حيدرآباد (بيورو رپورٽ) چمبڙ پوليس مال پڙيءَ ۾ پکين جي غيرقانوني وڪري خلاف ڪارروائي ڪندڙ وائيلڊ لائيف کاتي جي ٽيم تي ڏمرجي پئي، پوليس وائيلڊ لائيف کاتي جي ٻن انسپيڪٽرز سوڌو 5 عملدارن کي گرفتار ڪري ڇڏيو آھي.
گرفتار ٿيلن ۾ انسپيڪٽر اعجاز نوداڻي، انسپيڪٽر خدا ڏنو شاهه، غلام علي ڇلگري، طالب حاجاڻو ۽ مدن لال شامل، پوليس سرڪاري گاڏيون به تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.
وائيلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته مال پڙي ۾ پکين جي غيرقانوني وڪري خلاف ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران پکي هٿ ڪيا پر جوابدار فرار ٿي ويا، چمبڙ پوليس عملدارن کي گرفتار ڪري زيادتي ڪئي آهي.
ياد رھي تھ چمبڙ ۾ وائيلڊ لائف کاتي پاران غير قانوني طور وڪرو ٿيندڙ پکين خلاف ڪاروائي ڪري 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
وائيلڊ لائف انسپيڪٽر اعجاز نونداڻي جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد انسپيڪٽر سيد خداڏنو شاهه، ٽنڊوالهيار ۽ مٽياري جي عملدارن ڪاروائي ڪئي وئي.
ڪاروائي دوران هڪ جوڙي مور، هڪ جوڙي تتر، هڪ جوڙي ساوا رنگ جا طوطا هٿ ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ 5 ناميٽ ٻڌايا ويا آھن.
انسپيڪٽر اعجاز نونداڻي جو چوڻ آهي ته اسان وڌيڪ ڪارروائي وائيلڊ لائف او آر فوجي دفتر ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪنداسين.
جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي وائيلڊ لائف کاتي پاران ميڊيا آڏو آڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه جوابدارن کي ڇڏيو به ويو آهي.