پرماڪرائسز ۽ قومي اسمبلي ۾ پيش ٿيندڙ نئون بل

0
197
پرماڪرائسز ۽ قومي اسمبلي ۾ پيش ٿيندڙ نئون بل

 “پرماڪرائسز” (permacrisis)  لفظ کي پهريون ڀيرو مون سائين بخت جمال شيخ جي ان آرٽيڪل ۾ پڙهيو جيڪو نئين سال جي پهرين مهيني جي پهرين تاريخ تي “پنهنجي اخبار” ۾ ڇپيو، اهڙي طرح سان فيس بوڪ تي گردش ڪندڙ هڪ اهڙي پوسٽ به نظر مان گذري جنهن تي جيڪڏهن سنڌ خاموش رهي ته سمجهي ڇڏيو ته مولانا عبدالرحيم گروهوڙي جي سوين چوڻين مان هڪ اها چوڻي جنهن ۾ هن فرمايو هو ته ،“جيڏانهن تيڏانهن سنڌڙي توکي قنڌارائون جوکو” حقيقت بڻجڻ وڃي رهي آهي. ۽ 2022ع ۾، انگريزي زبان ۾، تيار ٿيندڙ ڪيترن ئي نون لفظن جي فهرست ۾، سرفهرست رهندڙ لفظ به جيڪڏهن ڪو آهي ته اهو به پرماڪرائسز ئي آهي. جنهن جو سولي سنڌي ۾ مطلب ۽ معنى ٿيندي “اڻٽر يا مستقل بحران” يعني هڪ اهڙي ذهني ڪيفيت جيڪا توهان جي سوچ تي هر وقت حاوي رهي ٿي ۽ جيڪا توهان کي هي احساس ڏياريندي رهي ٿي ته باوجود سوين سکن ۽ ڪاميابين يا آئيني تحفظ جي، هن معاشري يا پنهنجي علائقي ۾ توهان ڪنهن به حوالي سان محفوظ نه آهيو. چاهي پوءِ اها توهان جي ٻولي هجي، توهان جي ڌرتي هجي يا توهان جي ثقافت هجي، گهر يا گهاٽ هجي، توهان جي سياسي سڃاڻپ هجي يا معاشي حالت.  معاشرو جڏهن وڏي پيماني تي عدم استحڪام جو شڪار ٿيل هجي ته ان معاشري جي مستقبل جي باري ۾ اسان جو غير يقيني هجڻ به گهڻي حد تائين معاشري کي وڌيڪ بگاڙ طرف کڻي وڃي ٿو. پاڪستان جون حالتون سياسي هجن يا معاشي، صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ ڳمڀير ٿيندي پئي وڃي. سياسي پارٽين جا مامرا ادارا پيا هلائين. حڪومتن جا آئيني معاملا ڪورٽون پيون طئي ڪن. سياسي حالتون ته ان ڏينهن کان وٺي خراب ٿي ويون هيون جڏهن ملڪ تي پهرين مارشل لا ٺوڪي وئي هئي. نه صرف ايترو پر شروع واري ڏينهن کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين هن ملڪ کي آئيني ڪردار جي ذريعي نه پر انتظامي ڍانچي جي ذريعي هلايو پيو وڃي. تجربا ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن پر هاڻي سياسي حالتون، چاهي ڀلي اهي سياستدان هجن يا جج يا اسٽيبلشمينٽ وارا سڀني جي هٿن مان نڪري ويون آهن ۽ انهن هن ملڪ جي ايڪي کي جيڪو نقصان پهچائڻو هو پهچائي ڇڏيو آهي. ملڪ جو روشن مستقبل؟ چٽي نموني سان عوام جي قوتِ خريد ۽ اشرافيا جي عياشين کي ڏسندي اسان کي خوب نظر اچي ٿو. چاهي توهان کي هي ڳالهه وڻي يا نه وڻي 2022ع جي انگريزي لفظ پرماڪرائسز جي انگريزي لغت ۾ جيڪا معنى بيان ڪئي وئي آهي اها به توهان کي ڏسيندا هلون ته ڇاٿي چئي: اها معنى آهي “عدم تحفظ يا عدم استحڪام جي اضافي مدت” يعني جيڪڏهن ايئن هجي ته صورتحال فلاڻي مهيني يا فلاڻي سال تائين بهتر ٿي ويندي ته چئون مڙئي خير آهي. ڏکيو وقت به گذري ويندو پر هتي ته صورتحال کي سڌارڻ جي لاءِ جيتريون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون صورتحال اوتري وڌيڪ خراب ٿيندي ٿي وڃي. عوامي حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي پويان به جيڪا ڪهاڻي هئي اها هي هئي ته هنن حڪومتن نه ملڪ لاءِ ڪجهه سٺو ڪيو آهي نه عوام جي زندگين ۾ ڪا بهتري آڻي سگهيون آهن تنهن ڪري ملڪ کي هڪ سچي حڪومت جي ضرورت آهي ۽ جيڪا به سچي حڪومت آندي وئي جڏهن ان به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ته هاڻي ڇا ڪجي واري سوال کي اڀاريندي ملڪ جي لاءِ پارليماني نظام کي بيڪار سمجهندي صدارتي نظام جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. ضياالحق جو نظامِ مصطفى وارو تجربو ڪجهه نه ڏئي سگهيو ته صدارتي نظام جو تجربو به ڪري ڏسو پر سڀني تجربن کي ڪرڻ کانپوءِ به جيڪڏهن اسان هيٺ لهندا پيا وڃون ته آخر اها ڪهڙي خرابي آهي جيڪا نه ملڪ کي بچائي سگهي آهي نه عوام جي زندگين کي تبديل ڪري سگهي آهي.

