گول مانيءَ جھڙو چنڊ

0
254
گول مانيءَ جھڙو چنڊ

 بي بي سيءَ سميت اڃان تائين ڪنھن بھ اداري ان موضوع تي تحقيق نھ ڪئي آھي تھ عام طور تي دنيا پر خاص طور تي ننڍي کنڊ ۾ گول ماني ڇو پچائي ويندي آھي؟

                 پنڊيءَ ۾ يا پليٽ ۾ رکيل مانيءَ جي صورت ڪھڙي بھ ٿي سگھي ٿي. مانيءَ جو مقصد تھ پيٽ ڀرڻ آھي. پر پاڪستان کان وٺي بنگلاديش ۽ ڀارت تائين گول مانيءَ جو رواج ڇو پيدا ٿيو؟ ۽ اڄ سوڌو اھا ڳالھھ ايتري اھم ڇو آھي جو مانيءَ کي گول ئي ھجڻ گھرجي. افغانستان ۾ تندور وارن دڪانن جي آڏو ٽنگيل نان ڪڪڙ جي آني جھڙا ھوندا آھن پر بيضوي روپ بھ تھ گول جي ئي ھڪ صورت آھي. مغربي دنيا ۾ تھ ماني يا چپاتي يا نان جو رواج نھ رھيو آھي. اتي گھڻو ڪري ڊبل روٽي واپرائي ويندي آھي. اھا اڪثر چوڪور روپ ۾ نظر ايندي آھي. پر برصغير جي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ گول مانيءَ جو دستور ايترو تھ اھم آھي جيتري اھم مانيءَ جو وجود ھجي ٿو.

                 ڇا گول ماني پيٽ ڀرڻ کان اڳ ۾ اکين جي بک گھٽائيندي آھي؟ ان ۾ ڪو شڪ نھ ھجڻ گھرجي تھ صرف پائڻ ۾ نھ پر کائڻ ۾ بھ انسان جماليات جي پھلوءَ کي مدنظر رکيو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ دنيا جا وڏا وڏا شيف (Chefs) برتن ۾ کاڌو ان انداز سان پيش ڪندا آھن جو اھو انسانن جي اکين کي پسند اچي. آخر اھا شيءَ بي سبب تھ ناھي جو مھمان جي آڏو سلاد بھ ان ترتيب سان ڪٽي پيش ڪيو ويندو آھي جو اھو ڏسڻ ۾ سٺو لڳي.

ھڪ ڀيري مانجھاندو ڪندي منھنجي دوست ۽ سنڌ جي سٻاجھي دانشور عبدالواحد آريسر چيو ھو تھ “اعجاز! ڇا تو ڪڏھن ان تي سوچيو آھي تھ سنڌي عورت ايتري سھڻي گول ماني ڪيئن ويليندي آھي؟” ان سوال تي مون ان وقت تھ نھ سوچيو ھو پر ھن وقت ضرور سوچي رھيو آھيان. پر گول مانيءَ جو دائرو صرف سنڌ تائين محدود تھ ناھي. اھو تھ پاڪستان ۽ ڀارت جي بورچيخانن جو سڀ کان اھم ۽ بنيادي سوال آھي. جيڪڏھن گول مانيءَ جي اھميت نھ ھجي ھا تھ “يوٽيوب” تي گول ماني ٺاھڻ کان ايترا گھڻا وڊيوز ڇو موجود ھجن ھا؟ جيڪڏھن گول ماني ڏکڻ ايشيا جو مسئلو نھ ھجي ھا تھ پوءِ گول ماني ٺاھڻ جن مشينون وجود ۾ ڇو آنديون وڃن ھا؟ اڄ بھ انٽرنيٽ تي نت نيون ايجادون متعارف ٿين ٿيون ۽ کاڌي جي سلسلي ۾ موجد“گول ماني” مٿان اصرار ڪنھن بھ طرح سان گھٽائڻ لاءِ تيار نظر نھ ٿا اچن.

