 2023ع جي اليڪشن ۾ اوهان کي سواءِ جتين جي هارن، گارين ۽ موٽ ۾ موچڙا ئي نصيب ٿيڻا آھن.

 

اويس مري/کپرو.

 

ٻاهران ايندڙ امداد متاثرن کي ملڻ بجاءِ ڪيڏانهن پئي وڃي؟

 

ٻاهرين ملڪن مان مليل امدادي بجيٽ سنڌ تي ايندڙ اهڙي مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل جي مسئلن تي خرچ ڪئي وڃي. ٻاهران مليل امدادي بجيٽ راشن ۽ ٽينٽ ڏسڻ لاءِ ناهي مليا، اها بجيٽ سنڌ کي اهڙين مرحلن ۾ ٿيندڙ نقصانن جي مستقل حل لاءِ خرچ ڪري هميشه جي لاءِ سنڌ کي اهڙين مصيبتن کان آجو ڪيو وڃي. سڄي سنڌ ۾ پاڻي نيڪالي جو نظام بهتر بڻايو وڃي. سنڌ ۾ جن جا گهر ڪري پيا آهن يا ڪچا آهن، انهن کي پڪا گهر ٺهرائي ڏنا وڃن. سنڌ ۾ جتي سم نالن جي ضرورت آهي، اتي سم نالا ڪڍرايا وڃن، بند مظبوط ڪرايا وڃن، ڪچا رستا ۽ پڪا ڪرايا وڃن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سرڪاري اسپتالن اسڪولن جو نظام ٺيڪ ڪيو وڃي، مٺي پاڻيءَ جا فلٽر پلانٽ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ مستقل طور تي لڳايا وڃن، بجليءَ جو درهم برهم نظام، جن ۾ڪريل پول ۽ تارون نيون لڳايون وڃن. جيڪڏھن اهو سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويو ته اڳتي جي لاءِ اهڙين آفتن ۽ مصيبتن کي سولائيءَ سان مُنهن ڏئي وڃبو ۽ ٻاهرين ملڪن کان هٿ ٽنگي پنڻ جي به ضرورت نه پوندي. زمان حال ۾ ته پنڻ جا به مقابلا پيا هلن ۽ ڪارڪن وري وڏيون وڏيون پوسٽون لڳائي پنهنجي ليڊرن کي پنڻ تي به داد پيا ڏين، افسوس آهي اسان جي ملڪ جي عوام تي.

 

تنھا قادر سنڌي/ سنڌڙي، هنڱورنو

ٻنهي ھٿن سان نمي سلام ۽ مهرباني!‎‎

 

انشاءُالله سڀاڻي اول خير سڀ سرڪاري ملازم پنهنجي پگهار ۽ پينشن بئنڪ مان وٺندا. جن جي محنت، ڪوششن ۽ تڪليفن سان وٺندا، انهن جي تعريف/ ساراھ نه ڪبي ته اھا انهن سان زيادتي ۾ شمار ٿيندي. سڄي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ طوفاني برساتن سبب جتي سڀ ماڻهو پنهنجي ۽ گهر وارن جي جان بچائڻ لاءِ پريشان ھئا اتي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جا ملازم خاص ڪري (payroll) سان جڙيل دوست روڊ رستا بند ھجڻ سبب آن لائن سسٽم خراب ھجڻ باوجود پنهنجي جان خطري ۾ وجهي آفيسن ۾ بجلي جي ڪرنٽ ھجڻ باوجود پگهارون ٺاهڻ / ھلائڻ ۾ مصروف ھئا، ڪافي ضلعن جي آفيسن ۾ پاڻي بيھڻ ۽ ڇتيون ٽمڻ سبب ٻين ضلعن ڏانھن وڃي (payroll) کي فائنل ڪيو ويو. سچ پڇو ته مون کي لفظ ڪو نه آھن جو مان انهن جي تعريف ڪري سگهان، بس مان ايترو ضرور چوندس ته منهنجو ۽ سموري کاتي جو توهان کي ٻنهي ھٿن سان سلام آ. منهنجي ھڪ ننڍڙي، نماڻي گذارش آهي ته جيڪڏهن کاتو ناراض نه ٿئي ته جيڪي دوستpayroll  سان جڙيل آهن انهن کي پنهنجي پگهار برابر اعزازيو/Bonus ڏنو وڃي ۽ ان سان گڏ مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊن سان نوازيو وڃي، جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي.

