آئرين ووسٽ 15 سئو ميٽر ريس ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو

0
414

بيجنگ(اسپورٽس نيوز) هالينڊ جي اسپيڊ اسڪيٽر آئرين ووسٽ 5 مختلف اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙ دنيا جي پهرين ايٿليٽ بڻجي وئي. بيجنگ ۾ جاري اولمپڪس دوران آئرين ووسٽ ونٽر اولمپڪس جي 1500 ميٽر ريس ۾ گولڊ ميڊل کٽيو. رپورٽ موجب آئرين ووسٽ هڪ منٽ 53.28 سيڪنڊن ۾ فاصلو طئي ڪري اولمپڪ رڪارڊ قائم ڪيو. جاپان جي ميهوتاڪاگي سلور ۽ هالينڊ جي ئي اينٽونيٽ ڊي جونگ ٽامي جو ميڊل کٽيو. 35 سالن جي آئرين ووٽ جو گڏيل طور هي 12 هون اولمپڪ اسپيڊ اسڪيٽنگ ميڊل آهي.

 

 

 

ھي به پڙھندا

انضمام الحق جي بابراعظم تي ڇتي تنقيد