اچو ته ٿوري تاريخ به بيان ڪيون: 2011ع ۾، سنڌ جي هڪ معتبر ڏاهي ۽ ليکڪ نصير ميمڻ پنهنجي هڪ آرٽيڪل “سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي لاءِ نئين دور جا چئلينج!” ۾ لکيو ته، “پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪو پهريون ڪم ڪيو ويو اهو هو ملڪ جي باني قومن جي تاريخي سڃاڻپ ۽ حيثيت کان انڪار ڪرڻ. ڏنڊو کڻي صديون پراڻي تهذيب رکندڙ قومن کي چيو ويو ته اڄ کان توهان پاڪستاني آهيو ۽ توهان جي قومي زبان اردو آهي. ملڪ ٺهڻ کا يارنهن ڏينهن پوءِ يعني 25 آگست 1947ع تي مرڪزي حڪومت جي تعليم واري وزير فضل الرحمان ڍاڪا ۾، هڪ تقرير دوران فرمايو ته پاڪستان ۾ هڪ سينٽرل ايڊمنسٽريٽو سروس قائم ٿيندي ۽ ان ۾ صوبي پرستي جي ڪا به گنجائش نه هوندي. 12 هين ڊسمبر 1947ع تي پاڪستان دستورساز اسيمبلي جي رولز اينڊ پروسيجرز ڪمپني سفارش ڪئي ته جيستائين اسيمبلي جي سرڪاري زبان جو تعلق آهي، اردو ۽ انگريزي کي برابر حيثيت حاصل هوندي ۽ جيڪي ميمبر انهن ٻنهي زبانن ۾ تقرير نٿا ڪري سگهن کين پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ لاءِ صدر کان اجازت وٺڻي پوندي. ياد رهي ته ان وقت پاڪستان ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي 7.2 سيڪڙو هئي ۽ انگريزي ڳالهائيندڙ يا سمجهندڙ ته هڪ سيڪڙو به نه هئا، جڏهن ته ملڪ ۾ 54.6 سيڪڙو آبادي بنگالي ڳالهائيندڙ هئا. ان دور ۾ ڊان ۽ نواءِ وقت اخبارن اردو زبان جي حق ۾ زبردست مهم هلائي ۽ اردو ٻولي بجاءِ ٻي ڪنهن زبان کي سرڪاري زبان بنائڻ واري مطالبي کي ملڪ دشمني قرار ڏيندي ملڪ جي اصلوڪين قومن خلاف لڳاتار زهر اوڳاڇيو. تعصبي وزيراعظم لياقت علي خان اردو زبان جي شائونزم واري قافلي جو سرواڻ بڻيل هو. ان وقت بنگلاديش ۾، ٻولي واري مسئلي تي انتهائي شديد رد عمل جاري هو. ٻرندي تي تيل تڏهن پيو جڏهن قائداعظم جهڙو سياڻو ماڻهو به ثقافتي شائونسٽ ٽولي جي اثر ۾ اچي ويو ۽ 21 هين مارچ 1948ع تي ڍاڪا ۾ هڪ تمام وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيائين ته “پاڪستان جي قومي زبان ٻي ڪانه پر اردو هوندي، جيڪو به توهان کي ان ڏس ۾ گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهو دراصل پاڪستان جو دشمن آهي.” نصير ميمڻ اڳتي لکي ٿو ته، پاڪستان جي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ چون ٿا ته درحقيقت بنگلاديش ان ڏينهن ئي پاڪستان کان الڳ ٿي چڪو هو.” هن ٽڪري کي پڙهڻ کانپوءِ، ۽ نئين متعارف ٿيندڙ لفظ جي معنى ۽ مطلب کان واقف ٿيڻ بعد اچو ته ان يقيني خطري کان آگاهي به حاصل ڪيون جيڪو پي پي پي جي ايم اين اي پروفيسر ڊاڪٽر قادر خان مندوخيل پاران هڪ بل جي صورت ۾ قومي اسمبلي جي ايوان ۾ جمع ٿيڻ وڃي رهيو آهي يا هن آرٽيڪل جي ڇپجڻ تائين جمع ٿي چڪو هوندو. ملڪ ۾ ڪو فرد جيڪڏهن جتي به رهي ٿو ته اسان کي اعتراض نه هجڻ گهرجي ان شرط تي ته ان علائقي جي عوام جا حق غضب نه ٿيندا هجن پر ڇا اسان جي ملڪ ۾ ايئن آهي؟ 