 

شعيب احمد جاگيراڻي/ لاڙڪاڻو

 

درسگاهن کي کنڊر ٿيڻ کان بچايو!

 

چوندا آهن ته شعور جو سج درسگاهن مان اڀرندو آهي، درسگاهون سماج جي عقلي ۽ شعوري جياپي لاءِ روح جي حيثيت رکن ٿيون پر الميو اهو آهي ته جيڪي اسڪول بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا تن جي ڏهاڪن کان ڪا سار نه لڌي وئي آهي نتيجي طور اسٽاف جي کوٽ، بنيادي سهولتن جي اڻهوند، زبون حال قاتل عمارتون ۽ جديد سهولتن کان وانجهيل ادارا ڪنهن ڀوت بنگلن جو ڏيک ڏين ٿا. 1932ع ۾ تعمير ٿيندڙ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخشاپور به چونڊيل نمائندن، وزيرن ۽ تعليم کاتي کان وسري ويل ادارن منجهان هڪ آهي. جتي بخشاپور شهر ۽ پسگردائي جي ڳوٺن جا ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن، نظراندازي واري اداءِ دلبرانا جي پسپرده ڪهڙا راز آهن؟ والله اعلم. هن اداري ۾ هن وقت پنج سئو ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن، مثالي ادارن جي سار سنڀال ضلعي توڙي صوبائي حڪومت ۽ ان سان گڏ تعليم کاتي جي اوليت هئڻ گهرجي پر هتي اسان وٽ حال ان جي ابتڙ آهن. سنڌ جا اڪثر تعليمي ادارا کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ويتر تازين برساتن اڪثر ادارن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. تعليمي ادارن جي اهميت کان ڪو جاهل ئي انڪار ڪري سگهي ٿو پر اهلِ علم ماڻهن جي خوشي ته تعليمي ادارن ۾ ئي هجي ٿي! اهي علائقا ڏاڍا خوش قسمت سمجهبا جتان جا تعليمي ادارا آباد آهن ۽ اتان جا رهاڪو ٻارڙا، شاگرد ۽ علم دوست پنهنجي علمي اُڃ اجهائڻ لاءِ پُرسڪون ماحول ۾ ذهني آبياري ڪري سگهن، جنهن سان نه رڳو جهالت کي مات ملندي پر ايندڙ نسل جي بقا کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. ڪنهن ملڪ جي ترقيءَ جو اندازو اُن مان لڳائي سگهجي ٿو ته اتان جا تعليمي ادارا ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت آهن. قومن جي زوال جو سبب تعليم جو زوال هوندو آهي، ايئن وري تعليم جي تباهيءَ جو سبب تعليمي ادارن جي تباهي هوندي  آهي، جي اسان زندهه ۽ ڪامياب قوم ٿي رهڻ چاهيون ٿا ته پوءِ لازمي آهي ته پنهنجن تعليمي ادارن جي مالڪي ڪريون.

 

عرفان علي مهر/ بخشاپور

 

قوم جي ٻارڙن کي معذور ٿيڻ کان بچايو!

 

