ڪوٽڙي: چور اڍائي ڪلاڪن تائين آرام سان چوري ڪندو رهيو: سي سي ٽي وي فوٽيجز پڌرا

0
381

ڪوٽڙي:ڪوٽڙي ٿاڻي جي لڳ جنرل اسٽور مان ٿيل چوري جي سي سي ٽي وي وڊيو سامهون اچي وئي. چور دڪان ۾ گهڙي اڍائي ڪلاڪن تائين چوري ڪندو رهيو. چور دڪان جي ڇت ۾ لڳل پکو کولي پگهر ۾ پسيل قميص لاهي سڪائي ۽ آرام سان چوري ڪندو رهيو. ٿاڻي جي ٿوري مفاصلي تي ڪوٽڙي جي مک چوڪ وٽ قائم جنرل اسٽور مان چور روڪ رقم، ۽ 8 لک رپين جو سامان چوري ڪري ويو. ڪوٽڙي شهر جي المدينه چوڪ لڳ المدينه جنرل اسٽور مان رات جو دير سان اڻڄاتل چور جنرل اسٽور جي دري ٽوڙي اسٽور اندر داخل ٿيو هو. اسٽور ۾ موجود 4،80،000 روڪ رقم، پرفيوم سگريٽ
سميت ٻيو ڪيترو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويو. چوري جي رپورٽ ڪوٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي، پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.