شهباز حڪومت ۾ به بجلي صارفين لاءِ بُري خبر، بجلي 3 رپيا مهانگي ٿيڻ جو امڪان

0
167
ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري:

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) شهباز شريف حڪومت ۾ به بجلي صارفين لاءِ خراب خبر سامهون اچي وئي، ملڪ ۾ بجلي 3 رپيا 15 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي

بجلي مهانگي ڪرڻ جي حوالي سان سي پي پي اي مارچ جي فيول ايڊ جسٽمنٽ جي مد ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، جنهن جي نيپرا 27 اپريل تي ٻڌڻي کانپوءِ درخواست تي فيصلو ٻڌائيندو

سي پي پي اي درخواست ۾ چيو ته مارچ ۾ 10 ارب يونٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪئي وئي، 16.35 سيڪڙو پاڻي ۽ 24.83 سيڪڙو ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪئي وئي

سي پي پي اي موجب مارچ ۾ مهانگي فرنس آئل مان 10.62 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، 9.53 سيڪڙو گهريلو گيس مان، 18.87 سيڪڙو درآمد ٿيل ايل اين جي مان ۽ 15.01 سيڪڙو ايٽمي فيول مان پيدا ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

اسلام آباد: عمران خان مٿان غداري جو ڪيس هلائڻ جي اپيل رد