چونڊون وقت تي ٿينديون، شفاف اليڪشن يقيني بڻائينداسين: چيف اليڪشن ڪمشنر

0
200
چونڊون وقت تي ٿينديون، شفاف اليڪشن يقيني بڻائينداسين: چيف اليڪشن ڪمشنر
چونڊون وقت تي ٿينديون، شفاف اليڪشن يقيني بڻائينداسين: چيف اليڪشن ڪمشنر

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون، 30 نومبر تائين تڪبندين جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، سڀني کي گڏجي شفاف چونڊون يقيني بڻائڻيون آهن

چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ گڏيل اجلاس دوران چيو ويو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، سڀني کي گڏجي اليڪشن کي شفاف بڻائڻو پوندو

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي چئني صوبائي ميمبرز ۽ پنجاب ڪابينا ميمبرز شرڪت ڪئي، عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي انتظامن ۽ پنجاب حڪومت جي تيارين جو جائزو ورتو ويو

اجلاس ۾ عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي انتظامن تي بريفنگ به ڏني وئي، پنجاب جي نگران سرڪار پاران چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن سان ڪوآرڊينيشن لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته پنجاب حڪومت پاران عام چونڊن لاءِ ڪيل انتظامن مان مطمئن آهيون، سڀني کي گڏجي اليڪشن کي شفاف بڻائڻو آهي، ان جي لاءِ اليڪشن ڪميشن تيار آهي

هي به پڙهندا

عدليه قانونسازي جو جائزو ڪڏهن وٺي سگهي ٿي؟ جسٽس منصور علي شاهه جو اختلافي نوٽ