ملڪ ۾ سياست جا رنگ!

0
76
ملڪ ۾ سياست جا رنگ!

 مارڪسزم موجب ‘سياست’ ڪڏهن به منفي نه پر سدائين مثبت علم رهيو آهي. ها، اها ٻي ڳالهه ته سياست ڪندڙن جي نيت ۽ عمل ڪهڙا آهن؟ ان ڳالهه کي اڃا به سؤلي سنڌيءَ ۾ هن طرح بيان ڪبو ته، ‘جهڙي ريت، تهڙي مراد’.                 مطلب ته جهڙيون حالتون هونديون، نتيجا به اهڙا ئي ايندا. سماج جو هر ٻيون ماڻهو، جيڪڏهن ڪرپشن کي پنهنجي مطلب لاءِ استعمال ڪري، وري ان تي ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي ته پوءِ ان معاشري جا اڳواڻ يقينن اهڙا ئي پيدا ٿيندا.

                 يقين ڪريو، ماڻهو، آسمان مان ناهن لاٿا ويندا، پر هو زمين مان ڦٽندا آهن. زمين مان نڪتل ماڻهو، اهي ئي حرڪتون ڪندو، جيڪي هن جي آس پاس ۾ موجود آهن، يا هو پنهنجي ڀرپاسي ۾ ڏسي ٿو. انهن سڀني حالتن ۾ جيڪڏهن ڪا غير معمولي ليڊرشپ نه ٿي اڀري، تيسيتائين حالتن جي تبديلي محض خواب جيان هوندي آهي، پر ان سڄي مرحلي ۾ ان غير معمولي قيادت کي نهايت خبرداريءَ سان، ٻين لفظن ۾ سوچي سمجهي قدم کڻڻا پوندا آهن. ان جي ٿوري غلطي به سڄي سماج جي هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳي قباحت ۾ يا ان کان به وڌيڪ شدت جي اسڪيل تي آڻي سگهي ٿي. ان کي هڪ تصور آهي ته فقط انقلاب آڻڻ ڪافي ناهي، پر ان کي برقرار رکڻ لاءِ پهري جو بندوبست به اڳي ئي ڪرڻ گهرجي. تاريخ ۾ ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن مان انقلاب فرانس جو مثال سڀ کان مٿانهون آهي. انقلاب کانپوءِ ميڪسيلن رابسفئير جهڙي ريت فرينچ سوسائٽي ۾ تمام وڏيون تبديليون آنديون، اتي هن انقلاب کي برقرار رکڻ لاءِ وڏا ۽ سخت قدم پڻ کنيا. هن جي مٿان الزام آهي ته هر ان شخص کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، جيڪو انقلاب جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍندو هو. فرانس جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ رابسفئير جو نالو مٿانهون آهي، هن وقت به پيرس ۾ هن جي نالي سان ڪيتريون ئي جايون منسوب آهن. فرانس جا ماڻهو هن جي عزت ڪندا آهن، پر اهو ساڳيو ئي رابسفئير هو، جنهن جي مٿان 20 هزار ماڻهن کي مارائڻ جو الزام پڻ آهي. ان سڄي ڳالهه جو حاصل مطلب ته اڳواڻ جو فرض نه فقط تبديلي آڻڻ هوندو آهي، پر ان تبديلي کي قائم رکڻ لاءِ قدم پڻ کڻڻا هوندا آهن. جيڪڏهن اهو انهن ۾ ناڪام وڃي ٿو ته معاملو وڌيڪ بگڙي ويندو ۽ نتيجا وڌيڪ ڀيانڪ صورت اختيار ڪندا. ان سڄي معاملي ۾ سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته هو سدائين زميني حقيقتن کي معروضي تجزين جي مٿان فوقيت ڏين. جيڪڏهن ان مامري ۾ هنن کان ٿوري به چُڪ ٿي ته پوءِ حالتون ڪنهن جي به وس ۾ ناهن رهنديون.

