بريل جو عالمي ڏينھن

0
335
بريل جو عالمي ڏينھن

 اڄ جنوريءَ جو چوٿون ڏينھن آھي. ھن ڏينھن سڄي دنيا بريل جو عالمي ڏينھن World Braille day ملھائيندي آھي. اچو ته اسان به سنڌ جي سماج ۾ ديد ساريون. اڄوڪي ڏينھن نظر کان وڏن ماڻھن جن کي انگريزيءَ ۾ impaired vision چوندا آھن، انھن ماڻھن لاءِ لکڻ، پڙھڻ جو طريقو ايجاد ڪندڙ لوئس بريل Louis Brailleچار جنوري سن ۱۸۰۹ع تي فرانس ۾ڄائو ھو.

                 اھو ڏينھن فرانس ڄائي مسٽر بريل جي ان ڪوشش، ڪاوش ۽ ايجاد کي آڌر ڏيڻ لاءِ ملھايو ويندو آھي جيڪو ٻاراڻيءَ ۾ پنھنجي والد جي جتيون ٽوپڻ واري “آر” سان کيڏندي پنھنجي ھڪ اک جي نظر وڃائي ويٺو ھو پر ھن فطرت اڳيان آڻ نه مڃي ۽ نيٺ سن۱۸۲۴ع ۾لکڻ، پڙھڻ جو ھڪ انوکو طريقو ڳولي لڌو. ان طريقي ۾ پني تي، اڀرين نقطن ۽ ليڪن کي آڱرين سان محسوس ڪري نظر کان وڏا فرد لکڻ ۽ پڙھڻ جو ڪم ڪندا آھن. اڄڪلهه ته ڪمپوٽر پروگرامن ۽ سافٽ ويئر وسيلي پڻ اھڙن فردن جي تعليم جو سلسلو جاري آھي.

                 ان ڏينھن ملھائڻ جو بنيادي مقصد نابين فردن جي بنيادي حق “تعليم” جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ آھي.

بريل بنيادي طور ته لاطيني زبان ۾ ايجاد ٿيو پر وقت سان اھو مختلف زبانن، حسابن، موسيقي ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم لاءِ پڻ سھنجو ڪيو ويو آھي.

اسان وري عقل کان ايڏا وڏا آھيون جو ھن سن ۲۰۲۳ع ۾ انٽرنيٽ تي سنڌ ۾ موجود عوام جي ملڪيتي نظر کان وڏن ٻارن لاءِ قائم ڪيل تعليمي ادارن جي فھرست ڳوليندي به ڪونه لڌي پر اھا خبر، ضرور ملي ته سنڌ حڪومت سن ۲۰۲۱ع ۾ “بريل پريس” قائم ڪرڻ لاءِ سالياني بجيٽ ۾ رقمون مختص ڪيون ھيون پر خبر ناھي پريس قائم ٿي يا ڀٽ شاهه جي مڊوائفري اسڪول وارو حشر ٿيو، جنھن جو سنڌ جي تڏھوڪي وڏي وزير قائم علي شاهه بجيٽ اجلاس ۾ پيپلز پرائمري ھيلٿ ڪيئر انيشيئيٽو PPHI کي رقمون جاري ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو ھو پر اھو اسڪول ٺھي ڪونه سگهيو. ساڳي ريت بريل پڙھائيندڙ استادن جي تربيت لاءِ پڻ رقمون مختص ڪرڻ جو به ذڪر ملي ٿو، اميد ته اھي ڀلي ڀت ڪتب به آيون ھونديون.

سنڌي سماج ۾ ڏسڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندڙن کي “انڌو” چوڻ بدران “نظر کان وڏو” چوندا آھيون پر ھنن عقل کان وڏن کي ڇا چئون جن سنڌ صوبي ۾ڊپارٽمينٽ آف امپاورنمينٽ آف ڊس ايبلٽيز جي نالي سان ھڪ پورو کاتو به قائم ڪيو آھي ۽ ان کاتي جي ھڪ ويب سائيٽ پڻ موجود آھي جيڪا عام کي ميسر ڪونھي.انھي کاتي جو قائم ڪيل ادارو سنڌ ايجوڪيشن اينڊ ڊس ايبلٽي اسپيشل ايجوڪيشن ٽريننگ اڪيڊمي سنڌ ڄامشوري ضلعي جي ڪوٽڙي شھر ۾ پڻ قائم آھي پر ان جي به ويب سائيٽ عام کي ميسر ڪونھي.

https://depd.sindh.gov.pk › settas

ساڳي ريت انھي ڪم لاءِ ھڪ اٿارٽي پڻ قائم ڪيل آھي پر ان جو حال به کاتي ۽ اداري جھڙو آھي.

اسپيشل ايجوجيشن يا خصوصي تعليم جا پنج مک جزا ھوندا آھن جن ۾ علمي سکياcognitive development، جسماني سارسنڀال Physical development، سماجي ۽ جذباتي سارسنڀال Social and emotional development ۽ ماحول سان ھم آھنگيءَ جي سارسنڀالAdaptive development شامل ھوندا آھن.

ھائر ايجوڪيشن جي ھڪ پراڻي مقالي مان سنڌ ۾ “بريل” اسڪولن جي جيڪا معلومات ملي سگهي اھا ھن ريت آھي:

سنڌ ۾ پھريون بريل اسڪول بيٺڪيت جي دور ۾ سن ۱۹۲۴ع ۾ قائم ٿيو جڏھن ته دنيا جو پھريون بريل اسڪول فرانس، ۾ سن ۱۷۸۴ع ۾ قائم ٿيو ھو ۽ ڪلڪتي ۾ اھڙو اسڪول سن۱۸۹۳ع ۾ قائم ٿيو ھو.

سنڌ ۾ سن۱۹۶۰ع تائين صرف ھڪ ادارو ھو. سن۱۹۶۰ع کان سن۱۹۸۰ع تائين ويھن سالن ۾ صرف پنج نوان ادارا قائم ٿيا.

سن۹۰ ۔ ۱۹۸۱ع تائين ڏھن سالن ۾ انھن اسڪولن جو تعداد ڇھن مان وڌي ويهه ٿيو مطلب چوڏھن نوان ادارا قائم ٿيا.

سن۱۹۹۱ع کان سن ۲۰۰۰ع تائين ست وڌيڪ اسڪول کليا پر ان کانپوءِ جي ٻاويھن سالن مطلب سن۲۰۲۲ع تائين سنڌ ۾ موجود “بريل اسڪولن” جو تعداد ڪيترو آھي ۽ اتي موجود جديد سھولتن جي صورتحال ڪيئن آھي ان جي انٽرنيٽ وسيلي خبر نٿي پئي. اميد ته بھتري ٿي ھوندي.

اميد آھي ته سوشل ميڊيا تي ھي بلاگ پڙھي سنگت پنھنجي شھر ۾ قائم “بريل اسڪول”جو نه صرف ڏس پتو ٻڌائيندي پر وقت ڪڍي انھي اسڪول جو چڪر ھڻي اتي موجود سھولتن کي به عام ڪندي جيئن نظر کان وڏن ٻارن کي اھڙن اسڪولن تائين پھچائي سماج ۾ بھتر مقام تائين پھچڻ ۾ مدد ڪجي.