بورڊ ۽ فرنچائز پاڪستان سپر ليگ جو ستون ايڊيشن جنوري يا فيبروري ۾ ڪرائڻ تي متفق

0
202

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جو ستون ايڊيشن ايندڙ سال جنوري ۽ فيبروري ۾ ٿيندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پي ايس ايل فرنچائز وچ ۾ جمعي ڏينهن ٽيليفونڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن کانپوءِ بورڊ ليگ جو ستون ايڊيشن جنوري، فيبروري ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي سي بي طرفان چيو ويو آهي ته ڌرين ۾ ايونٽ جي حوالي سان اتفاق ٿي ويو آهي، ڌرين ۾ نئين ڪمرشل رائٽس ۽ ان جي طريقي ڪار جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته رائٽس جي ايويليوايشن جي فريم ورڪ جو به جائزو ورتو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته جنوري ۽ فيبروري ۾ موسم جي صورتحال سبب پي ايس ايل جو ستون ايديشن ڪراچي ۾ ٿيڻ جو وڌيڪ امڪان آهي، جڏهن ته يو اي اي جي وينيو جو امڪان به خارج نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ سيريز جي شروعات به فيبروري جي ٽئين هفتي ۾ ٿيڻي آهي.ذريعن موجب آسٽريلوي ٽيم جي شيڊيول ٽور کي ڏسندي 15 فيبروي کان اڳ ئي پي ايس ايل جو ايڊيشن ختم ڪرڻو آهي، تنهن ڪري يو اي اي ۾ به ايونٽ جي منصوبابندي ڪري سگهجي ٿي.