مانيءَ يا چپاتيءَ يا روٽيءَ جي گول ھجڻ جي ايتري گھڻي اھميت ڏسندي اڪثر تھ ايئن بھ محسوس ٿيندو آھي تھ ڄڻ ماني گول نھ ھوندي تھ ماڻھوءَ جو پيٽ نھ ڀريندي! جڏھن تھ مانيءَ جو مھانڊو يا روٽيءَ جو روپ ڪھڙو بھ ٿي سگھي ٿو. ھا گول بھ ٿي سگھي ٿي تھ چوڪنڊي بھ ٿي سگھي ٿي. اھا جيڪڏھن ٽڪنڊي بھ ھجي تھ ڪھڙو فرق پوندو يا اھا دنيا جي ملڪن جي نقشن وانگر الڳ الڳ شڪل صورت واري ھجي بھ تھ ڇا؟ پر گول مانيءَ جي سلسلي ۾ اسان تھ ڪڏھن بھ سمجھوتو ٿيندي نھ ڏٺو آھي. ڇا اھا ڳالھھ عجيب ناھي تھ ان عورت کي تيستائين سگھڙ نھ سمجھيو ويندو آھي، جيستائين ھن جي پڪل ماني گول نھ ھجي. گول ماني ھن وقت بھ گھر جي ڪچن ۾ ڪم ڪندڙ مردن جو سڀ کان مکيھ ۽ مھان مسئلو رھيو آھي. پر ايئن ڇو آھي؟ ان باري ۾ ھن مھل تائين ڪا تحقيق ڇو نھ ڪئي وئي آھي؟

گول مانيءَ جي سوال جو تھ “گوگل” وٽ بھ ڪو  مطمئن ڪندڙ جواب ناھي ۽ نھ وري ھن مھل تائين لکن ۾ “لائڪس” حاصل ڪندڙ شيف ان سلسلي ۾ ڪو مناسب جواب ڏئي سگھيا آھن. جڏھن تھ ھو پاڻ بھ مانيءَ جي گول پچائڻ جي باري ۾ ڪا نھ ڪا اٽڪل شيئر ڪن ٿا. پر ان سوال جو جواب انھن وٽ بھ مشڪل ئي ھجي تھ اوڀر ۾ آخر ماني گول ئي ڇو پچائي ۽ پسند ڪئي ويندي آھي.

ڇا مانيءَ جي گولائي کي ڪنھن مضمون، ڪالم يا آرٽيڪل جو موضوع بڻائي سگھجي ٿو؟ ھي مغربي ميڊيا تھ ناھي، جنھن ۾ ھر موضوع تي لکڻ وارا ڪالم نگار ھوندا آھن. گلن کان وٺي گنز (Guns) تائين ۽ بيوٽي ٽپس (Beauty Tips) کان وٺي جديد بمن تائين ھر موضوع جا ڪالم نويس الڳ الڳ ھجن ٿا. پر اسان ماڻھو جيڪي ھن مھل تائين ڳڀي جي ڳولا ۾ سرگردان آھيون، اسان ايتري عياشي افورڊ ڪرڻ جو تھ سوچي بھ نھ ٿا سگھون. اسان ھن ڏکي ۽ بکي دور ۾ جيڪڏھن ڪنھن گولائيءَ جي باري ۾ سوچيون بھ ٿا تھ اھا گولائي ڪنھن لال پڙي جي گردش نھ پر ان مانيءَ جي آھي، جنھن کي اسان ڪنھن نھ ڪنھن صورت ۾ ياد ڪريون ٿا.

عربي ٻوليءَ جي عظيم اديب ۽ رومانوي فلسفي خليل جبران لکيو آھي تھ “ياد رکڻ بھ ھڪ قسم جي ملاقات آھي” پر اڄ “ڀڳل کنڀڙاٽين” جي مصنف کان معافي وٺندي ان اختلاف اٿارڻ جي جرئت ڪرڻ لاءِ جيءُ ٿو چوي تھ“جبران! ھر ياد ملاقات نھ ھوندي آھي” جيڪڏھن ھر ياد ملاقات جيان ھجي ھا تھ مانيءَ کي ياد ڪرڻ وارا اسان جا مٽيءَ ھاڻا سنڌي ماڻھو گھٽ ۾ گھٽ بک سبب ڏيل ڏٻرا ڪري نھ ھلن ھا. ڪنھن جي بھ سار سٺي آھي پر سورن جي سار تھ انسان جو اندر اجاڙي ڇڏيندي آھي. ساڳي طرح سان جڏھن ھڪ بکئي ماڻھوءَ کي مانيءَ جي ياد ايندي آھي، تڏھن ھن جي آنڊن ۾ وڍ پوڻ لڳندا آھن. اھو  ئي سبب آھي تھ ڪنھن مھاتما جو قول آھي تھ “اھو انسان ئي ناھي، جنھن جي گھر جي ٿانون تي آواز تي ھن جي بکئي پاڙيسريءَ کي ننڊ نھ اچي.”

