اوٻاوڙو(ن پ ا) گھوٽڪي ضلعي جي واهن جي ڊي سلٽنگ لاءِ 2 ڪروڙ 32 لک رپين جي منظوري باوجود گهوٽڪي فيڊر مان نڪرندڙ واھن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿي سگھي، آبادگار سراپا  احتجاج، فنڊز جي استعمال جي شفاف انڪوائري جو مطالبو. آبادگارن غلام رسول فاروقي، عمران رند، منظور احمد، رياض، حاجي ڪريم بخش ڇڄڻ، عبدالواحد ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته گهوٽڪيءَ جا آبپاشي عملدار واهن جي صفائي ۽ کاٽيءَ لاءِ  منظور ٿيل 2 ڪروڙ 32 لک رپيا ھڙپ ڪري ويا آهن. ڪامورن واھن جي کاٽيءَ لاءِ آيل رقم ڪم مڪمل ڄاڻائي فرضي نالن تي خرد برد ڪري ڇڏي آهي.