ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون … ٻيا در ڏئي ٻن، تو در آيس مڱڻا

0
69
ڳالھيون ڪندي ڪاڪ جون ... ٻيا در ڏئي ٻن، تو در آيس مڱڻا

 مصر جي گائيڪا امِ ڪلثوم لاءِ مشھور آھي ته ھوءَ جڏھن ڳائيندي ھئي ته نيل ندي بيتاب ٿي ويندي ھئي، لھرون لھرن سان ٽڪرائجڻ لڳنديون ھيون ۽ انقلاب مصر جي ويڙھ دوران جمال عبدالناصر جي اپيل تي امِ ڪلٽوم ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ راڳ سان گڏ پنھنجون “فلائنگ ڪِس” کپائي ڊالر ڪمائي ناصر جي مدد ڪئي ھئي.

                 عربن کي خدا آواز جي اھڙي ڏات ڏني آھي، جو چون ٿا عربن جا قافلا جڏھن ڪنھن صحرا ۾ ٿڪي پوندا ھئا ته عرب حدي ڳائڻ شروع ڪندا ھئا. سندن آلاپ ۾ ايترو سوز و گداز ھوندو ھو، جو آسمان مان پکي تڙپي ھيٺ ڪري پوندا ھئا ۽ راھ مسافت ۾ اٺ رڙيون ڪري مري پوندا ھئا. حدي ڳائڻ جي نتيجي ۾ مرندڙ اٺن تان عرب قبيلا ھڪ ٻي سان جنگيون ڪندا ھئا. حضرت دائود ايڏي رسيلي نموني زبور پڙھندو ھئو، جو وڻ جھڪي پوندا ھئا.

                 سنڌ وطن ملان مبارڪ ۽ ٻيجل جھڙا فنڪار پيدا ڪيا، جن جي سرن تان ھڪ طرف راءِ ڏياچ جھڙن سخي حاڪمن پنھنجا سر گھور ڪيا، ٻي طرف بادشاھن جي دربارن ۾ سنگيت جي مقابلن ۾ سنڌ جا موسيقي شناس چڱن ڀلن فنڪارن کي لاجواب ڪري ڇڏيندا ھئا. ملان مبارڪ جو تانسين کي ٻڌي اھو چوڻ ته، ‘ھا مڙئي ڳائي وٺي ٿو’  ان دور جو تاريخ ساز جملو آھي. ھن وقت سنڌ ۾ اسان جو ٿر وارو ڀاڱو راڳ جي قافلي ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ان ڊگھي تسلسل ۾ ھاڻوڪي دور ۾ نوجوان راڳي رفيق فقير پنھجي ڌار شناس ٺاھي آھي. رفيق فقير کي آئون ذاتي طور سنڌ جو ھن دور جو تمام وڏو ڪلاڪار سمجھان ٿو، جيڪو سرن جي ڪائنات کي دريافت ڪري سگھي ٿو. جنھن جو آلاپ سنڌ جي باقي راڳين کان الڳ ٿلڳ آھي. ھن جي سليڪشن به باڪمال آھي. ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل سان گڏ نج عوامي راڳ کي به ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿو. گلي جا ‘اسڪلز’ به زبردست ۽ تمام گھڻا اوچا اٿس. سرن تي گرفت اٿس. بيحد مٺو ۽ رسيلو ڳائي ٿو. راڳ جون چار صنفون آھن، جيڪي ھڪ فنڪار جي سطح طئه ڪن ٿيون؛ ٺمري، خيال، غزل ۽ ڪافي. رفيق انھن چئني صنفن کي نه رڳو ڳائي ٿو پر ساڻن انصاف به ڪري ٿو. ٻي سٺي شيءَ ته پاڻ ڌنون ترتيب ڏئي ٿو ۽ اڄڪلھ نوجوان ٽھي اڪثريت سان سندس ڌنون به ڳائي ٿي ۽ کيس ‘فالو’ به ڪري ٿي. منهنجي اها خوشقسمتي، جو هو منھنجو دوست به آھي، جنھن جا ذاتي وڙ به وساري نٿو سگھان. منھجو راڳ جي حوالي سان عشق آھي. سنڌ ۾ تمام سريلا آواز پنھنجو جادو جاڳائين پيا پر جديد سنڌي شاعري ڳائڻ وارو ڪريڊٽ رفيق کي آھي، جنھن شيخ اياز، استاد بخاري کان وٺي حسن درس ۽ نور محمد ساگر تائين سنڌ جي ڏات ڌڻين جي ڪلام کي نھايت عمده نموني ڳايو آھي، آئون ته جنھن ڏينھن کيس ٻڌي ناھيان سگھندو، اندر ۾ ھڪ خلا محسوس ڪندو آھيان. مھرباني اسان جي پير مغان سائين رسول بخش درس جي، جنھن ٿر جي ھن ناياب موتي سان مکاميلو ڪرايو.

ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڀني ويھي ڀان

گھوريان لک لطيف چئي، تنھنجي قدمن تان قربان

مٿو ھي مزمان، ھلي آءُ ته ھت ڏيان.

ھو جڏھن ڳائيندو آھي ته ستارا صفبندي ڪري بيھندا آھن ۽ چندرما ڪنڌ لاڙي ڇڏيندو آھي، نديون سانت ٿي کيس ٻڌنديون آھن. ھو جڏھن “آ” ڪري سرگم کڻي پلٽو ھڻندو آھي ته ھانءُ ھٿن ۾ اچي ويندا آھن. سر سنگيت جي سدابھار سرزمين سنڌ کي رفيق فقير جھڙي ڳڻوان راڳي پٽ تي فخر آھي. راڳ جي انت بحر جي ڇيڙي نبيري جي ته واقعي به مڪمل پروڙ عمريون رياضت کي دان ڪري ڇڏيندڙ خانصاحبن ۽ مھا استادن کي به ناھي پئي پر حاضر دور ۾ سنڌي ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسڪ موسيقي رفيق فقير جي روپ ۾ ھڪڙي اھڙي آواز سان آشنا ٿي آھي، جنھن وٽ زخمي روحن تي پھا رکڻ جھڙو آرٽ آھي. اھو آواز جنھن جي سڏ پڙاڏي ۾ صديون ساھ کڻي رھيون آھن، سنڌو جي سانوڻي جي گجگوڙ، اڃايل مورن جي ٽھوڪن، دريا خان جي تلوار جي جنبش، آخوند صالح جي وڍيل زبان جي رت ڦڙن، استاد شفيع فقير جي ڊگھي تپسيا، شھيد بشير قريشي جي لھجي جي سوز و گداز گڏجي ھن سدا سھڻي راڳي جو روح تخليق ڪيو آھي، جيڪو ڳائيندو آھي ته زمينون ۽ زمانا سندس ساحرانه آلاپن جي آڏو سربسجود ٿي ويندا آھن. ھو جڏھن اياز جو آزادي لاءِ چيل ڪو گيت جڏھن ڇيڙيندو آھي ته سندس شخصيت ايتري من موھڻي ٿي ويندي آھي، جيتري مومل ان وقت ٿيندي ھئي، جڏھن ڪاڪ منڊل جي رات ۾ مئين مينڌري جي سلوڻي سار جا ديپ دکندا ھئا. رفيق فقير کي اجايو ڪنھن ايوارڊ، اعزاز، استادي يا خانصاحبي جي خطاب جي ضرورت به ناھي. سنڌ جي جوانين جي ڌڙڪن سندس سرن تي جيڪا درد جي ڌمال ھڻي ٿي، اھائي سندس فن جي معراج جو اعتراف آھي. مون جڏھن به روئڻ چاھيو آھي ته رفيق جا سچا ۽ مٺا سر مون کي پنھنجي وشال ڀاڪرن ۾ جڪڙي وٺندا آھن. آئون جڏھن روبرو کيس ٻڌندو آھيان ته پنھنجي مفلسي جو احساس ٿيندو اٿم ۽ سوچيندو آھيان ته ھن نئين دور جي ٻيجل کي ارپڻ لاءِ ھي ھڪڙو ڪنڌ ته بنھ ناڪافي آھي پر شايد آئون ان ڪري به ھي ڪنڌ کيس ڪوري نٿو ڏيان ته اسان جا سر سنڌ جي آجپي جي عشق جي امانت آھن. اھا سنڌ جنھن خوبصورت مستقبل لاءِ رفيق ۽ اسين سڀ منتظر آھيون، ان سنڌ وٽ جڏھن آزادي جي حسين ديوي رنگ رتول کڻي ايندي ۽ اسين ان جي قدمن ۾ پنھنجا سر سڪن جئين اڇلي ڏينداسين ته رفيق جو راڳ اسان جي مٽيءَ مٿان قومي ترانو ٿي گونجندو ۽ ان ۾ جڏھن: “تنھنجي مٽيءَ منجھ ملان مان، شال امرتا پايان” واري سٽ ايندي ته رفيق جي گلي جو غم اسان جي روحن کي ابدي سڪون جو سنديس ڏيندو.

آرٽ قوم جو متحرڪ شعور ھوندو آھي. فنڪار تاريخ جو ھڪ ذميوار فرد ھوندو آھي. جيڪو آرٽسٽ پئسي کي فن تي فوقيت ڏيندو آھي، ان جي راڳ مان روح مري ويندو آھي، رڳو وڃي يخي بچندي آھي. فن عظمت آھي. راڳداري پرستش آھي. ديس جي رڙ شاعري ۽ راڳ مان اڇلون کائيندي آھي. رفيق فقير اھو سڀ سمجھي ٿو، ان ڪري وٽس جماليات جي حس وافر مقدار ۾ آھي. ڀلي راڳي، با اخلاق دوست، پيار ڪندڙ شخص وارين خاصيتن اسان جي ھن امر آواز کي سدائين مڃتا جا رابيل آڇيا آھن.

