ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن سميت 8 ڪيسز ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

0
247
ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن سميت
ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن سميت 8 ڪيسز ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀڃ ڊاهه ۽ وڳوڙن سميت 8 ڪيسز ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 18 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي

 چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل 2 رڪني بينچ درخواستن تي ٻڌڻي هلائي، بيرسٽر سلمان صفدر عمران خان طرفان حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي

 سلمان صفدر چيو ته عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو پيش ٿيڻ چاهي ٿو، استدعا آهي ته عيد کانپوءِ تائين جو وقت ڏنو وڃي، عمران خان عيد کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت آڏو سرينڊر ڪندو

 عدالت اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي 8 ڪيسز ۾ 18 اپريل تائين عبوري ضمانت ۾ واڌ منظور ڪئي

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ جو فيصلو: وزيراعظم پاران قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب