ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي بعد پابندين ۾ نرمي جو اعلان

0
268
اين سي او سي جو اجلاس

اسلام آباد: اين سي او سي ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ گهٽتائي کانپوءِ پابنديون نرم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اين سي او سي جو اجلاس نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو ،

جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ڪورونا صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهم فيصلا ڪيا ويا.اين سي او سي جي مطابق ، سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا 16 سيپٽمبر کان کوليا ويندا ، جن ۾ 50 سيڪڙو حاضري ۽ متبادل ڏينهن جا ڪلاس هوندا.

اين سي او سي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ، ڪورونا وائرس پکيڙيندڙ ضلعن کانسواءِ سڄي ملڪ جون مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون ،

جڏهن ته 12 وڳي تائين انڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، ويڪسين ٿيل 200 ماڻهن سان ان ڊور تقريبن جي اجازت هوندي ۽ 400 ماڻحن سان آئوٽ ڊور تقريبن جي اجازت هوندي.نوٽيفڪيشن موجب ، سينما بند رهندا ، ڪراٽي ، باڪسنگ ، ڪٻڊي ۽ واٽر اسپورٽس تي پابنديون برقرار رهنديون پر 50 سيڪڙو گنجائش وارا جم ويڪسين ٿيل ماڻهن لاءِ کليل رهندا.

.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽرينون 70 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلنديون جڏهن ته ٻاهرين ملڪن مان پاڪستان اچڻ وارن لاءِ سفري پاليسي برقرار رکي ويندي.