پاڪستان هي تاريخ ۾ سال 1970ع، 1977ع ۽ 1980ع ملڪ جي زميني حقيقتن کي وسارڻ جا ورهيه آهن. سال 1970ع ۾ عام اليڪشن جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويو، 1977ع واري سال ملڪ جو آئين ٽوڙيو ويو. 1980ع جي ورهيه ۾ ملڪ جي ليڊرشپ پاڻ کي هڪ اهڙي جنگ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جا نتيجا اڄ به ڦري ڦري اڳيان اچن پيا. جي، مان افغان وار جي ڳالهه ڪريان پيو. اهي ته ٽي وڏا سال ۽ انهن سان سلهاڙيل مامرا هئا، جي کي اڄ به ڀوڳيون پيا ۽ اهي جيڪي ضمني صورتن ۾ جاري آهن. سال 2013ع جي چونڊن ۾ کٽي آيل پارٽيءَ جي سربراه ۽ وزير اعظم کي ساڍن ٽن سالن جي اندر هٽائي تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو. معاملو فقط نااهليءَ تائين محدود نه رهيو، پر هن کي سزا ٻڌائي جيل ڀيڙو پڻ ڪيو ويو، تان جو همراهه کي اندورني طور ٺاهه ڪري ٻاهر وڃڻو پيو. جيل ڪاٽڻ ڪو سؤلو آهي ڇا؟ سڀ نيلسن منڊيلا يا ذوالفقار علي ڀٽو ته نه ٿا ٿي سگهن! خير، 2018ع ۾ نواز شريف جي جاءِ تي نئين شخص ۽ نئين پارٽيءَ کي اهو چئي آندو ويو ته ملڪ جون ٻئي پارٽيون هاڻي ديس هلائڻ جي لائق ناهن رهيون! پر ٿيو ڇا؟ 2018ع ۾ ايندڙ نئون ڪپتان به انهن جي اميدن تي پورو نه لٿو، هن وقت سؤ کان مٿي ڪيسن ۾ جيل ڪاٽي رهيو آهي. جن ماڻهن کي اشارن سان ڪپتان جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو هو، هاڻي ساڳيا ماڻهو ساڳين اشارن سان پارٽي ڇڏي رهيا آهن. نه فقط پارٽيءَ کي ڇڏين پيا، پر ان کي ملڪ لاءِ مهلڪ ۽ نقصانڪار پڻ قرار ڏين پيا. وري سال 2013ع واري اڳواڻ جي مٿي تي شفقت جو هٿ آهي. هو ڪهڙي ريت سرڪاري پروٽوڪول ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي جماعت کي منظم ڪري پيو، اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي. اهو ڪهڙو نه عجب آهي ته جيڪو ڪالهه تائين سزا يافته ڏوهاري هو، واپسيءَ ۾ نه جيل جو در ڏٺائين. نه ڪنهن ڪورٽ جي سامهون پيش ٿيو، هن وقت هو رياست جي اک جو تارو بڻيل آهي. هن سڄي مرحلي ۾ ملڪ جي احتسابي نظام جي هڪ جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي. نه فقط ايترو پر مستقبل جي تصوير به سامهون آهي ته هن ملڪ جا سگهارا ادارا ڇا مان ڇا ڪري سگهن ٿا! سمجهي سگهجي ٿو ته هن ملڪ ۾ اهي معاملا اڃا ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهندا.

پاڻ حال جي احوال تي اچون ته اليڪشن جي حوالي سان سياسي جماعتن باضابطه طور مختلف حلقن ۾ اميدوارن جو اعلان ته ناهي ڪيو، البته چونڊ جلسن جي شروعات ٿي چڪي آهي. جنوري جي اڌ کان اهو سلسلو زور وٺندو. سياسي نعرن، دعوائن ۽ واعدن جا مينار بيهاريا ويندا. هن سڄي سلسلي ۾ هڪ ڳالهه جيڪا نئين نظر اچي ٿي. اها پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اهو بيانيو آهي ته، “بزرگن کي سياست کان الڳ ٿي، آرام ڪرڻ گهرجي، هو هاڻي مدرسن ۾ ٻارن کي پڙهائين!” بظاهر ته اهي اشارا چوٿين ڀيري وزير اعظم ٿيڻ جي تاڪ ۾ ويٺل نواز شريف ڏانهن آهي، پر لڪل لفظن ۾ هو پنهنجي والد آصف زرداريءَ کي به چئي رهيو آهي! جواب ۾آصف زرداري به بلاول کي تجربو نه هجڻ جو طعنو هنيو. ممڪن آهي ته اهڙي قسم جا طعنا تنڪا مستقبل ۾ به ٻڌڻ ۾ اچن. هڪ طعنو ته نواز ليگ جي طرفان پي ٽي آءِ جي نئين چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان کي ڏنو ته هن جي چونڊ فراڊ کانسواءِ ڪجهه نه هو. هيءَ ٽوڪ ان پارٽيءَ جي طرفان ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻيءَ لاءِ شريف خاندان کان ٻاهر ڪو ماڻهو نظر نه ايندو آهي. انهن ڳالهين تي بس ڪجهه وقت لاءِ مسڪرائي عجب ئي ڪري سگهجي ٿو. اهو پڻ ته هن ملڪ ۾ سياست جا ڪهڙا ڪهڙا رنگ آهن.