بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جا نامزدگي ڪاغذ منظور

0
52
بلاول جو سپريم ڪورٽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن جي نانءُ پيغام
بلاول جو سپريم ڪورٽ بار جي نون چونڊيل عهديدارن جي نانءُ پيغام

لاڙڪاڻو: عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ جي لاءِ  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا لاڙڪاڻي مان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا

لاڙڪاڻي کان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 ۽ اين اي 196 تان بلاول ڀٽو جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پ پ عورت اڳواڻ ۽ آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جا صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 10 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن

ان کانسواءِ لاڙڪاڻي جي ئي تڪ اين اي 194 تان جي يو آءِ جي راشد محمود سومرو ۽ 196 تان جي يو آءِ جي ناصر محمود سومرو جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، جيڪي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪندا

جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي جا پي ايس 11  تي نامزدگي فارم منظور ٿي ويا

ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه پر اسان صرف عوام جي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا

هن چيو ته  8 فيبروري تي ستاري تي ٽپو پاڪستان جي ڪاميابي آهي، سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل عام ٿي رهيو آهي، اڄ جو نوجوان مايوسي جي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، اقتدار ۾ اچي مظلوم عوام کي سنڌ جي ڪرپٽ ترين مافيا کان نجات ڏيارينداسين

هي به پڙهندا

بدين: ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ سندن پٽ حسام مرزا جا نامزدگي فارم رد