ڳيريلو (ن پ ا) ڳيريلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ محراب ڪلهوڙو ۽ ڳوٺ ڇٽو ڪلهوڙو جي ڪلهوڙا برادري جي  ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي  تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو،  فائرنگ ۾ هڪ ڌر جو ڳوٺ محراب ڪلهوڙو واسي پيرسن بهاول ڪلهوڙو زخمي ٿي پيو، جڏهن ٻئي ڌر جو ڳوٺ ڇٽو ڪلهوڙو واسي محمد صديق ڪلهوڙو پڻ زخمي ٿيو، جن کي وارثن الڳ الڳ ٿاڻي تي کڻي آيا، جتي پوليس هڪ ڌر جي زخمي بهاول جي فرياد تي خادم حسين، مختيار علي، منير احمد، محمد صالح ۽ ڏاڏو ڪلهوڙو خلاف ۽ ٻئي ڌر جي زخمي محمد صديق جي فرياد تي ولي محمد، چنيسر، ڪوڪو، ۽ شاهد علي ڪلهوڙو خلاف اين سي داخل ڪري ورتي آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڳيريلو پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جو پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيو آهي. جنهن جي  اسان وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته زخمين  کي علاج لاءِتعلقي اسپتال ڏوڪري پڻ  اماڻي ڇڏيو آهي.