انڊيا لاءِ آزمائش بڻيل ڪورونا قھر ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ سبق

0
284

انڊين ميڊيا تي نظر ڊوڙائڻ سان پتو پوي ٿو ته ھيستائين اولھه لاءِ عذاب سمجھيو ويندڙ ڪورونا قھر ھن خطي لاءِ خطري جي گھنٽي طور دستڪ ڏيئي چڪو آھي. 24 اپريل تي پوري دينا ۾ رپورٽ ٿيل ڪورونا ڪيسن جو 40 سيڪڙو انڊيا ۾ ٻڌايو وڃي پيو جيڪو ھيستائين ڪورونا جو وڌيڪ عذاب ڀوڳيندڙ آمريڪا ۾ ھاڻي صرف 6 سيڪڙو وڃي رھيو آھي پراھا الڳ ڳالھه آھي ته آمريڪا جي ھيستائين 10 سيڪڙو آبادي ڪورونا مان متاثر ٿي چڪي آھي جڏهن ته انڊيا ۾ اڃان تائين لڳ ڀڳ ڏيڍ سيڪڙو آبادي ئي متاثر ٿي آھي. حالانڪه انڊيا ۾ ھيستائين ٿيل ڪورونا ڪيسن جي سراسري موت جي شرح لڳ ڀڳ 1 سيڪڙو ئي آھي جيڪا گلوبل ٽرينڊ جي حساب سان اڃان تائين ڪو ڳڻتي جوڳي ڪونھي پر وڌيڪ چنتا جي ڳالھه اھا آھي ته ڪورنا پازيٽو ڪيسن جو اھو وڌيل تناسب گذريل ٻه مھينا اڳ جي تعداد جي ڀيٽ ۾ 15 ڀيرا وڌيو آھي جنھن ۾ به لڳ ڀڳ اڌواڌ ڪيس صرف گذريل پنجن ڏينھن جا آھن. انھي جو ڪارڻ يقينن حڪومتي توڙي عوامي سطح تي ڳنڀير بي ڌياني ۽ بي احتياطي ٿي آھي جنھن سان ھن وبا ۾ ايڏو اڇال اچي ويو آھي.
ھيستائين انڊيا ۾ ٿيندڙ ڪورونا چڪاسن جو سراسري 16 سيڪڙو پازيٽو ريٽ ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو وڏن شھرن ۾ 25 کان 30 سيڪڙو تائين به وڌيل آھي، جڏھن ته صحت جي عالمي اداري جي گائيڊلائين موجب 5 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا چڪاسن جو مثبت تناسب خطري جي گھنٽي طور سمجھيو وڃي ٿو. انڊين ميڊيا ٻڌائي ٿي ته گذريل ٻن مھينن کان جيئن ڪورونا پازيٽو ڪيسن جو تناسب انڊيا ۾ وڌڻ شروع ٿيو آھي تيئن ئي اسپتالن ۾ رش وڌڻ شروع ٿي آھي ۽ لاڳاپيل صحت سھولتن تي گنجائش کان وڌيڪ بار پوڻ شروع ٿيندي رپورٽ ٿيو آھي. خاص طور تي آڪسيجن جي اڻاٺ جو معاملو ڳنڀير روپ سان ھڪ آزمائش بڻجڻ لڳو آھي ڇو ته لاڳاپيل ڌرين جي انگن اکرن مطابق ڪورونا جي پھرين لھر جي مقابلي ۾ ھن ڀيري ٻي لھر دوران وڏي عمر جا ڪيس توڙي ساھه جي تڪليف وارا ڪيس نسبتن گھڻو وڌيڪ اسپتالن ۾ داخل ٿين پيا. حالانڪه اھو ھڪ الڳ تحقيق طلب موضوع آھي ته اھو ايئن ڇو پيو ٿئي جنھن جا اڳتي ھلي يقينن سبب سامھون ايندا. بھرحال وبا جي انھي سڄي الميئي دوران ڪورونا وبا کي منھن ڏيڻ جي حڪومتي حڪمت عملين جو جائزو وٺڻ سان پرک پوي ٿي ته جيتوڻيڪ اھو ساراھه جوڳو عمل آھي ته انڊيا ۾ لاڳاپيل اختيارين جي ڪورونا ويڪسين واري عمل تي تمام گھڻو ڌيان رھيو آھي ۽ ھيستائين ھيڏي وڏي آبادي جو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو