مقصودو رند ۾ شير ٽالپر اليون هٿان حرمت ٽيم کي مات

0
256

مقصودورند (رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٽين ڪوارٽر ميچ ۾ شير خان ٽالپر اليون ۽ ملا حرمت اليون آمهون سامهون ٿيون. شير خان ٽالپر اليون پهريان بيٽنگ ڪندي تاج ٽالپر جي 102 رنز جي مدد سان مقرر15 اوورن ۾ 254 رنز جو هدف ڏنو. جواب ۾ ملا حرمت اليون منير ڪيريو جي 25 رنز جي مدد سان 123 رنز ٺاهي سگهي، اھڙي ريت شير خان ٽالپر اليون 130 رنز تان ميچ کٽي سيمي فائنل لاء ڪواليفاءِ ڪري ورتو . شير خان ٽالپر اليون طرفان تاج ٽالپر کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.