فنڪار ڌرتي جي ديوتائن جي دعائن سان پيدا ٿيندا آھن. ڀاڳڀريون ۽ سھاڳڻيون آھن اھي سرزمينون، جتان سرن جا سمنڊ ڦٽي ڪائنات جي ڪنڊ ڪنڊ کي سيراب ڪندا آھن. ٿر موجوده دور ۾ راڳ جي ڏيھ ۾ زرخيز ۽ مالا مال خطو آھي، جتان اڀرندڙ آوازن ڪيترن ئي ڪٺور دلين کي سجده ريز ٿيڻ تي مجبور ڪيو آھي. ٿرياڻي امڙين جي گودڙي مان جيڪي گل نڪتا آھن، انھن مان رفيق فقير جو روپ سروپ جدا آھي. ھن جي ڳائيڪي جا پنھنجا رنگ آھن، پنھنجا ڍنگ اٿس ۽ صفا بنھ جدا رستو آھي. ھن فقير جو فطرت ۽ سنڌ جي سدا بھار سڳنڌ سان واسيل ھي ماڻھو اسان جي روح جو راڻو آھي، جنھن جي آلاپن تي ڪڏھن ڪڏھن ته ھٿ ۾ جھليل سگريٽ مڪمل سڙي ڇار ٿي ڪري ويندو آھي پر وقت جو احساس ناھي رھندو. مون کان ساھ کڻڻ جي مشق به وسري ويندي آھي. ھوڏانھن ھو “آ” ڪندو آھي، ھيڏانھن ڪٺل دليون ھٿن ۾ اچي وينديون آھن. ھن وٽ سنگيت جي ساڃاھ ۽ سرت آھي. ان ڪري سمورا سنگيت پريمي سندس سرن جي ساک ڀرين ٿا. اسان جو لاڏلو دوست اخلاق سان سرشار پيار ڪندڙ سنڌو جي روايتن جو امين به آھي. سندس ان وڏ ماڻھائپ جي ڪري اسين ساڻس بي حد پيار به ڪريون ٿا. شال ھو مشتري ستاري جيتري عمر ماڻي ۽ اسين تاريخ جي خوني چنبن ۾ ڦاٿل ماڻھو سندس ان عمر مان فيض حاصل ڪندا رھون.

سندس جنم اسان لاءِ خوشي جو سبب آھي. آئون امرڪوٽ جي ان زمين جي ٽڪري کي سلام ٿو ڪريان، جنھن جي خمير مان رچي نڪتل رفيق فقير اسان کي مليو. ھن سدائين ائين ڳايو آھي، جئين تيز مينھن ۾ پھاڙن تان گڙگاٽ ڪندڙ آبشار جو پاڻي ھيٺ ندي ۾ لھندو آھي. رفيق ھن دور جي درد جو راڳي آھي، جيڪو زندگي جي پوري آب تاب سان سر ڦھلائيندو آھي. شايد ئي ڪو بي شناس ھجي، جيڪو سندس سر جي ڪيفيت کي دل جي رڳن ۾ محسوس نه ڪندو ھجي. اسان جھڙا رمتا ماڻھو ته رفيق جي آلاپن آڏو سجدا ريز ھوندا آھن. شال سندس سنگيت جو سحر ھميشه اسان جي حواسن تي حاوي رھي. ھو ڳائيندو آھي، اسين زخمي روحن جي مرھم پٽي ڪندا آھيون.  سرن کي سليقي سان سنڀالي ۽ پوري گرفت سان ڳائڻ رفيق فقير جي خاص سڃاڻپ آھي. آواز جيترو مٺو، انداز اوترو وڻندڙ. جيڪڏھن روايتي فرمائشي محفلن کان ھٽي ڪري کيس ٻڌجي ته رات اک ڇنڀ م گذري وڃي، سنگيت پريمين کي ڍئو نه ٿي سگھندو. غزل ڳائڻ بنھ مشڪل آھي، ٺمري بندش ۽ خيال ان کان به مشڪل پر شفيع فقير جھڙي گروءَ جي گيان ۽ پنھنجي لاڳيتي رياضت رفيق کي مٿي کڻي اچي بيھاريو آھي. ان اسٽيج تي ئي فنڪار جي فن جو معراج ظاھر ٿيندو آھي. سنڌي موسيقي جي جديد بيھڪ ۾ ٿر پنھجي سمورين حسناڪين سان ظاھر ظھور ٿيو بيٺو آھي. ان تسلسل ۾ ئي رفيق جو ڳاڻيٽو مٿانھين منزل تي ٿئي ٿو. اسين پنھنجي فنڪارن سان پيار ڪندڙ قوم آھيون. فنڪار قومن جي منفرد شناخت جو سبب بڻجندا آھن. رفيق فقير اسان جو ورثو آھي. آئون منجھانئس اھا ااميد رکندس ته ھو اڃا راڳ کي وڌيڪ نوان رنگ بخشيندو.