ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  چيو آهي ته ادبي سرگرمين لاءِ  سنڌ کان وڌيڪ بهتر پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪا  جاءِ ناھي،  صوفين جي سرزمين ۽ باب الاسلام سنڌ آھي پاڪستان جي قرارداد به سنڌ پاس ڪئي، سڄي دنيا کي ھتان ئي محبت ملي آھي. اسان وڏي ڪوشش ڪئي ته بدتميزي جي ماحول ۾ بدتميزي ڪريون پر نه ڪري سگهياسين، سٺو ڳالھائڻ ۽ سٺو سوچڻ اھو ھن ڌرتي جي مٽي ۽ پاڻي ۾ شامل آھي گذريل پندرھن سالن کان ھن صوبي جي نمائندگي ڪريون پيا، جنهن دوران ڪافي اھڙا ڪم ڪيا آهن جيڪي ٻيا صوبا ناھن ڪري سگھيا، پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين شھيد  ذوالفقار علي ڀٽو ثقافت جي وزارت شروع ڪئي ھئي ته اسين انھي کي ڪيئن ٿا ڇڏي سگھون ؟ ڪالهه ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ شروع ٿيل 15هين عالمي اردو ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ حڪومت سنڌ جي صحت کاتي پاران ڪينسر جي مريضن لاء سائبير نائيف پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان شروع ڪيو آهي، دنيا ۾ ڪٿي به ڪينسر جو  اھو علاج  مفت ناھي پر سنڌ ۾ مفت آھي. اڄ 60 ھزار ڊالر کان ھڪ لک 20 ھزار ڊالر انهي علاج تي خرچ اچي ٿو، هن چيو ته اسان گھڻو ڪجهه ناھي ڪيو پر ٽرانسپورٽ ھلائي، سنڌو درياء تي 2 پلون سنڌ حڪومت ٺاھيون ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ ٺاھيو، نه ته اھي وفاقي حڪومت ٺاھيندي آھي، هن چيو ته جيڪي اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪن ٿا اهي  اسيمبليون نه ٽوڙين ته سٺو پر جي ٽوڙين ٿاته اهو اڃا به وڌيڪ سٺو آھي، پ پ حڪومت نوان تجربا ضرور ڪندي آھي هن چيو ته نيو ڪراچي ۾ ھڪ خوبصورت عمارت ڪي ايم سي جي آھي جيڪا ڏسون ٿا ته ڪيئن استعمال ڪجي، پر آرٽس ڪائونسل کان وڌيڪ بھتر  انهي عمارت کي ڪير نٿو ھلائي سگھي. ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ  چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي پاڪستان جو حقيقي ثقافتي مرڪز آھي، سنڌ ھميشا  آرٽ ۽ ڪلا جي ڌرتي رھي آھي. سنڌ سدائين اڳواڻي ڪندي رهي آهي،  پاڪستان جي آرٽ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ ۾ موسيقي جا استاد ڀرتي ڪيا پيا وڃن، انهي جي خلاف اسمبلي ۾ ڪنهن ڪال اٽينشن تي ڳالهايو، جنهن جو مون جواب ڏنو ته پهرين ڀٽائي جو دنبورو  ۽ بلي شاھ جي ڪافي ته بند ڪرائي ڏسو، کين ٻڌايان ٿو ته ھاڻي اوھان جي ھٿن مان ھي سماج نڪري ويو آھي. اسان سنڌ ۾ ميوزڪ جا ادارا ٺاھيا آھن. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.