پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي نئين تڪ بندين کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

0
162
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ
جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري خلاف پارليامينٽ وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي نئين تڪبندين جو شيڊول سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر آرٽيڪل 184 III تحت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ شماريات کاتي، وفاق، اليڪشن ڪميشن، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ڪابينا سيڪريٽريٽ کي ڌر بڻايو ويو آهي

پي ٽي آءِ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نئين آدمشماري ٿيڻ تائين نئين تڪبندين جي ضرورت ناهي، اليڪشن ڪميشن جي تڪبندين جو شيڊول آئين ۽ قانون جي خلاف آهي

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو وڃي

اليڪشن ڪميشن ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ته چونڊ عمل کي يقيني بڻايو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ عمل ۾ ڪنهن به قسم جي دير کان روڪيو وڃي ۽ بنا دير حد بندين کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ته 3 مئي 2018 ۾ ڪرايل تڪ بنديو صحيح آهن

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شهباز شريف جي ڪابينا حلف کڻي ورتو، 31 وفاقي وزير ۽ 3 مملڪتي وزير شامل