دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اتفاق راءِ

0
195
يونيورسٽين جو مالي بار رڳو شاگردن تي ڇو؟

 ڪو به ملڪ يا خطو  تيستائين اڳتي نه ٿو وڌي سگهي جيستائين اتي سياسي عدم استحڪام موجود آهي يا وري دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي، تنهن ڪري هن وقت دنيا ۾ جيڪي به ملڪ ترقي ڪري اڳتي وڌيا آهن انهن پنهنجي ملڪ ۾ سياسي يا نظام جي تسلسل کي برقرار رکيو آهي ۽ پنهنجون پوريون توانائيون امن امان قائم ڪرڻ تي خرچ ڪيون جنهن کانپوءِ اهي ملڪ ۽ عام ماڻهن جي مسئلن تي ڌيان ڏئي حل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ پهتا.ملڪ کي جيڪي هن وقت ٻه وڏا مسئلا درپيش آهن انهن مان هڪ معاشي مسئلو آهي ۽ ٻيو دهشتگردي جي وڌندڙ لهر آهي جيڪي ملڪ جي مستقبل تي اثر انداز ٿي سگهن ٿا.جيڪڏهن انهن ٻنهي مسئلن کي حل ڪرڻو آهي ته  وقت تي ڪا حڪمت عملي يا درست فيصلا  ڪرڻ سان گڏ  اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي.ملڪ ۾ ڪيتري وقت کان وٺي سياسي استحڪام ۽ اتفاق راءِ نه هجڻ سبب معاشي مسئلا ته ڪر کڻي رهيا آهن پر هاڻي ته دهشتگردي جي لهر به شروع ٿي چڪي آهي جنهن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ماحول خراب ٿي رهيو آهي.

ملڪ جي معاشي حالت ۽ دهشتگردي جي وڌندڙ لهر تي هر ڌر پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي،حڪومت چاهي ٿي ته مخالف ڌر سياسي مسئلن کي پاسي تي رکي معاشي مسئلن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ويهي جڏهن ته مخالف ڌر وري انهن مسئلن جو حل نين عام چونڊن کي سمجهي ٿي جنهن ڪري ٻنهي ڌرين ۾ ڪو اتفاق نه ٿو ٿئي. اسٽيبلشمينٽ ڪجهه وقت کان پاڻ کي غير سياسي قرار ڏئي ان کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر معاشي مسئلن ۽ دهشتگردي جي وڌندڙ لهر کان ته اها پاڻ کي پري نه ٿي ڪري سگهي تنهن ڪري انهي کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي راءِ رکي ٿي. ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان نيول اڪيڊمي ڪراچي ۾ 118 هين مڊشپ مين ۽ 26هين شارٽ سروس ڪميشن جي پريڊ ٿي، جنهن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. پريڊ کي خطاب ڪندي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان هن وقت انتهائي اهم موڙ مان گذري رهيو آهي ۽ ان لاءِ معيشت ۽ دهشتگردي جي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي.هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اسٽيڪ هولڊر عوام آهي جڏهن ته سياسي ڌريون اهي توڙي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ انهن جو ڪم آهي ته اهي اهڙا فيصلا ڪن جنهن سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي ۽ عوام جي زندگي ۾ مالي مشڪلاتون ختم ٿين. جيڪڏهن سياسي ڌريون گڏجي ويهي فيصلا ڪنديون ته انهن تي ادارن کان عمل ڪرائڻ آسان هوندو ڇاڪاڻ ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سڀني کان سپريم آهي ۽ عوام جن ماڻهن کي چونڊي پارليامينٽ موڪلي ٿو اهي پاليسيون ۽ فيصلا ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا جڏهن ته انهن فيصلن ۽ پاليسين تي عمل ڪرڻ لاءِ ادارا آئيني طور پابند هوندا آهن.هن وقت ملڪ جنهن معاشي حالتن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي ان کي حل ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي جنهن جو اظهار آرمي چيف به ڪيو آهي ته ملڪ انتهائي  نازڪ موڙ تان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت فيصلي ڪرڻ جو به وقت آهي ۽ جيڪڏهن ڪو به فيصلو اتفاق راءِ سان ٿئي ٿو ته مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي.

اسان سمجهون ٿا ته جڏهن ادارن پنهنجي غير سياسي هجڻ جو اعلان ڪيو آهي ته هاڻي سياسي ڌرين جو به امتحان آهي ته اهي پاڻ ۾ ويهي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ فيصلا ڪن، خاص ڪري دهشتگردي ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪن ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي مسئلا ملڪ جي مسقتبل سان ڳنڍيل آهن.تنهن ڪري سياسي ڌرين کي پنهنجي سياسي اختلافن کي پاسيرو رکي ملڪي مفاد ۽ مستقبل لاءِ معاشي ۽دهشتگردي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪري عوام کي اهو نياپو ڏيڻو پوندو ته اهي ملڪ  ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجا سياسي اختلاف وساري گڏ ويهي سگهن ٿا .