بدين: ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ سندن پٽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد

0
134

بدين جي قومي تڪ اين اي 223 تان جي ڊي اڳواڻن ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ سندن پٽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد ٿي ويا، رٽرننگ آفيسر نواز ڪلوڙ ٽنهي اڳواڻن جا نامزدگي فارم رد ڪيا

 اي آر او علي حسن نهڙيو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اين اي 223 بدين ٽو تي ڊاڪٽر فهميدا مرزا، ذوالفقار مرزا ۽ سندن پٽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن

 اي آر او علي حسن موجب مرزا فيملي خلاف اسٽيٽ بينڪ پاران پٽيشن داخل ڪرائڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ کين 22 ڪروڙ روپين جو باقيدار قرار ڏنو آهي، اهڙي فيصلي جي بنياد تي آر او مرزا فيملي جي ٽنهي فردن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن

ٻئي پاسي جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر فهميدا مرزا پاران نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف عدالتن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي فهميدا مرزا چيو ته اسان اڳ ئي اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته سنڌ جي بيوروڪرسي اليڪشن نه پر سليڪشن ڪرائيندي، مان چئلينج ڪيان ٿي ته ثابت ڪيو ته مان ڊفالٽر آهيان

هن چيو ته هڪ لميٽڊ ڪمپني جا ننڍا شيئر هئڻ جي بنياد تي ڪنهن کي باقيدار قرار ڏئي نه ٿو سگهجي، سياسي مخالف هر ڀيري اهو ئي معاملو کڻي ايندا آهن، اسان اڳ به ٽربيونلز ۽ عدالتن کان رليف ورتو آهي

سنڌ ۾ ڪامورن جي نگراني ۾ ٿيندڙ چونڊون شفاف ٿي نه ٿيون سگهن، سنڌ ۾ اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيندي نظر پئي اچي

هي به پڙهندا

سانگهڙ جي قومي تڪ تي جي ڊي اي اڳواڻ محمد خان جوڻيجو جا نامزدگي فارم رد