حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ ملڪ جي ڊيمن ۾ پاڻي موجود هئڻ جي باوجود سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏيڻ واري عمل تي سخت احتجاج ڪندي ان کي سنڌ سان ناانصافي قرار ڏنو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آهي ته سنڌ کي گهربل حصي موجب پورو پاڻي نه ملڻ سان وونئڻن توڙي سارين جي پوک سخت متاثر ٿيندي. سنڌ آبادگار بورڊ جو هڪ اجلاس ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ سيد نديم شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد ملوڪ نظاماڻي، اسلم مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته هن وقت تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي موجود آهي پر سنڌ کي 26 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي ڏنو پيو وڃي. پنجاب ۾ پاڻي جي گهڻي گهرج نه آهي. سنڌ ۾ وونئڻن جي پوک ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي سارين جي پوک شروع ٿيڻ واري آهي. سنڌ ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ گرمي پد به وڌيل آهي جنهن ڪري وڌيڪ پاڻي جي گهرج ٿئي ٿي. پاڻي جي کوٽ سبب وونئڻ متاثر ٿيندا ۽ سارين جي پوکي تي به منفي اثر پوندا. اجلاس ۾ چيو ويو ته گذريل سال جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي زراعت ۽ آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو جنهن کي نظر ۾ رکندي هن سال سنڌ جي آبادگارن کي پوک جي معاملي ۾ سهولتون ملڻ گهرجن ها پر ويتر انهن کي پنهنجي حصي جي پاڻي کان به محروم رکيو پيو وڃي جيڪا ناانصافي آهي. وفاقي حڪومت فوري طور تي ان معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن سنڌ کي حصي جو پاڻي ملي سگهي. اجلاس ۾ پوک لاءِ استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ وڏي پيماني تي واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته سوا سال اڳ يوريا ڀاڻ جي ٻوري 1650 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جنهن جو اگهه وڌائي 3 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. هاڻي اهو ڀاڻ بليڪ تي 3400 رپين ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي. اها نهايت ئي ڳڻتي جي ڳالهه آهي جو جيڪا شيءَ پنهنجي ملڪ ۾ تيار ٿئي ٿي سا به آبادگارن کي مهانگي اگهه تي به نه پئي ملي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل ٻن مهينن دوران انبن ۾ پکڙيل ٻن بيمارين کرٻوڪ ۽ هاپر سبب آبادگارن کي وڏو نقصان ٿيو آهي پر ان معاملي تي لاڳاپيل ادارن طرفان اڃا تائين ڪي به اثرائتا اپاءِ نه ورتا ويا آهن جنهن ڪري اهو مرض ويتر وڌي ويندو ۽ انبن جي وڏي پيماني تي تباهي ٿيندي. اجلاس ۾ سنڌ جي زرعي تحقيقي کاتي تي زور ڀريو ويو ته اهو ادارو ان معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ڪو تدارڪ ڪري ته جيئن آبادگار انبن کي انهن بيمارين کان بچائي نقصان کان بچي سگهن.