بک جو عذاب تمام شديد ھوندو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ لطيف پنھونءَ لاءِ پھاڙن ۾ ڀٽڪندڙ سسئيءَ جي سڪ جي شدت بيان ڪندي اھي لفظ لکيا ھئا تھ:

“مون کي بک بوتن جي

ناڪي ڀانيان نانُ”

يعني مون کي اٺ ڏسڻ جي بک لڳي آھي ۽ مون لاءِ ڏاچي ڪنھن نان وانگر آھي.

اھا بک جيڪا ھاڻي سنڌ جھڙي سکي سرزمين کي ڪنھن وبا وانگر وڪوڙي رھي آھي. جڏھن تھ سنڌ تاريخي طور تي انھن ماڳن مان رھي آھي، جتي مڇي مانيءَ جو ڪو بھ بحران پيدا نھ ٿيندو ھو. سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنھن بھ اھڙي قحط جو ڪو تذڪرو ناھي، جنھن سبب انسان اجل جو شڪار ٿيا ھجن. سنڌ جھڙن ديسن جي اھا ساڃاھه تھ دنيا جي عظيم سائنسي مفڪر ڪارل مارڪس کي بھ ايشيا جي پيداواري طريقي تي ڪجھھ الڳ طرح سان لکڻ لاءِ مجبور ڪيو ھو. جڏھن مارڪس کان پڇيو ويو ھو تھ “ھندوستان ۾ ارتقاءَ جو سفر ايئن ڇو نھ ٿيو آھي، جيئن تنھنجن ڪتابن ۾ آھي؟” تڏھن ھن لکيو ھو تھ “ھندوستان جا اڪثر علائقا کاڌي پيتي ۽ موسم جي حوالي سان پاڻ ڀرا ۽ متوازن رھيا آھن. انھن مٿان ايترو عذاب ئي نھ آيو آھي جو ھو ڪنھن وڏي شيءَ لاءِ پتوڙين.” سنڌ جو اھو سڀاڳ ھو تھ اھا پنھنجن ٻچن جو پيٽ پاڻ ڀري سگھندي ھئي. سنڌي ماڻھن پوري تاريخ ۾ موھن جي دڙي کان وٺي مھاٻوڏ تائين ڪڏھن بھ پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻين جا ٻچا نھ ڪٺا. پر ان پارٽيءَ جي حڪومت سنڌي ماڻھن کي ويلا ڪٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، جنھن پارٽيءَ جو منشور “مانيءَ” سان شروع ٿئي ٿو.

جي ھا! جنھن پارٽيءَ ڪالھھ تائين “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” جا نعرا ٿي ھنيا، اڄ ان پارٽيءَ جي دور حڪومت ۾ غريب ماڻھن لاءِ ماني مسئلو بڻجي وئي آھي. جڏھن تھ ان پارٽيءَ کي وفاق وانگر ڪجھھ مھينن کان اقتدار نھ مليو آھي. پر اھا پارٽي گذريل 15 سالن کان وٺي مڪمل ۽ غيرمشروط اقتدار جي مالڪ آھي. اھو اقتدار جنھن جي مٿان 18ھين ترميم جو پاڇو بھ پيل آھي. ان پارٽيءَ جي حڪومت پنھنجي برسات جي پاڻيءَ ۾ پنھنجن ماڻھن کي ٻوڙيو. اھا ٻوڏ جنھن مٿان الزام ٿو عائد ڪيو وڃي تھ آسمان مان ڪري رھي ھئي، جيڪڏھن ان پاڻيءَ کي صرف رستو ملي ھا تھ ڇا اھا ايتري تباھيءَ جو سبب بڻجي ھا؟

