اسلام آباد: عمران خان مٿان غداري جو ڪيس هلائڻ جي اپيل رد

0
179
غير قانوني فنڊنگ: ايف آءِ اي
غير قانوني فنڊنگ: ايف آءِ اي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ غداري جو ڪيس هلائڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس سردار اعجاز الاحسن تي ٻڌل ڊويزن بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين جي اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ ۽ غداري جو ڪيس هلائڻ جي انٽرا ڪورٽ اپيل ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواستگذار مولوي اقبال حيدر جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست داخل ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو، ان کان اڳ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهرمن الله هڪ لک رپيا ڏنڊ سان گڏ درخواست رد ڪري ڇڏي هئي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي نئين تڪ بندين کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو