ڳڙھي ياسين (ن پ ا)ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا ۾ تنظيم ڪاڪيپوٽو ھٿان مارجي ويل سندس زال مومل خاتون ۽ زخمي ڀاءُ تحسين ڪاڪيپوٽو جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.پوليس موجب ھن وقت تائين ڪو به ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ نه پھتو آھي، جيئن وارث ٿاڻي تي ايندا سندن مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو جوابدار گرفتار نه ڪرڻ واري پڇيل سوال جي جواب ۾ ھن وڌيڪ چيو ته مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھي تمام جلد جوابدار قانون جي ڪٽھڙي ۾ ھوندو.