اھا برساتي ٻوڏ جنھن ۾ سنڌي ماڻھن جا اھي اجھا لڙھي ويا، جيڪي انھن جي لڄ لڪائي ويٺل ھئا. ڪالھھ سنڌي ماڻھن جا گھر تڙ ٻڏي ويا. انھن جا مڪان محفوظ نھ رھيا ۽ اڄ انھن وٽ ماني ڳڀو ناھي. سنڌ سرڪار “روٽي، ڪپڙو ۽ مڪان” ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو يا کسڻ جو؟

سنڌ جا ماڻھو ھن حڪومت جي مھربانيءَ سان پنھنجا اجھا وڃائي ويٺا آھن ۽ ھاڻي اٽو مھانگو ٿيڻ سبب انھن لاءِ ماني مھانگي ٿي وئي آھي. اھڙي صورت ۾ انھن جي انگن مٿان صرف لٽن جون ليڙون بچيون آھن. جيڪڏھن ھن حڪومت پنھنجي جمھوري ادا سان سنڌ جي ماڻھن جو ستر بھ ڦري ورتو تھ پوءِ ھي ننگي بکي قوم ڪاڏي ويندي؟ سنڌ ۾ تھ ھاڻي ٻيلا بھ باقي نھ بچيا آھن جو ارتقاءَ جي ابتي ڦيٿي ڦرڻ سبب سنڌ جا ماڻھو وري وڻن جو سھارو وٺن.

ھي وڻ ڪٿان اچي ويا؟ اسان جو موضوع تھ ماني ھئي ۽ اھا بھ گول ماني! اھا گول ماني ڌرتيءَ جي گولائيءَ سبب وجود ۾ نھ آئي ھئي. پر ڇا جڏھن صبح ۽ شام جو اڀرندڙ ۽ لھندڙ سج انسانن جي اکين ۾ پنھنجا پھريان ۽ پويان شعاع ڇڏڻ لڳو ھو، تڏھن اوڀر جي انسانن کي گول مانيءَ ٺاھڻ جو خيال آيو ھو؟

ڪٿي ايئن تھ ڪونھي جو چنڊ جي ٽڪ ۾ ڪڏھن پاڻ کي تھ ڪڏھن پنھنجي پيار کي پسندڙ نارين گول ماني جوڙڻ جو فن ان آسمان مان سکيو، جنھن ۾ ڪڏھن ستارن جا مچ ٻرندا ھئا. ڇا گول مانيءَ جو تصور چنڊ مان آيو آھي؟

مان ان سوال جو جواب تصور جي ترھي تي تري بھ نھ ٿو ڏئي سگھان. مون کي معلوم ناھي تھ ھند ۽ سنڌ جي نارين مانيءَ ڇا سوچي گول ويلي؟ پر مون کي اھو معلوم آھي تھ جڏھن بھ آسمان تي پورو چنڊ اڀرڻ لڳندو آھي، تڏھن ان جو روپ تئي تان لٿل تازي مانيءَ جھڙو ھوندو آھي.

ان مانيءَ جھڙي گول مول چنڊ مٿان دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي اچ وڃ آسان ٿيندي پئي وڃي. چين تھ ان چنڊ مٿان پک پچائڻ جون تياريون ڪري رھيو آھي.

ھڪ طرف آسمان جو چنڊ آسودن ملڪن لاءِ مانيءَ جھڙو سولو ٿي پيو آھي ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ماڻھن لاءِ گول ماني چنڊ جيان مشڪل ۽ دور دور ٿي رھي آھي.

چنڊ کي ڏسي گول ماني ياد ڪرڻ وارن ٿري ٻارڙن تي اياز لکيو ھو:

“آ گدري جي ڦار امان

اڄ پورو ناھي چنڊ

اسان کي بک بھ ڏاڍي آ”

ھن وقت سنڌ جنھن بک جي ڏک کي منھن ڏئي رھي آھي، اھا تھ گول مانيءَ جو مطالبو بھ نھ ٿي ڪري. سنڌ کي جيڪڏھن گدري جي ڦار جھڙو مانيءَ جو ڪنو بھ مليو تھ اھا ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪندي. ڇو تھ پيٽ ڀرڻ لاءِ پوري چنڊ جھڙي گول مانيءَ جو ھجڻ ضروري ناھي. اسان جي ماڻھن کي اڌ مانيءَ جھڙو اڌورو چنڊ بھ مليو تھ اھو بک جو ڏک گھٽائڻ لاءِ ڪافي ھوندو.