صدر جي ڀٽيون ڀرسان يارهين جي موقعي تي صوفياڻي محفل

0
192

صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) صدرجي ڀٽيون لڳ ڳوٺ جهان لغاري ۾ هر سال جيان هن سال به سالياني يارهين ملهائي وئي، صوفي فنڪارن سوڍل فقير، آزاد علي آزاد، عابد فقير سولنگي، بابا موريل فقير جي پوٽي فقير ياسين مهيسر ۽ ٻين فنڪارن صوفياڻي ڪلامن سان ٻڌندڙن مٿان وجد طاري ڪري ڇڏيو، سنڌ جي مشهور صوفي فنڪار سوڍل فقير ۽ آزاد علي آزاد حمل فقير جا دوهيڙا ۽ سچل سرمست جون ڪافيون ٻڌايون ته ٻڌندڙن مٿان وجد طاري ٿي ويو ۽ هو جهومندا رهيا ، جڏهن ته هڪ ڏينهن جي يارنهن جي پروگرام ۾ علائقي /ڏسو صفحو 2 بقايا 02
واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٻار لڳايل رانديڪن جي دڪانن جهولن ۽ ٻين تفريح جي شين مان ٻار پڻ لطف اندوز ٿيندا رهيا.