شير ته ٻلـِي نڪتو، عوام مهانگائي ليگ جو چهرو ڏسي ورتو: بلاول ڀٽو زرداري

0
199
شير ته ٻلـِي نڪتو، عوام مهانگائي ليگ جو چهرو ڏسي ورتو: بلاول ڀٽو زرداري
شير ته ٻلـِي نڪتو، عوام مهانگائي ليگ جو چهرو ڏسي ورتو: بلاول ڀٽو زرداري

دير بالا: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شير ته ٻلـِي نڪتو، عوام مهانگائي ليگ جو چهرو ڏسي ورتو

ديربالا ۾ جيالن کي خطاب دوران پ پ چيئرمين چيو آهي ته عوام هڪ موقعو ڏئي، خيبر پختونخواه ۽ پاڪستان جي قسمت بدلائي ڇڏينداسين

هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت ٺهڻ وقت ارادو هو ته اتحاد سان ملڪي مسئلن کي منهن ڏنو ويندو، هڪٻئي پويان وزير هجڻ باوجود معاشي حالتون خراب ٿينديون ويون

بلاول چيو ته ڏکيائين مان نڪرڻ لاءِ پراڻي سياست کي ڇڏڻو پوندو، مسئلو اسان جي سياستدان جو پاڻ ۾ جهيڙي جو آهي

بلاول چيو ته لاهور جي سياستدانن جو مسئلو آهي ته نه پاڻ کيڏن ٿا ۽ نه وري ٻين کي کيڏڻ ڏين ٿا، اسٽيبلشمينٽ چيو هو ته اسان هاڻي سياست ۾ مداخلت نه ڪنداسين، پ پ اسٽيبلشمينٽ جي بيان جي آجيان ڪئي هئي

بلاول وڌيڪ چيو ته خبر ناهي ته اسان جي بزرگ سياستدانن جا ڪهڙا ارادا آهن، پراڻن سياستدانن سياسي مخالفت کي ذاتي دشمني ۾ بدلائي ڇڏيو آهي

پ پ چيئرمين چيو ته عوام مونکي ووٽ ڏئي مان خيبرپختونخواهه ۽ پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندس

هن کي به پڙهندا

بلاول کي سندس ٻولي ۽ لهجي ۾ جواب ڏيڻ نٿا چاهيون: راڻا ثناءُ الله

فضل الرحمان پاران نون ليگ سان گڏجي چونڊون وڙهڻ جو اعلان

نواز ۽ بلاول گڏجي حڪومت ٺاهيندا، اليڪشن وقت عمران کي آزاد ڪيو وڃي: مخدوم جميل الزمان