تائين خلق کي پھريون ٽڪو لڳي چڪو آھي ۽ انھن مان چڱن خاصن ماڻھن کي ٻئي ڊوز به لڳي چڪا آھن جيڪو عمل اڳتي ھلي يقينن لاڀائتو ثابت ٿيندو پر جيڪا ڳالھه شايد ڪورونا جي ھن ٻي لھر دوران مناسب ڌيان نه وٺي سگھي سا ڪورونا جي امڪاني ڪيسن لاءِ اضافي آڪسيجن جو بندوبست رکڻ توڙي ان جي مناسب ورڇ جو ڪارائتو منصوبو جوڙڻ شامل آھي، ڇو ته لاڳاپيل انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اپريل 2020ع کان جنوري 2021ع تائين ڏھه مھينن ۾ 9301 ميٽرڪ ٽن آڪسيجن ايڪسپورٽ ڪئي وئي آھي جيڪا ان کان اڳين سال جي 12 مھينن ۾ 4502 ميٽرڪ ٽن ايڪسپورٽ ٿي ھئي. انڊيا جي ڪجھه اھم اسپتالن ۾ داخل ٿيندڙ ڪورونا مريضن جي موجوده وڌيل ڪرائيسز جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪئي مريضن کي مختلف اسپتالن ۾ آڪسيجن سھوليت نه ملڻ ڪري ئي افراتفري جو ھي ڳنڀير عالم برپا ٿيو آھي. باوجود انجي ٻئي پاسي ميڊيا اھو پڻ رپورٽ ڪري پئي ته گذريل اڱاري تي اسپتالن ۾ داخل ٿيندڙ ڪل مريضن مان 4 سيڪڙو مريض آڪسيجن جي بسترن تي آڪسيجن سھوليت وٺي رھيا ھئا، 1.75 سيڪڙو مريض آئي.سي.يوز ۾ ھئا ۽ 0.4 سيڪڙو مريض وينٽيليٽرز تي ھئا پر اھو به سچ آھي ته مريضن جو ھڪ وڏو حصو آڪسيجن نه ملڻ ڪري سوشل ميڊيا معرفت در بدر توڙي تڙپندو پڻ ڏٺو ويو. حالانڪه باوجود ان جي ته انڊين سرڪار ھلائيندڙ سياسي پارٽي جي ڪجھه اڳواڻن جو چوڻ آھي ته ھن سڄي معاملي کي اپوزيشن پارٽين پاران پوليٽيسائيز ڪيو پيو وڃي پر ان جي باوجود انھي زميني حقيقت کي ھر گز رد نٿو ڪري سگھجي ته جيڪڏھن اسپتالن ۾ آڪسيجن جي گھربل رسد مناسب طريقي سان ميسر ٿئي ھا ته ڪيئي ضائع ٿيل انساني جانيون شايد بچي ٿي سگھيون ۽ ھن افراتفري جي اڀريل منظر کي ميڊيا جي زينت نه بڻجڻو پوي ھا. جيتوڻيڪ آڪسيجن اڻاٺ واري افراتفري جي سوال ڪر کڻڻ تي لاڳاپيل حڪومتي اختيارين ميڊيا معرفت معلومات ڏني آھي ته انڊيا ۾ ڪل آڪسيجن جي پيداوار روزانو 7122 ميٽرڪ ٽن آھي جنھن مان 60 سيڪڙو کان ھيٺ لڳ ڀڳ 4200 ميٽرڪ ٽن روزانو تائين آڪسيجن ميڊيڪل لاءِ استعمال ٿيندڙ آھي ۽ باقي صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندڙ آھي. موجوده حالتن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ آڪسيجن وڌيڪ استعمال ٿيڻ ڪري ميڊيڪل ضرورتن لاءِ گھربل آڪسيجن جو تخمينو روزانو 8000 ميٽرڪ ٽن ٻڌايو وڃي پيو جيڪو امڪاني ڪورونا ڪيسن جي وڌڻ سان وڌي پڻ سگھي ٿو. انھن حالتن ۾ دھلي ھاءِ ڪورٽ آڪسيجن جي انڊسٽريل استعمال تي پابندي ھڻڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آھي.
جڏھن ته ٻئي پاسي سرڪاري اختيارين جي دعويٰ آھي ته تازو ڪجھه خانگي ذريعن توڙي پبلڪ اسٽيل پلانٽس جي معرفت ملندڙ اضافي آڪسيجن سان 3300 ميٽرڪ ٽن روزانو ملڪي آڪسيجن پيداوار ۾ اضافو ٿيو آھي اھڙي ريت ھاڻي ڪل آڪسيجن جي اپت جي مقدار روزانو 10422 ميٽرڪ ٽن ٻڌايو وڃي پيو ۽ انھي سان گڏ سرڪاري ذريعن موجب 50000 ميٽرڪ ٽن آڪسيجن جو اسٽاڪ به موجود آھي ۽ وڌيڪ 50000 ميٽرڪ ٽن آڪسيجن جي ٻاھران گھرائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آھي.
گڏوگڏ سرڪار 713 (ھر ھڪ لڳ ڀڳ ھڪ ميٽرڪ ٽن روزانو آڪسيجن اپت ڏيندڙ ۽ سوا ڪروڙ کن انڊين رپين جي لاڳت رکندڙ) ننڍا آڪسيجن پلانٽ ضلعي اسپتالن سطح تي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آھي جن مان 162 پلانٽ پھرين ئي منظور ٿيل ٻڌايا وڃن پيا. ٻڌايو وڃي پيو ته ھڪ پلانٽ لڳڻ ۾ لڳ ڀڳ مھينو کن جو وقت لڳي ويندو آھي. حالانڪه اخباري رپورٽن جا جائزا ٻڌائن ٿا ته آڪسيجن جي ظاھري انگن اکرن واري گھرج جي پورائي سان پڻ معاملا حل انھي ڪري نه ٿيندا جو انڊيا ۾ آڪسيجن پيدا ڪندڙ 80 سيڪڙو پلانٽ صرف 8 رياستن ۾ آھن انھي ڪري جاگرافيائي لحاظ کان وڏي پکيڙ واري پوري ملڪ جي اسپتالن ۾ ھنگامي بنيادن تي آڪسيجن پھچائڻ ۾ ٽرانسپورٽ مشڪلاتن سان گڏ ٽرانسپورٽ ڪرڻ واسطي توڙي اسٽوريج واسطي گھربل اضافي سئلينڊر توڙي ٻيون گھربل لاجسٽڪ سھولتون دستياب نه آھن.
چيو وڃي ٿو ته اھڙو گھربل انفراسٽرڪچر مھيا ڪرڻ ۾ ڪجھه وقت درڪار ھوندو آھي جيتوڻيڪ سرڪاري ذريعن جي دعويٰ موجب اھڙن گھربل سئلينڊرن کي ڪافي تعداد ۾ امپورٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي سطح تي مينيوفيڪچر ڪرائڻ توڙي ٻئي گھربل انفراسٽرڪچر جي بندوبست ڪرڻ جو ڪم به ھنگامي بنيادن تي جاري آھي. بھرحال انھن سڀني حقيقتن جي باوجود حقيقي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اصل چئلينج اھو آھي ته ھن خطي ۾ آيل ھن ڪورونا قھر جي پکڙجڻ کي لاڳاپيل ايس.او.پيز سان جڙيل سڀئي اڳواٽ احتياطي اپاءُ وٺندي ڪيئن محدود ڪري سگھجي ٿو ته جيئن امڪاني ڪورونا جا ڪيس ڪنھن به صورت ۾ گھڻا نه وڌن ۽ ان سلسلي ۾ ڪا به انساني بي ڌياني ۽ بي احتياطي انھي ڪورونا قھر کي مستقبل قريب ۾ اڃان وڌيڪ ڀيانڪ روپ سان سامھون نروار ڪرائڻ جو سبب نه بڻجي. انھي ڪري آبھوائي توڙي سماجي، معاشي، سياسي، انتظامي ۽ حڪومتي طرزن تي ھڪجھڙائي رکندڙ سائوٿ ايشيائي خطي جي ملڪي حڪومتن ۽ عوام لاءِ اھو چتاءُ آھي ته انڊيا جي انھي ڪٺن تجربي مان سکندي ڪورونا قھر جي ڪنھن به امڪاني ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجيون سڀئي گھربل تياريون وقت سر مڪمل رکڻ گھرجن ته جيئن انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جھڙو ڪو به الميو ڪٿي به برپا نه ٿئي.