بلوچستان ۾ پنجابي مزدورن کي قتل ڪيو پيو وڃي: سرفراز بگٽي

0
210

نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ بندش پيل تنظيمون دهشتگرد اسڪواڊ هلائي رهيون آهن، بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جهڙيون تنظيمون بلوچستان ۾ پنجابي مزدورن کي قتل ڪري رهيون آهن، صوبي ۾ سئو سالن کان رهندڙ ماڻهن کي لڏپلاڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي

سينيٽ اجلاس کي بريفنگ دوران سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ سرگرم ڊيٿ اسڪواڊز خلاف سيڪيورٽي فورسز پاران ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي، انهن ڊيٿ اسڪواڊز جي اڳواڻي ڪير ٿو ڪري؟

هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، جڏهن پارليامينٽ مڪمل ٿي وڃي ته پوءِ گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي بحث ڪيو وڃي