اسين سوڀارا ٿينداسين

0
232
اسين سوڀارا ٿينداسين

 پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، تهذيب، ٻولي ۽ ادب سان جهڙي ريت ناانصافيءَ جو بنياد رکيو ويو هو ان ۾ صرف ڌاريا ئي نه پر پنهنجن جو ڪردار به شامل پئي رهيو آهي، اقتدار جي بک ۾ ورتل سنڌي سياستدانن هر دور ۾ جنهن اٻهرائيءَ، پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان دغا جو ثبوت ڏنو آهي ان جو مثال ورلي ئي ٻين قومن جي تاريخ ۾ ملي ٿو، 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان حر ايڪٽ پاس ٿيڻ، 1955ع ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ، 2012ع ۾ ٻٽو مڪاني نظام منظور ڪرائڻ جهڙا ڪارناما سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي سياستدانن ئي سرانجام ڏنا آهن سنڌ جي سياستدانن جو مجموعي طور پنهنجي ديس، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي تهذيب، قومي حقن کان ويڳاڻپ وارو ۽ بزدلاڻو ڪردار ڏسي سنڌ ۾ رهندڙ لکين ڌارين جي دل مان خوف مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي نوبت اتي وڃي پهتي آهي جو هڪٻئي پٺيان ڌارين هٿان ڌرتيءَ ڌڻين جي قتل جا اذيتناڪ، چڙ ڏياريندڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن، اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه وري اها آهي ته سنڌين جي مينڊيٽ تي گذريل 15 ورهين کان اقتدار جي واڳ سنڀالي ويٺل ڌر جي ايجنڊا ۾ پنهنجا ماڻهو شامل ئي ناهن ۽ وفاق ته رهيو پري جي ڳالهه سنڌ صوبي جي ادارن اندر به وڏي انگ ۾ ڌارين کي نوڪريون فراهم ڪري هڪ طرح سان مستقبل ۾ سنڌي ماڻهن کي سندن نج آئيني حق يعني پنهنجي صوبي جي وسيلن مان حصو حاصل ڪرڻ کان به محروم رکڻ واري پاليسيءَ تي عمل ڪيو پيو وڃي. سنڌ سرڪار جي ان سنڌ ۽ سنڌي مخالف عمل جا ويجهي مستقبل ۾ ڪيترا ڀوائتا نتيجا سامهون ايندا، آئيندي کان اڻڄاڻ، ناعاقبت انديش حڪمران ٽولي کي شايد ڪو اندازو ئي ناهي پوءِ ٿيندو اهو ئي ته جيڪي ڌاريا هزارين ڪلوميٽر لتاڙي ڪراچيءَ کي ڪابل ۽ قنڌار بڻائڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي رهيا آهن، جيڪي اڄ سنڌ اسيمبلي سميت سنڌ صوبي جي سمورن سرڪاري ادارن ۾ غيرسنڌين، غيرمقامين کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ صوبائي اسيمبلي ٻاهران ڌرڻا هڻن ٿا اهي اڳتي هلي سنڌ اسيمبلي تي قبضو ڪرڻ ۽ سي ايم هائوس تي حملا ڪرڻ جهڙي عمل کان به ڪونه مڙندا.

بهرحال سنڌ کي موجوده صورتحال ۾ چئني پاسن کان حملن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هڪ پاسي افغانين جي لوڌ روزاني جي بنياد تي وڏن شهرن خاص طور ڪراچيءَ کي ٽارگيٽ بڻائي داخل ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري سپر هاءِ وي تي اربين کربين رپين جي قيمتي زمين رهائشي اسڪيمن جي بهاني سنڌ جي دشمن قوتن حوالي ڪئي پئي وڃي، ان سموري عمل ۾ سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو ڪردار سهولتڪاريءَ وارو نظر اچي ٿو، انتهائي اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته نيٺ پيپلز پارٽي سنڌين جي مينڊيٽ جي ان حد تائين توهين ڇو ٿي ڪري؟ ٺيڪ آهي توهان کي مرڪز ۾ اقتدار ماڻڻ لاءِ وفاق جي سياست ڪرڻي آهي پر ڇا سنڌ ۽ سنڌين کي نقصان رسائڻ کانسواءِ توهان پنهنجي سياست جاري نه ٿا رکي سگهو، ڇا مسڪين سنڌي قوم جو مينڊيٽ  احترام نه ٿو لهڻي جو هاڻي سنڌ ڪاز کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ به مڪمل طور نظرانداز ڪرڻ کي پنهنجو سياسي حق سمجهو ٿا. ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي قوم توهان جي سنڌ دشمن فيصلن کي نه پئي ڏسي يا هي ڪروڙين محروم، محڪوم ۽ مظلوم ماڻهو اکيون ٻوٽي ويٺل آهن، جن جا اڻکٽ سامونڊي، زميني وسيلا توهان ڌارين کي کارائي بدترين نااهلي، ناانصافي ۽ ناعاقب انديشيءَ جو ثبوت ڏئي رهيا آهيو.

