22 اپريل کانپوءِ نگران حڪومت ڪي به قدم کنيا ته آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو: فواد چوڌري

0
188
نگران حڪومت ڪي به قدم کنيا
22 اپريل کانپوءِ نگران حڪومت ڪي به قدم کنيا ته آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيندو: فواد چوڌري

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي قومي اسيمبلي مان سپريم ڪورٽ خلاف منظور ڪرايل ٺهراءَ تي رڳو 42 ميمبرز جون صحيحون ٿيل آهن، ايوان 372 ميمبرز تي ٻڌل آهي، حڪومت قومي اسيمبلي مان احمقاڻو ٺهراءُ منظور ڪرايو آهي

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا به عدالتي ٺهراءُ رد ڪرڻ جو بيان جاري ڪيو هو

فواد چوڌري چيو ته ڪيترائي وزير هاڻي ڀڄي رهيا آهن، ڪجهه وزير چون ٿا ته اسان جو ان فيصلي سان ڪو تعلق نه آهي

هن وڌيڪ چيو ته  22 اپريل کانپوءِ نگران حڪومت جا سمورا قدم غير آئيني هوندا،  نگران سرڪار ڪي به قدم کنيا ته هنن تي آرٽيڪل سڪس لاڳو ٿيندو

هن کي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ جو فيصلو: وزيراعظم پاران قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب

ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن سميت 8 ڪيسز ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور