ڪوٽڙي (رپورٽر)  ڪوٽڙي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ جسقم، قومي عوامي تحريڪ، ادبي سنگت، سگا سميت سياسي، سماجي اڳواڻن، اُستادن اديبن پاران گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ويو ته نوجوان شهيد الهجوڙيو ملاح جا قاتل اڃان گرفتار ٿي نه سگهيا آهن. جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، مقتول نوجوان جي پيءُ محمد ملاح، قومي عوامي تحريڪ جي صدر مقصود جهتيال، سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي اختر رند، گرينڊ الائنس جي صدر مولائي نوح کوسو، پپپلز پارٽي ٻولهاڙي صدر نياز ڪابورو، سگا ڪوٽڙي صدر عبدﷲ بروهي، گسٽا اڳواڻ سڪندر کوسو، رشيد شورو، جسقم اڳواڻ خالق مهراڻ، سرور ابڙو ۽ ٻين چيو ته 5 نومبر تي ڪوٽڙي راسواھ موري درگاھ ٻڍل شاھ کان ڪوٽڙي جي الله واري چوڪ تائين پيادل مارچ ۽ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، پريس ڪانفرنس ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته ڪارو کهو ۾ پي پي ايڇ آءِ هاسپيٽل جي سيڪورٽي گارڊ الهجوڙيو ملاح کي ڊيوٽي دوران رات جو قتل ڪري قاتل آساني سان ڳوٺ مان فرار ٿي ويا هيا، 8 مهينا گذري ويا آهن پر قاتلن جو ڪو به پتو ناهي، پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آهي، ايس ايس پي ڄامشورو هن معاملي جو نوٽيس وٺي، نوجوان جي قتل جا قاتل گرفتار ڪري، ڪوٽڙي شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي، هنن چيو ته 5 نومبر تي ٿيندڙ احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.