ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت سرڪار وزيراعظم شهباز شريف کي گريٽر ٿل ڪئنال جي فيز 3 ۽ جلال پور ڪئنال جي اڏاوت تي اعتراضن کان آگاهه ڪري ڇڏيو، وزيراعظم 91ع واري ٺاهه تي عمل ڪرڻ ۽ ڪئنالن تي اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻي ماهرن، ارسا، وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي آمد دوران سنڌ حڪومت پاران کيس صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ، 91ع واري ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ توڙِ پاڻي جي کوٽ سبب صوبي ۾ بنجر بڻيل زمينن بابت آگاهي ڏني آهي. سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو وزيراعظم شهباز شريف آڏو انگ اکر پيش ڪندي چيو ته 91ع تي  ٺاهه تي عمل نه ٿيڻ  سبب سنڌ ۾ 22 لک ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، هن  چيو ته  پنجاب جي 20 لک ايڪڙ  ڀڙڀانگ زمين آباد ڪرڻ واري گريٽر ٿر ڪئنال ۽ جلال پور ڪئنال منصوبا ٺاهيا پيا وڃن، جن  جي ٺهڻ جي صورت ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڃا وڌي ويندي.  جڏهن ته ڪراچي کي پاڻي فراهمي واري منصوبي ڪي فور کي به پاڻي مهيا نه ٿي سگھندو. سنڌ حڪومت جي اهڙن خدشن  تي وزيراعظم شهباز شريف پاران سنڌ حڪومت کي خاطري ڪرائي وئي ته سنڌ جا پاڻي بابت خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ پاڻي ماهر، ارسا  توڙي وفاق ۽ سنڌ جا نمائندا شامل ڪيا ويندا، جيڪي پاڻي صورتحال ۽ رٿائن جو جائزو وٺي سنڌ جا خدشا ختم ڪندا.