فوج جي مقرري سان ايس او پيز تي عملدرآمد بهتر ٿيو: اسد عمر

0
246

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر ٽوئٽر تي ايس او پيز تي عمل جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ سان ڪافي بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ فوج جي مقرري سوڌو مضبوط نظام لاڳو ڪرڻ سان ايس او پيز ۾ بهتري آئي، هن چيو آهي ته قومي سطح تي ايس او پيز جي حد ٻيڻ تي ٿي آهي، قومي سطح تي ايس او پيز جي تعميل 25 اپريل تي 34 سيڪڙو هئي ۽ 3 مئي تي 68 سيڪڙو ٿي ويو، جڏهن ته عيد تائين ايس او پيز جي تعميل جي سطح کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، اسد عمر جو چوڻ هو ته ٻئي نمبر تي آزاد ڪشمير ۾ ايس او پيز تي 82 سيڪڙو عملدرآمد ڪيو ويو ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا ايس او پيز تي 62 سيڪڙو عملدرآمد ڪيو ويو آهي..