نگران وزير اعظم انوار الحق چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جون چونڊون منهنجي نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ دير جو شڪار ٿي ويون هيون
هن چيو ته آرٽيڪل 254۾ چيو ويو آهي ته ڪو ڪم دير سان ٿيڻ ڪري غير آئيني نٿو ٿي سگهي، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ نگران سرڪار نه پر اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي، ملڪ ۾ هن وقت عبوري جمهوريت آهي، جمهوريت مستحڪم ناهي
لاهور ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان ملڪ جو سرمايو آهن، درست فيصلا اوهان جي ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن هوندا آهن
هن کي به پڙهندا
چونڊون وقت تي ٿينديون، شفاف اليڪشن يقيني بڻائينداسين: چيف اليڪشن ڪمشنر