اڄ جي صحافت پروفيشنل اخلاقيات تي پورو لهي ٿي؟ 

0
230

ڪالھه صحافت جو عالمي ڏينهن هو، صحافت جيتوڻيڪ هاڻي هڪ ڪاروبار ۽ انڊسٽري بڻجي وئي آهي پر حقيقت ۾ صحافت جو  مشن وارو پاسو اڄ به سگهارو ۽ زبردست آهي. اهڙو مشن جيڪو مظلومن جو ڀرجهلو هُجي، اهڙو مشن جيڪو ظلم جي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۾ ثابت قدم هُجي، اهڙو مشن جيڪو پنهنجي عظيم مقصد لاءِ اصولن تي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به قيمت تي سودي بازي ڪندڙ نه هُجي. حقيقت ۾ صحافت اُها آهي جنهن جو بنياد سچ آهي، جنهن ۾ سچ ۽ پروفيشنل اخلاقيات ناهي اهو ڌنڌو ٿي سگهي ٿو، پر اها صحافت ٿي نه ٿي سگهي.حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ ۽ پنهنجون صحافتي ذميواريون ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيڻ تي لاتعداد صحافين جون زبردست قربانيون آهن. صحافت واري ڏينهن جي مناسبت سان انهن جرئتمند ۽ عظيم صحافين کي، توڙي صحافت واري علم جي سکيا ڏيندڙ استادن کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي.
صحافت منهنجو پسنديده شعبو آهي، اهو ئي سبب هو جو مون نه رڳو صحافت جو علم حاصل ڪيو پر عملي صحافت کي به وڏو وقت ڏنو. جنون جي حد تائين لڳاءُ جي ڪري رات ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ڪنهن به موڙ تي نه اصولن تي سوديبازي ڪئي، نه ئي قلم جي حرمت کي داغدار ڪيو. جيترو وقت صحافت ۾ رهيم صحافتي ذميواريون عبادت جيان نيڪ نيتيءَ سان نڀايون. آئون عملي صحافت ته گهڻو وقت اڳ ڇڏي چڪو آهيان پر منهنجو صحافت سان اڄ به ساڳيو عشق آهي، اهو ئي سبب آهي جو آئون هاڻي به ڪالم ذريعي پنهنجن پڙهندڙن سان ڪجھه نه ڪجھه شيئر ڪندو رهان ٿو.  هونئن ته صحافت جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ صحافت جو علم ۽ سکيا حاصل ڪرڻ ضروري آهي، پر سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ کان پوءِ هر اهو ماڻهو صحافي بڻجي ويو آهي جنهن وٽ سمارٽ موبائل فون آهي. هر ماڻهو وٽ پنهنجي اخبار، پنهنجي ٽي وي ۽ چئنل آهي، نه رڳو اهو پر هر ماڻهوءَ کي اها آزادي به حاصل آهي ته سوشل ميڊيا ذريعي جيڪو چاهي اهو اپلوڊ ڪري. ڀلي اهو سڀ ڪجھه اخلاقي طور صحيح هجي يا غلط. جيتوڻيڪ هر ماڻهو ڀلي اهو ڪهڙي به ڪم يا پروفيشن سان لاڳاپيل هجي. اهو اخلاقي گهرجن جي پاسداري ڪرڻ لاءِ پابند آهي پر اسان جي سماج ۾ اهو ورلي نظر اچي ٿو. اصل ۾ قانون جي ڪمزوري سبب اسان جي سماج ۾ ڇڙواڳي آهي. اسان وٽ شين جي صحيح استعمال بجائي غلط استعمال جو رجحان عام آهي. ڪنهن به شئي جي صحيح استعمال جا جيترا فائدا آهن، انهن ئي شين جي غلط استعمال جا ڏهوڻ تي وڌيڪ نقصان آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان لاتعداد سماجي براين ۽ بيمارين کي ڀوڳي رهيا آهيون.
سوشل ميڊيا تي روزانو لاتعداد اهڙيون شيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون جن کي پڙهي رڳو مايوسي ئي نه پر شرمندگي به محسوس ٿئي ٿي. اهڙيون پوسٽون ۽ ڪمينٽس پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته اسان اڃا علم ۽ تدبر جي تعارف تائين به پهچي ناهيون سگهيا. اهو ڪهڙو علم آهي جيڪو ماڻهوءَ کي مهذب ۽ ذميوار بڻائي نه سگهي!؟ ڪاغذ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کي علم حاصل نه ٿو چئي سگهجي. حقيقي علم ته شعور، تدبر ۽ اخلاقيات جي ان منزل تي پهچائي ٿو، جتي غيرذميواري ۽ غيرمهذب روين لاءِ ٿورڙي وٿي به نه ٿي بچي. پروفيشنل اخلاقيات زندگيءَ جي هر شعبي جو بنيادي محرڪ آهي، پروفيشنل ازم سان صحافت اهڙي طاقت بڻجي وڃي ٿي، جنهن سان مظلوم انسانن لاءِ گهڻو ڪجھه ڪري سگهجي ٿو ۽ ناانصافين خلاف مهاڏو اٽڪائي سگهجي ٿو. توهان ڪهڙو به ڪم ڪيو جيڪڏهن ان جو بنياد سچ، ايمانداري ۽ اصول ناهي ته اوهان پنهنجا ذاتي مفاد ۽ فائدا ته حاصل ڪري سگهو ٿا، پر ذميوار فرد طور سماج کي ڪجھه به ڏيڻ جي لائق ٿي نه ٿا سگهو. اڄ ميڊيا سموري دنيا ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، اڳي صرف پرنٽ ميڊيا هئي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو وجود ته هو پر اها سرڪار ۽ رياست جي ڪنٽرول هيٺ هئي. هاڻي پرنٽ ميڊيا سان گڏوگڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، اهو انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيا جو ڪمال آهي جو سموري دنيا ڳنڍجي ويئي آهي. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪو واقعو پيش اچي ٿو يا ڪا تبديلي رونما ٿئي ٿي ته ان جي معلومات سيڪنڊن ۾ سموري دنيا تائين ڦهلجي وڃي ٿي. ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته صحافت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي مثالي آهي، پر جتي پروفيشنل اخلاقيات تي عمل نه ٿو ٿئي اتي صحافت توڙي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال جي ڪري وڏا وڏا نقصان به ٿيا آهن. اسان جي سماج ۾ به اهڙا ڪافي مثال موجود آهن، تفصيل ۾ وڃڻ بجائي اهو مثال ورجائڻ چاهيندس ته صحافت رياست جو چوٿون ٿنڀو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به سماج يا رياست جو هڪ ٿنڀ ڪمزور يا ناڪاره هوندو ته اها رياست ڪڏهن به مضبوط ٿي نه سگهندي. 
پنهنجي ڳالھه کي سميٽيندي صحافت جي پروفيشن سان لاڳاپيل سڀني فردن کي عرض ڪندس ته هن موقعي تي اُهي پوري ايمانداريءَ سان خوداحتسابي ڪن ۽ پنهنجو جائزو وٺن ته ڇا هو پنهنجون ذميواريون صحافتي اصولن ۽ اخلاقي گهرجن مطابق پوري ايمانداريءَ سرانجام ڏئي رهيا آهن يا نه؟