پريا ڪماري ڪيس ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي: آءِ جي سنڌ

0
120

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پريا ڪماري ڪيس ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، جيڪي نشاندهيون مليون آهن، انهن جي آڌار تي جاچ  واري عمل کي تيز ڪيو ويو آهي، فضيلاسرڪي جو ڪيس پراڻو آھي، ان تي  پوليس ڪم نه ڪري سگھي

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پرياڪماري بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڏني آھي، معاملي ۾ ڪجهه  اڳڀرائي ٿي آهي، جلد اصل محرڪ تائين پهچنداسين

هن چيو ته ٺل واري علائقي مان اغوا ٿيل فضيلاسرڪي ڪيس پراڻو آھي، ان تي  ڪم ناهيون ڪري سگھيا، ان ڪيس بابت  مون کي وڌيڪ ڄاڻ ناهي

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪشمور، شڪارپور، گهوٽڪي ضلعن ۾ پوليس امن امان لاءِ قربانيون ڏنيون  آهن، 12- 13 سالن کان اغوا جي وارداتن ۾ تيزي آئي، آءِ جي سنڌ طرفان  529 ماڻهن کي  اغوا کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي