ٽيڪس نه ڏيڻ تان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا سمورا اڪائونٽ منجمد

0
201
لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا سمورا اڪائونٽ منجمد
ٽيڪس نه ڏيڻ تان لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا سمورا اڪائونٽ منجمد

ايف بي آر هڪ ڪروڙ 88 لک روپيا ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا سمورا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا

اڪائونٽ منجمد ٿيڻ توڙي پگهارون ۽ پينش نه ملڻ خلاف ملازمن ريلي ڪڍي ڊي سي هائوس آڏو ڌرڻو هنيو

ملازمن پاران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا منجمد ڪيل اڪائونٽس فوري طور بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ملازمن چيو ته فوري طور پگهارون نه ڏنيون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 ايف بي آر جي اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس اظهر ڀٽو جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڏانهن ٽيڪس جي مد ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک جون رهتون رهيل آهن، ڪيترائي ڀيرا لک پڙهه باوجود جواب نه ملڻ تي اڪائونٽ سيل ڪيا ويا آهن