نواز شريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيل بحال ڪرڻ واري ڪيس ۾ حاضري لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو
نواز شريف قافلي جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ پهتو، عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪيا ويا آهن
چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اونگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ سزائن خلاف نواز شريف جي اپيلن تي ٻڌڻي هلائيندي
نواز شريف وطن واپسي بعد سزا خلاف اپيلن جي بحاليءَ لاءِ 23 آڪٽوبر تي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي