العزيزيه ريفرنس ٻيهر عدالت ڏانهن موڪلڻ بابت نيب جي درخواست رد

0
133

العزيزيه ريفرنس ٻيهر احتساب عدالت ڏانهن موڪلڻ بابت نيب جي درخواست رد ڪئي وئي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ڪيس ۾  نواز شريف جي اپيل تي ميرٽ تي ٻڌڻي جو فيصلو ڪيو آهي

ن ليگ سربراهه نواز شريف جي سزا خلاف اپيل تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي هلائي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت کي معاملو واپس موڪلڻ بابت نيب جي استدعا رد ڪري ڇڏي

عدالت مرحوم جج ارشد ملڪ جي وڊيو عدالت ۾ هلائڻ جو به اشارو ڏئي ڇڏيو

عدالت رمارڪس ڏنا ته العزيزيه ريفرنس ميرٽ تي هيءَ ئي عدالت ٻڌندي