ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ منشيات جي وڪري خلاف ۽ نوجوانن کي منشيات جي نقصانن بابت شھر جي مختلف مسجدن ۾ عالمن طرفان جمعي جي خطبي ۾ آگاهي ڏني وئي، جدوجهد ڪاميٽي طرفان شھر ۾ آئس، شراب ۽ ٻئي نشي آور شين جي وڪري خلاف ھلندڙ تحريڪ جي سلسلي ۾ شھر جي مختلف مسجدن جي خطيبن سان ملاقات ڪري کين جمعي جي خطبي ۾ منشيات جي وڪري ۽ آگاھي بابت ڳالھائڻ لاءِ چيو ويو هو. ان سلسلي ۾ مولانا غلام شبير جمالي، مولانا سليم الله بروھي، مولانا مجيب الرحمان ٻٻر، مولانا فاروق لغاري طاھري ۽ ٻين عالمن چيو ته ڳڙهي خيرو ۾ منشيات تيزي سان پکڙجڻ لڳي آهي، جنهن سان نوجوان نسل جي تباهي ٿي رهي آهي، هنن چيو ته والدين کي پنهنجي اولاد تي نظر رکڻ گهرجي.