2022ع ۾، لاهور ۾ پڙهندڙ منهنجي ڀائٽي هڪ ڏينهن مونکي ٻڌايو ته چاچا مونکي هڪ پنجابي دوست ٻڌايو پئي ته، “پاڪستان جي ٻين قومن کان اسان پنجابي سياسي ۽ معاشي طور تي وڌيڪ سجاڳ آهيون.” دوست ٻڌايو پئي ته، “جڏهن پاڪستان اڃان ٺهيو ئي ڪونه هو ته اسان جا وڏا روز پنهنجين سياسي ڪچهرين ۾ ملڪ جي ٺهي وڃڻ بعد ايندڙ امڪاني لڏ پلاڻ جي باري ۾ گفتگو ڪندي ڀارت مان ايندڙ مهاجرن کي پاڪستان جي ٻين علائقن ڏانهن موڪلڻ جا ٽڪسال پيا گهڙيندا هئا. ملڪ ٺهي ويو ته اسان جي وڏن پنجاب جي ٻين شهرن سان گڏ لاهور ريلوي اسٽيشن تي به هي تختيون لڳائي ڇڏيون هيون ته “پاڪستان آگي هي.” نه صرف ايترو پر ڪافي قافلن کي لٽي ماري ناس به ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ان سڄي لڏپلاڻ جو رخ سنڌ ڏانهن ڪري ڇڏيندا هئا. توهان سنڌي ته بلوچن ۽ ٻين قومن کان به پٺتي آهيو.” هاڻي جڏهن مندوخيل ڪياماڙي، ڪراچي جي عوام کي بهانو بڻائيندي پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ 1951ع جي ڪجهه شقن ۾ ترميم ڪرڻ جي لاءِ قومي اسمبلي ۾ بل جمع ڪرائڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي ته ڇا هن قسم جي بل جو ملڪ کي فائدو ٿيندو يا موجود انتشار ۾ اضافي جو سبب بڻجندو. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾، سنڌ صوبي ۾ ٻاهرين آبادين جو تناسب تمام گهڻو وڌيڪ آهي. هجڻ ته ايئن گهرجي ته جيڪڏهن مندوخيل کي ايتروئي شوق آهي پنهنجي حلقي جي عوام کي خوش ڪرڻ جو ته ان بل ۾ ورڪ پرمٽ واري ڳالهه ڇو ڪونه ٿوشامل ڪري. جيڪڏهن ٻين صوبن ۾ ٻاهرين ماڻهن جي آبادي ان حساب سان موجود هجي جهڙي طرح سان سنڌ ۾ آهي ۽ جنهن مان هي سڌ پوي ته انهن صوبن جي اصلي آبادي جو توازن بگڙجندو ته ڇا پوءِ به مندوخيل يا ڪو ٻيو ايئن ئي ڪندو؟ منهنجي خيال ۾ بلڪل به نه. اسان وٽ اهڙا ڪيترائي تاريخي مثال به موجود آهن ته اصلوڪين آبادين ٻاهرين آبادين ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو. مثال طور ملڪ جي ٺهڻ  کان اڳ ريشمي رومال تحريڪ وارن کي افغانستان ۾ يا ته ماريو ويو هو يا اتان ڌمڪائي انهيءَ ڪري ڀڄايو ويو هو ته اهي ٻاهريان آهن. آخري ڳالهه ته ڇا ڪٿي سنڌ جي يگاني شاعر جي سندس شاعري ۾ ڪيل اڳڪٿي “الا ائين مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي” سچ ثابت ته نه ٿيڻ وڃي رهي آهي. اسان جي سياسي پارٽين خاص طور تي سنڌ پرست پارٽين کي هن سلسلي ۾ پنهنجي موقف کي چٽو رکڻ گهرجي يعني هي ڪهڙي مزاق آهي جو جيڪو به ٻاهريون ماڻهو سنڌ ۾ ڇهن مھينن کان وڌيڪ ڪنھن به ضلعي ۾ رھندڙ هوندو ته ان کي ڊوميسائيل ۽ پي آر سي ٺاھي ڏني ويندي. آبادين کي اقليتن ۾ آڻڻ کي اڃان ٻيا ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن. ياد رهي ته ڪياماڙي سنڌ جو اهو ضلعو آهي جتي سنڌ (ڪراچي) جو بندرگاهه آهي. هن بل جي ذريعي ٿيندڙ ترميم سان سنڌ ۾ ڌاري آبادي جي بار کي قانوني ڪيو ويندو ۽ اسان هي به ڄاڻو ٿا ته پي پي پي جي هڪ ٻئي ميمبر پاران، صوبن جي آئيني ۽ تاريخي حدن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ جو جيڪو اختيار صوبن کي ڏنل آهي ان کي صوبن کان واپس وٺي وفاق کي ڏيڻ جي لاءِ به ڪم ڪيو پيو وڃي. پرماڪرائسز يعني اڻٽر يا مستقل بحران، ته ڇا سنڌ صوبي جو عوام هن پرماڪرائسز جي لاءِ تيار آهي؟ حقيقت به اهائي آهي ته اسان رهون ئي پرماڪرائسز جي دور ۾ ٿا.