ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي هراسمينٽ ڪيس ۾ ٻڌايل سزا تي عملدرآمد معطل

0
59
ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي هراسمينٽ ڪيس ۾ ٻڌايل سزا تي عملدرآمد معطل
ڪراچي انٽر بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي هراسمينٽ ڪيس ۾ ٻڌايل سزا تي عملدرآمد معطل

گورنر سنڌ لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين نسيم ميمڻ کي هراسميٽ ڪيس ۾ ٻڌايل سزا تي عملدرآمد معطل ڪري ڇڏيو

ايف آءِ اي جي سائيبر ڪرائيم ونگ کان معاملي جي ٻيهر جاچ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

 صوبائي محتسب حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ عورت ٽيچرز کي هيسائڻ تي نسيم ميمڻ کي عهدي تان هٽائڻ ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

 گورنر سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هراسمينٽ ايٽ ورڪ پليس ايڪٽ 2010 ۾ قانوني خامين سبب ڪيس صوبائي محتسب سنڌ کي واپس اماڻيو پيو وڃي

ترجمان موجب  ڪيس ۾ ٻنهي ڌرين جي آءِ پي ايڊريس ۽ ڊوائيسز جي تصديق ڪرائڻ جي به ضرورت آهي، گورنر ڪامران ٽسوري معاملي جي ايف آءِ اي سائيبر ونگ کان جاچ ڪرائڻ جي سفارش به ڪئي آهي