جنوري کان آگسٽ تائين 8 مھينن دوران ٽي ڀيرا پوليو مھم شروع ٿي چڪي آھي پر يوسي ڪمون شھيد تعلقي اوٻاوڙي جي ڪجھ ڳوٺن ۾ ٽئي ڀيرا معصوم ٻارڙن کي موذي مرض کان بچائڻ لاءِ پوليو ورڪر ڦڙا پيارڻ لاءِ ناھن پھتا، جڏھن ته اسان جي يادگيري ۾ ان قسم جي لاپرواھي صحت کاتي پاران ھن سال پھريون ڀيرو ڪئي وئي آھي، جنھن مان لڳي ٿو ته صحت کاتو سنڌ مان پوليو وائرس ختم ڪرڻ نٿو چاھي، جو ايئن ٿيڻ سان عالمي ادارن پاران کين ملندڙ فنڊ بند ٿي ويندو، منھنجي ننڍڙي آيت جنھن چوڏنھن جنوري 2022ع تي جنم ورتو، جيڪا ڪمون شھيد جي ڳوٺ ڇٽو خان چاچڙ جي ويجھو ناناڻن وٽ رھي ٿي، کيس ٽئي ڀيرا پوليو جا ڦڙا نه پياريا ويا آھن، جيڪا حد ليڊي پوليو ورڪر گل بانو جي آھي، آئون وس وارن کي اپيل ٿو ڪريان ته ان قومي ڏوهه ۾ ملوث ۽ ذميوار ملازمن کان سخت پڇاڻو ڪرڻ سان گڏوگڏ کين ھر ڀيري ھر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن قوم جا ٻار معذور ٿيڻ کان بچي سگھن.

 

ذلفي چاچڙ/اوٻاوڙو

 

سنڌ ڪابينا، علي بابا چاليهه چور!

 

سنڌ حڪومت آل نال ٿي سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙي ڇڏيو آهي، ھاڻي سندن ھٿن ۾ پنڻ وارو ڪشتو آهي ۽ سندن مٿان دنيا جا ڀروسي وارا شريف ملڪ امدادي سامان ۽ امدادي فنڊ جو وسڪارو ڪري ڇڏيو آهي. چور سنڌ ڪابينا جون پنج ئي آڱريون گيھ ۾ اچي ويون آهن. مٿان کين کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي بچيو، گورنر به پنهنجو، وفاقي حڪومت اتحادي بڻجي وئي آهي. سنڌ جو محتسب اعليٰ ۽ جج صاحب به سندن کان پڇاڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ھڪڙو به ڪميشن پاس آفيسر ناهي جيڪو وزير يا چونڊيل نمائندي جي غلط حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري سگهي يا امدادي سامان ڦٻائڻ خلاف آواز بلند ڪري سگهي. اصل کين مال ڦٻائڻ جو سونهري موقعو ملي ويو آهي. بالغ ووٽر ٻڏڻ کان پوءِ به ووٽ ڀوتارن کي ئي ڏيندو، ڇاڪاڻ ته هو غلام آهي، ان ڪري کيس ووٽ جو حق بنا گهرڻ جي ڏنو ويو. بنيادي حق گهرڻ سان بهنه پيا ملن. جتي اھل تخت کان ڪير پڇڻ وارو نه ھجي اتي انڌير نگري چرٻٽ راجا جون موج مستيون ٿي پون ٿيون. عالمي امداد ۽ فنڊن جي شفاف ورهاست جي به نگراني ڪرڻ وارو ڪير ناهي. ميڊيا رپورٽون رڳو تاريخ جو حصو بڻجي وينديون. علي با با چاليهه چور سنڌ ڪابينا کي ڪيترن سالن کان اهو ڪڌو ڪاروبار ڦٻندو پيو اچي. سنڌ جون مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون به ان معاملي ۾ ننڍي ٻارڙن جي دانھن کان وڌيڪ ڪجھ نه پيون ڪري سگهن.  اهي به پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ مظلومن سان ھمدرديءَ تائين محدود آهن. ڪجھ صحافي سچ ڳالهائيندي نظر اچن پيا جن کي تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.

 

شبير کوکر/ قاسم آباد، حيدرآباد

سنڌ ۾ برساتي تباھڪاريون ۽ دربدر عوام!

 

سنڌ ۾ هر پاسي کان مسڪينن ماروئڙن جو آهون داهون ۽ سڏڪا ٻڌڻ ۾ پيا اچن، هزارين پورهيتن جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪرڻ تي بيحال بڻجي رهجي ويا، فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا، انساني زندگيون مفلوج بڻجي ويون، شهرن، گهرن، گهٽين، پاڙن جون رونقون اجڙي ويون، هر پاسي ڀڳل ٽٽل روڊ رستا ۽ تعلقي جي ڪافي ننڍن وڏن شهرن ۾ هر پاسي کان گندو پاڻي ئي پاڻي آهي. ڪو به ناهي جيڪو هن ڏکي گهڙيءَ ۾ عوام سميت هن معدني وسيلن سان مال مال ويران بڻجي ويل شهر جي ڪا حقيقي مالڪي يا وارثي ڪري، پنهنجي موجوده وجود ۾ ته حقيقت ۾ هي شهر نالي ننڍڙو هوندي به قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ھي ۽ پنهنجو تعارف رکي ٿو، انسانن جي شڪل ۾ مرده بڻيل ماڻهو گهمن پيا، جن جا ضمير زنگجي، ڪٽجي ۽ ڪورجي ويا آهن ۽ بس رڳو احساسن کان خالي انساني بوتي مثل مرن جيئن پيا، جن کي پنهنجي حال تي رحم نٿو اچي، انهن تي رحم کائڻ به اخلاقي گناهه بڻجي وڃي ٿو. انهن ماڻهن تي ڇا ڳالهائجي؟ جن جي گهٽين ۽ گهرن ٻاهران گندگيءَ جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ هو بنا بدبوءِ اچڻ جي اتان گهمن ڦرن پيا پر هڪ گھڙيءَ لاءِ به ڪراهت محسوس نه پيا ڪن ۽ اها گندگي مهينن کان وٺي سالن تائين شهرن، گهرن، پاڙن، گهٽين ۾ گڏ ٿيل هوندي آهي پر اسان جي هن شهر جا اٻوجھ هاري، پورهيت، مزدور ماڻهو ڄڻ ڪنهن ڪاٺ جا ٺهيل بي زبان بت آهن، جيڪي ندامت نالي جي ڪا شيءِ محسوس ئي ناهن ڪندا، هو هڪ گھڙيءَ لاءِ به اهو نٿا سوچين ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي ۽ ڇو پيو ٿئي، هي رستن تي موجود غلاظتون ۽ گندو پاڻي آخر ڪيستائين اسان جو نصيب ۽ مقدر بڻيل رهندو؟ ۽ يقين سان چئجي ٿو ته معاشرن کي سٺي حڪمرانيءَ جي صورت ۾ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو، نصيب جو انساني معاشرتي ترقيءَ سان پري جو به تعلق ناهي، جتي جهنگ جو قانون هلندو هجي اتي معاشري جي ترقي ۽ مهذب پڻو سواءِ خام خياليءَ جي ٻيو ڪجهه ناهي هوندو.

 

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سنڌ حڪومت جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام!

 

سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ حڪومت تيزي سان ڪم پئي ڪري، جنهن لاءِ حڪومت طرفان متاثرن ۾ امدادي رقم 25 هزار رپيا پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي. ڳالهه اها آهي ته ٻوڏ ۽ برسات متاثر ماڻهو جيڪي آيل امدادي رقم جي وٺڻ لاءِ جڏهن وڃن ٿا ته وڏي افسوس سان انهن کي اهڙي پريشاني واري صورتحال ۾ به پنهنجي امدادي رقم وٺڻ لاءِ وڏي ناجائزي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو مسئلو سنڌ ۾ هرهنڌ موجود آهي. هن وقت ٻوڏ متاثرن کي سنڌ حڪومت طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي 25 هزار رپين جي ترت امداد جاري ڪئي وئي آ. اها ته عوام کي خبر آ ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بينظير ڀٽو شهيد جي نالي تي شروع ڪرايو ويو جيڪو عوام وٽ وڏي ساراهه وارو آهي ۽ ماڻهن تائين امدادي رقم پهچائڻ جي صورت ۾ اڄ ڪلهه به جاري آهي پر سنڌ ۾ پنهنجي سنڌي ڀائرن سان هر هنڌ انهن کي ملندڙ رقم جي ڪٽوتي واري ڳالهه افسوس جهڙي آهي، جيڪا نه ٿيڻ کپي. ضرورت ان ڳالهه جي آ ته ماڻهن کي ملڻ واري رقم مڪمل طور ادا ڪئي وڃي، جيڪا انهن جو حق آهي ٻوڏ ۽ سيلاب متاثر هن وقت هر قسم جي مدد ۽ همدردي لائق آهن. سنڌ حڪومت به هن وقت جس لهي جيڪا ٻوڏ متاثرن جي هن وقت واهر ڪري رهي آهي. ماضيءَ ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي وقت ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي، جنهن ڪري پ پ پ جي سڄي حڪومتي مشينري سميت پاڪستان جو وڏو ليڊر پنهنجي سر پاڻ متاثرن جي مدد لاءِ نڪري پيو هو ۽ 2010ع واري ٻوڏ ۾ به پ پ پ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ وسان ڪين گهٽايو. هينئر به ساڳي صورتحال آهي، هن وقت پ پ پ جي ترت 25 هزار امدادي رقم واري متاثرين لاءِ مدد ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ چئبي، جيڪو ماڻهن لاءِ هن وقت وڏو مددگار ثابت ٿيو آهي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

