“ڀيرويءَ” جهڙي فنڪار جي موڪلاڻي !

0
255
عورت جي آواز کي آن ايئر نه ٿيڻ گهرجي!

خبر ناهي اهو ڪير شخص هو؟ هن جي ڳائڪيءَ ۽ وڄت سان ڪيتري محبت هئي جو جڏهن ڍولڪ نواز فدا فقير جي جنازي کانپوءِ هن جي آخري ديدار لاءِ ماڻهن کي سڏ ڪيو ويو ته هن ڪفن جي پاسي کان فقير فدا جا هٿ ٻاهر ڪڍي انهن کي بوسو ڏئي اکين تي رکيو!
بلاشڪ اهو سڀ ڪجهه،عظيم هٿن جي ڪمال مهارت سان سڄي عمر ڍولڪ وڄائيندڙ هڪ شاندار فنڪار کي زبردست ڀيٽا هئي. جن به فدا فقير کي ڍولڪ جي وڄت ڪندي ڏٺو، انهن کي خبر آهي ته هو ڍولڪ سان رانديون ڪندو هو. هن جي وڄت انوکي هئي. هٿن جو گداز ڇهاءَ به ته هڪ عجيب قسم جو خمار پڻ… سڄو هٿ کٻي سان سُر ۾ ساڻ هلندو هو. ٻئي هٿ هڪ ئي لهجي ۾ ڄڻ ڳالهايون پيا ڪندا هئا. هن جي مهارت ان ڪمال تي پهتل هئي جو “ٺيڪو” چاهي ڪيترو به ڏکيو هجي. هو ان کي ايتري سهل انداز ۾ لڳائيندو هو جو طبلي جو لهجو نستعليق جيان ٿي ويندو هو. ايترا برجسته، نرم ۽ پنهنجي فن ۾ يڪتا هٿ مقدر وارن کي نصيب ٿيندا آهن!
فدا فقير مڱڻهار ڪير هو؟ شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته سڄو جيون مسڪيني حالت ۾ گهاريندڙ هن ڍولڪ نواز سنڌي ڳائڪيءَ ۾ عظمتن جي آسمان کي ڇهيو. ساهتيءَ جي ننڍڙي ڳوٺ دليپوٽا سان تعلق رکندڙ بهترين ڍولڪ نواز پنهنجي فن جي شروعات دهل جي وڄت سان ڪئي. ڪجهه وقت ۾ ئي هن “سماٽڪا ٽڪا، سماٽڪا اکر ۽ سماٽڪا ٻول” جي تالن ۾ پاڻ ملهايو. “شادماني” تي هن جي وڄت پڻ شاندار رهي. دهل جي ٻنهي پاسن “بم ۽ تاليءَ” تي “ڏؤنڪي ۽ ڇينڀ” جي لازوال ميلاپ سان فدا فقير ننڍي عمر ئي مهارت حاصل ڪري ورتي هئي. جڏهن به دهل مان “ڌا- جها- تا- تِڪ- نڪ- گهنا- ڪِت- تن- ڌِن.” ان کان سواءِ “ڪَتا- ڪِتا- گهِنا- گهَنا- جِهنا- جَهنَا- گِهٽي- جھني- ڪِتند- جهينا- جهيني- ڌآن- ڌِنَا.” جا آواز بلند ٿيندا هئا ته محفل ۾ عجيب مستيءَ جو عالم ٿي ويندو هو. “چينچل، ڪلواڙو، چالو، اڌايو، اولنگ، مُول وهول.” جي وڄت ته مڱڻهار فقير شروعات ۾ ئي سکي ويندا آهن، پر فدا فقير جي آڱرين ۾ سکڻ جو ايترو ته ڏانءُ هو جو هن ننڍي وهيءَ ۾ ئي ڪجهه ڏکيا تال جن ۾ “ڌاگ ڌاگ، آرُو، بندرا بني ۽ سول” شامل آهن سکي ورتا. هن ڪيترائي ڀيرا قلندر جي مزار تي “درگاهه جي چوڪي” پڻ وڄائي. هڪ وقت هو جو تر جي هر ملاکڙي ۾ هن کي “ٽاهو”وڄائڻ لاءِ گهرايو ويندو هو.
منهنجو دوست نثار احمد پهنور چوندو آهي ته “فدا فقير پنهنجي نالي جيان پنهنجي فن لاءِ سدائين فدا رهيو.” خوشيءَ جي موقعن تي خاص وڄتن جهڙوڪ: باٿي جهلڪو، شادمانو، سَنجهو، لمدي تال، هسواري، هنبوڇي يا ڇتي واهول، جمرتال ۽ چينو وڄائڻ ۾ هن جي ڪاريگريءَ کي سدائين ساراهيو ويو. دهل ۽ ڍولڪ تي مهارت هن کي ڪلاسيڪي فنڪارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو. فدا فقير جي آرٽ سان سنجيدگي به ڏسڻ وٽان هئي. طبيعت ۾ نفاست ۽ خودداريءَ سان ٽمٽار هن شخص جو اهو به ڪارنامو رهيو جو ڪڏهن به حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڦهلايو. گذريل سال ڪووڊ-19 جي ڪري لاڪ ڊائون ۾ جڏهن شادين مرادين تي ڪيترائي مهينا پابندي رهي ته هن پاڻ کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو. هڪ ڀيرو ٺاروشاهه ۾ ماسٽر چندر جي گهر واريءَ گهٽيءَ ۾ مليو ته اداسائي هن جي اکين مان ليئا پائيندي نظر آئي. مون ڪوشش ڪئي ته هن کان حال احوال وٺان، پر جڏهن به غربت، بيروزگاريءَ جو ذڪر آيو ته هن ڳالهه کي ٻئي طرف موڙي ڇڏيو، بلڪل ايئن جيئن دهل جي وڄت کي “ڊڍ کان شادماني” وٺي وڃجي! هن ڳالهيون ته موڙيون پئي پر منهن جي مرڪ به ساڳي نه هئي. سمجهي سگهجي پيو ته هنن ڏينهن ۾ فنڪار ڪهڙي مصبيت مان گذري رهيا آهن!؟ ڳالهيون ڪندي جڏهن ماسٽر چندر جي گهر سامهون پهتاسين ته هو اتي ڪجهه گهڙين لاءِ بيهي رهيو. مونکان سوال ڪيائين ته “ٺاروشاه مان لڏي وڃڻ کانپوءِ ماسٽر چندر جي زندگي ڪئين گذري؟” “ڪيئن گذري هوندس… بي وطن ماڻهوءَ جو جيون ڪيئن گذرندو آهي!؟” جواب ڏنو مانس. “ڀلا، پئسي ڏوڪڙ جي ڪمي ته ڪو نه هئس؟” ٻيو سوال ڪيائين. “استاد فدا، زندگيءَ ۾ صرف ڏوڪڙ ته ناهن هوندا…” منهنجي جواب تي فقط “همممممم” چئي خاموش ٿي ويو. هاڻي جڏهن هو هن دنيا ۾ ناهي رهيو ته مان سوچيان ٿو. مفلسيءَ جي حالت ۾ ديس به پرديس ٿيو وڃي. ها ياد آيو ته اهڙو هڪ مشهور قول مولا علي عليهه السلام جو پڻ آهي.
اڄ جڏهن فدا فقير موريل شاهه جي مقام ۾ ابدي آرامي آهي ته هن سان جڙيل هڪ ٻي ياد به اچي وئي. هڪ ڀيري مليو ته ڪجهه دير گڏ ويٺاسين. دل گهريو ته هن کي استاد سلامت علي خان شام چوراسي گهراڻي وارو جي ڳايل مشهور ملتاني ڪافي ٻڌرايان. خواجه غلام فريد جو ڪلام “سانول موڙ مهاران” استاد سلامت علي خان سنڌي ڀيرويءَ ۾ ڳايو هو. ان ڪلام ۾ استاد سلامت علي خان جو راڳ تي ڪنٽرول ڏسڻ وٽان آهي. فدا فقير نه صرف باڪمال آرٽسٽ هو پر هڪ خوددار انسان پڻ، جنهن سڄي حياتي فن جي خدمت ڪئي. زندگيءَ جي ان سڄي منظر ۾ منهنجي هڪ خواهش اڌوري رهجي وئي. ڪاش! مان به هن جي جنازي ۾ شريڪ ٿي هن جي هٿن جو آخري ديدار ڪري سگهان ها. بس هاڻي سوچيان پيو ته “ڀيرويءَ” جهڙو هڪ فنڪار اسان کان موڪلائي ويو.