جيتوڻيڪ سنڌ جو دشمن ڏاڍو مڪار ۽ چالاڪ آهي ۽ گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي 50 سالن تائين سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻائي رکڻ ۽ سڄي دنيا جي تڙيل، غيرسنڌين کي منظم سازش تحت آباد ڪرائڻ، اڻکٽ سامونڊي وسيلن کي غيرسنڌين جي قبضي هيٺ رکڻ واري مستقل پاليسيءَ تي عمل پيرا رهندو پيو اچي پر سنڌي به انهن سمورين سازشن کي چڱيءَ پر سمجهي، ڏکيائيون ناانصافيون ڀوڳيندا هاڻي اٽڪل ٻن ڏهاڪن کان ننڍن شهرن، ڳوٺن، وسندين ۽ واهڻن مان نڪري اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن اهوئي سبب آهي جو هاڻي مورڙي جي ماڳ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي فيمليز وڏي انگ ۾ پنهنجي موجودگيءَ جو نه رڳو احساس ڏياري رهيون آهن پر غيرقانوني طور ترسيل ڌارين خاص طور افغانين، برمين ۽ بهارين کي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندي محسوس ٿين ٿيون ۽ زميني حقيقتن کي سامهون رکندي ڳالهه ڪجي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو مستقل اسٽيڪ ٺهي چڪو آهي جيڪو هاڻي ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي بس شرط رڳو ايترو آهي ته سنڌ سرڪار ۽ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڌارين قوتن جي اهڙن اجگر رهائشي منصوبن جي سهولتڪاريءَ بدران ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيندڙ ڌرتيءَ ڌڻين جي مالڪي ڪري، گهڻو نه ئي سهي بس پنهنجي ماڻهن کي سولين قسطن تي 120 گز جا پلاٽ ئي فراهم ڪري تڏهن به سنڌين جو انگ 40، 50 لک کان وڌي هڪ ڪروڙ تائين پهچي ويندو ۽ پوءِ شايد ڪير به ڪراچيءَ ۾ ويهي سنڌ کي ٽوڙڻ يا نئين صوبي جي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ جن سنڌ دشمن قوتن مهاجر، پنجابي، پختون اتحاد ٺهرائي، ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون پئي سٽيون ان وقت اهڙين قوتن کي ڪراچيءَ مان ڪنهن به قسم جي مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پوندو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي وحدت تي وار وارين سازشن خلاف ڪراچيءَ کان ٻاهر احتجاج رڪارڊ ٿيندا هئا، جنهن جو شايد ايترو اثر به نه پوندو هو پر هاڻي صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي ۽ سنڌي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت مورڙي جي ماڳ ڏانهن جيڪا مجموعي طور وک وڌائي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو آهي، اهو عمل جاري رکڻو آهي. هاڻي سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ نسل مان به ليڊرشپ پيدا ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ ڄاوا سنڌي نوجوان زميني حقيقتن جي ڀليءَ ڀت پروڙ رکن ٿا ۽ اهي سنڌي نوجوان ئي ويجهي مستقبل ۾ مورڙي جي ماڳ کان اوٻاوڙي جي دنگ تائين سنڌ جي صدا بڻجي گونجندا، سنڌ جو آواز عالمي ادارن تائين پهچائي سڄي دنيا کي ٻڌائيندا ته اسين سنڌي ۽ هن ڌرتيءَ جي وسيلن جا مالڪ آهيون، اسين ئي ڌرتيءَ ڌڻي آهيون، اسين ئي پنهنجي ڌرتيءَ تي سوڀارا ٿينداسين، ڇاڪاڻ ته هن ڌرتيءَ کي اسان جي ئي وڏڙن رت جو ريج ڏنو آهي، اسان جي ئي وڏن دولهه دريا خان، دودو سومرو، ڄام نندو، سورهيه بادشاهه، هيمون ڪالاڻي، روپلو چولياڻي ۽ الهه بخش سومرو بڻجي ماضيءَ ۾ به ڪنڌ ڪپايا آهن ته مستقبل ۾ به اسين ئي پنهنجي ڌرتيءَ جي وارثي ڪنداسين ۽ سنڌ، سنڌيت توڙي سنڌين جي ڪاميابيءَ واري جنگ ۾ سوڀارا ٿينداسين.