ڪوٽلي لائنز اوور سيز واريئرز کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
229

مظفر آباد(اسپورٽس نيوز) ڪشمير پريميئر ليگ(ڪي پي ايل) جي هڪ وڌيڪ ميچ ۾ ڪوٽلي لائنز اوور سيز واريئرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ ۾ ڪوٽلي لائنز اوورسيز واريئرز خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. اوورسيز واريئرز مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنز اسڪور ڪيون ۽ ڪوٽلي لائنز کي ڪاميابي لاءِ 212 رنز جو هدف ڏنو. واريئرز طرفان حيدر علي، ناصر نواز ۽ اعظم خان تيز رفتار اننگز کيڏندي ففٽيز مڪمل ڪيون. جواب ۾ ڪوٽلي لائنز جنيد، ڪامران، احسن ۽ آصف جي بهترين پرفارمنس جي ڪري ميچ 19هين اوور ۾ کٽي ورتي. ان کان اڳ اوورسيز واريئرز راولا ڪوٽ هاڪس کي برسات متاثر ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني، ميچ جو فيصلو ڊڪ ورٿ لوئس قانون تحت ڪيو ويو.