زندان جي جھروڪن مان!

 

پنهنجي دوست ڏانهن لکيل خط!

 

 

پيارا ڀاءُ! غلام حيدر چانڊيو صاحب، رب پاڪ ۾ اميد آهي ته توهان پنهنجي اهل عيال سميت خير سان هوندا آمين، مان به هت خير سان آهيان، توهان ٻڌايو ڇا حال آ؟ وقت ڪيئن پيو گذري؟ اڄ ڪلهه ڇا پيا ڪريو، ڪهڙيون مشغوليون آهن؟ ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي؟ ڀاءُ ماڻهو پنهنجا دوست ڏکي گھڙيءَ ۾ ڇڏي ڏيندا آهن پر پنهنجو اولاد وارو رشتو ناهن ڇڏيندا. توهان مون کي پنهنجو دسوت گھٽ پر اولاد گھڻو سڏيندا هئا. مون به اڄ تائين پنهنجا 11 ڀائر سڏرايا آهن ڇو ته مون کي پنهنجو پٽ سمجھڻ سان اوهان جا پنهنجا سڳا پٽ منهنجا ڀائر ٿيا، انهن سميت اسين 11 ڀائر ٿياسين پر خبر ناهي الائي ڇو توهان پڪا ٿي ويا آهيو، نه توهان منهنجي جيل ۾ خبر چار لڌي آهي نه وري منهنجن ڀائرن کان سواءِ گدو جي، جيتوڻيڪ منهنجي گھڻي ويجھڙائپ نويد سان هئي، ان ڪڏهن به سار نه لڌي. رب سائين توهان سڀني کي سدائين خوش ۽ آباد رکي آمين. هميشه خوشيون ماڻيندا رهو، ادا غلام حيدر مان هڪ ڀيرو پنهنجن ڀائرن سان ملڻ جو خواهشمند آهيان. اهي سڀ مون کي اڄ تائين ياد آهن، ادا سائين گڊو سعوديه مان موٽيو يا نه، منهنجا سلام گڊو تائين پهچائيندا، هو سعوديه ۾ ڇا ڪم ڪار ڪري رهيو آهي. حال احوال مون کي خط ذريعي لازمي ڏيندا.  ادا سائين ڪنهن شي يا جيل جي ٽوپيءَ جي ضرورت هجي ته ٻڌائيندا، جيڪو حال آ اوهان لاءِ حاضر آ. توهان مون کي وساري ڇڏيو ڪا ڳالهه نه آهي پر مون کي توهان اڄ تائين سڀ ياد آهيو ۽ اڳتي به رهندا. رب تعاليٰ اوهان کي هميشه آباد رکي. منهنجي لاءِ دعا گھرندا ته رب تعاليٰ جلد آزادي نصيب ڪري، سلام سڀني کي. نويد، گڊو، نديعه، نجيب، ڦوٽو، سورج ۽ ٻين گھرڀاتين کي. ادا سائين پارٽيءَ جا جيڪي دوست اوهان سان ملندا آهن انهن کي به منهنجا سلام ڏيندا، خاص ڪري ڊاڪٽر رفيق ڀلائي، رياض تيوڻو ۽ مظهر ملاح کي. فقط توهان جو دوست.

 

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد